لڳائي هٿ
(هي افسانو خوشباش بي اي جي ترتيب ڏنل فلم ايڪٽر سين جي افسانن جي ڪتاب “افسانه لکهه رهي هون” تان ورتل آهي. جيڪو شمع بوڪ ڊپو دهلي 1951 ۾ ڇپايو.)
“ڇوڪرا”
“جي سائين”
“برف کڻي اچ”
“اڙي ڇوڪرا”
“جي سائين”
“هڪڙي چانهه کڻي اچ”
“حاضر سائين”
“پر هوءَ ته سليم سان محبت ڪندي آهي”.
“اڙي ادا هوءَ پوڙهي شراب جي پُڙي آهي. پُڙي ايتري مڪار آهي جو آسمان کي باهه لڳائي ڇڏي، توکي ته وچ بازار ۾ وڪڻي ڇڏي ۽ خبر به نه پوي ته گهڻي وڪاڻين”.
“برف کڻي اچڻ لاءِ چيو هئم”.
“هاڻي ٿو کڻي اچان”.
“اسان کي جلدي جلدي چانهن پيئڻ کپي، نه ته گاڏي نڪري ويندي”.
“پر آئون ته ڪولڊ ڪافي پيئندس”.
“ٺيڪ آهي، ٻه ڪپ آئس ڪريم جا ٻيا کڻي اچ”.
…ٻيا!
هوٽل ۾ خوب رونق هئي. هوٽل اُها به شمله جي مال روڊ تي، چئني طرف هڪ خاص رونق نظر اچي رهي هئي. منهنجي سامهون ٽي ڪرسيون خالي هيون. اُهي به ڪارين ميمُن ڀري ڇڏيون هيون. اُهي ٽئي ڪاريون هيون. هو خود به ڪاريون هيون ۽ هنن جا هٿ، اکيون ۽ وار به ڪارا هئا، پر وارن ۾ سفيد ربن، وات ۾ سفيد ڏند ۽ بدن تي سفيد لباس، هو ڪنهن اسپتال جون نرسون معلوم ٿي رهيون هيون. نگاهن ۾ بي باڪي ۽ جسم ۾ تناءُ، ڳالهين ۾ تيزي ۽ هر ڪم ۾ ڦڙتي.
“ڇوڪرا” ٽنهي ڄڻن هڪ آواز ٿي سڏ ڪيو.
“جي سائين” شايد بيري جو اهو تڪيو ڪلام هو.
“منهنجون نگاهون اُنهن سياهه و سفيد ڇوڪرين تان ترڪنديون ڪائونٽر جي ويجهو هڪڙي ميز تي ويٺل وڏين مُڇن واري شخص تي کُپي ويون. هو مونکي ڪيتري دير کان تڪي رهيو هو”.
“منهنجو ٿرماس کڻي اچ”.
“آيو سائين”.
“منهنجو ٿرماس” آئون سوچڻ لڳس
“ڇا هي هُن جو ذاتي ٿرماس آهي”.
“منهنجي اخبار کڻي ڏي”.
ڇوڪري هندستان ٽائيمز سامهون رکي. مون کي ائين لڳو گويا هوٽل جو مالڪ هي ئي آهي. مون هن ڏي وري ڏٺو هُو مون کي مسلسل گهوري رهيو هو.
منهنجي دل چاهيو ته اُٿي وڃي هُن جو ڳٿڙ پڪڙيان ۽ چوانس “ميان مونکي ائين ڇو گهوري رهيو آهين، آخر مون توهان جو ڪهڙو نقصان ڪيو آهي، ڪو چور سمجهيو آهي ڇا توهان مون کي؟”
مون اڃان سوچيو ئي پئي ته هو اُٿيو ۽ منهنجي ويجهو اچي چيو “معاف ڪجو آئون اگر ڀُليو نه آهيان ته اوهان پرٿوي مَلڪ آهيو؟”
“واقعي اوهان جو خيال صحيح آهي”. مون چيو ۽ پهرين کان وڌيڪ غور سان ڏسڻ لڳس، مون اڃان تائين هُن کي ڪونه سڃاتو هو.
“ڏيو خبر هتي ڪيئن آيا آهيو، شمله پسند آيو؟ ڪيترا ڏينهن هتي رهڻ جو پروگرام آهي؟”
هن منهنجي پاسي ۾ ويهي هڪ ئي وقت ڪئين سوال ڪيا
“آئون ڪنهن ماڻهوءَ جي تلاش ۾ هتي آيو آهيان”.
“واقعي شمله پهاڙن جي راڻي آهي. غالبن ٻه ٽي ڏينهن هتي رهڻ جو ارادو آهي”. مون هُن جي سوالن جا جواب ڏنا، پر اڃان تائين اِهو معلوم نه ڪري سگهيس ته هو ڪير آهي.
مون پنهنجي دماغ تي ڪافي زور ڏنو.
“گهڻو ڪري اوهان مونکي سڃاتو ناهي مسٽر پرٿوي مَلڪ؟”
“جي نه” آئون اڃان به سوچي رهيو هئس.
“منهنجو نالو لال آهي. ڇا پنهنجي لنگوٽيي يار “لالو” کي نٿو سڃاڻين؟”
اسڪول ۽ ڪاليج جي حسين زندگيءَ جا نقشا منهنجي اکين جي آڏو اچي ويا. حميده سان عشق، ڪملا سان ڇيڙ ڇاڙ، ببو سان ياراڻو، مائي جيوان سان واقفيت ۽ ٽانگي وارن سان دوستي. هي سڀ ڳالهيون مونکي هڪ هڪ ٿي ياد اچڻ لڳيون ۽ سنهڙو سيپڪڙو لالو منهنجي اکين جي سامهون هلندي گهمندي نظر اچڻ لڳو.
“اوهه لالو” يار ڪيترو بدلجي ويو آهين، مون ته توکي سڃاتو ئي ڪونه. ڏي خبر ڪهڙو ڪم پيو ڪرين، وڏا ٺٺ لڳا پيا اٿئي، هي ريشمي سوٽ، ولائتي نيڪٽائيون ۽ هي ايوننگ اِن پيرس جي سينٽ، واهه واهه معيار تمام بلند رکيو اٿئي”. هاڻي ته مون لالوءَ سان خوب زور سان هٿ ملايو.
“ڪم ڪار!” لالوءَ مڇن تي هٿ ڦيريندي چيو هي سڄو سلسلو جيڪو هن هوٽل ۾ توهان کي نظر اچي رهيو آهي، هن بندي جي دم سان آهي، توهان جي غلام جي قدمن تي دولت جي ديوي نڇاور ٿي ويئي آهي. جيڏانهن ٿو ڏسان دولت سلامي ڏيندي نظر پئي اچي”.
مون پراڻي بي تڪلفي کي ڪم ۾ آڻيندي چيو “پر دوست ايترا پئسا آندئي ڪٿان، ڪو ڌاڙو هنيو اٿئي يا ڪنهن بينڪ جي خزانچيءَ سان ياري اٿئي”.
“اڙي ڀاءُ اڄ ڪلهه ته پوري شمله سان ياري آهي”. هن هڪڙو ڊگهو ڪش هڻندي چيو “وڏا وڏا آفيسر هن غلام جي سامهون ڪنڌ جهڪائيندا آهن”.
“اسان کي به ڪو اهڙو جادو سيکار نه، ٻيو نه سهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو ئي پيٽ ڀري سگهون”. مون دليريءَ سان چيو.
“اڙي يار توکان ڪهڙو پردو، سڀ ڪجهه ٻڌائيندس، پر اهو ته ٻڌائي ته هاڻي خيالات بدلايا اٿئي يا اڃان ساڳيو آهين”. هن ٿورو ويجهو ٿيندي چيو
“اڙي يار جذبات ئي هاڻي پيدا ٿيا آهن، پهرين ته نوجوان هئس هاڻي جوان آهيان، مڪمل جوان” مون سيني تي هٿ هڻندي چيو.
“واهه واهه” هُن پڇيو “شادي ڪئي اٿئي يا نه؟”
“اڙي عقل جا انڌا جيڪڏهن شادي ٿي وڃي ها ته ڇا شمله جي هوٽلن تي مٿو ڦاڙائڻ اچان ها، ڪالهه کان هوٽلن جا چڪر پيو هڻان پر اڃان تائين مطلب ۽ ڪم جي ڪا هوٽل ناهي ملي”. مون چيو.
هُن اکين کي ڇنڀيو ۽ گهوريندڙ نظرن سان ڏسندي چيو “چڱو ٿيو تون ڪنوارو آهين. اڙي يار توکي خوب سير ڪرائيندس”.
“پر…”
مون اڃان ڪجهه چوڻ ئي ٿي چاهيو ته هُن گهڙي ۾ وقت ڏسندي چيو “اوهه! معاف ڪجو مونکي هن وقت ڪنهن سان ملڻو آهي. اوهان رات جو يارهين بجي اسپيشل فليٽ تي اچجو. هي منهنجو ڪارڊ آهي، هي ڏيکاري توهان آساني سان مون سان ملي سگهندئو”.
“ٺيڪ آهي.” مون چيو “آئون ضرور اچڻ جي ڪوشش ڪندس.” پر اهو ته ٻڌائي ته تنهنجي شادي ٿي ويئي آهي؟
“ڪافي اڳ” هن چيو “چار ٻار به آهن ڀولڙي جي ٻارن جهڙا، خير جڏهن رات جو ايندين ته ڏيکاريندس. ٺيڪ آهي هاڻي مونکي اجازت ڏيو.”
“رات جو اچڻ نه وسارجئين” هُن منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو.
“ضرور فڪر نه ڪر”. مون چيو ۽ هو شاهانه شان سان روانو ٿي ويو.
مون هوٽل جو بل ادا ڪرڻ لاءِ کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ ويٽر کي آرڊر ڏنو ته “بل کڻي اچ”. هو ٿوري دير کان پوءِ واپس موٽيو ۽ چيائين ته لال بادشاهه بل نه وٺڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.
آئون اُتان اٿيس ۽ رات جو انتظار ڪرڻ لڳس. هڪ هڪ پل سال محسوس ٿيڻ لڳو. مون جلدي جلدي ڪم ختم ڪيو. مال روڊ جو هڪ چڪر لڳايو، پر اُهو مال روڊ جنهن تي چوويهه ئي ڪلاڪ گهمڻ تي دل چاهيندي هئي ويران لڳو.
ها ته نو ٿي ويا آهن، آئون وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳس. لڳ ڀڳ ڏهين بجي هوٽل تي پهتس، ويٽر کي پنهنجو ڪارڊ ڏنو ۽ هن مونکي هڪ ڪُلف ڏنل ڪمري تي پهچايو ۽ چوڻ لڳو “لال بادشاهه پوري يارهين بجي ايندو. اوهان انتظار ڪريو”.
آئون هڪ صوفي تي ويهي رهيس ۽ ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳس. ايترو خوبصورت ۽ پُرتڪلف ڪمرو مون اڄ تائين نه ڏٺو هو. سامهون ديوار تي هڪڙي نهايت ئي خوبصورت پينٽنگ لڳل هئي. فنڪار هڪ دريا جو ڪنارو پينٽ ڪيو هو جنهن ۾ ڪيتريون ئي دوشيزائون وهنجڻ جي تياري ڪري رهيون هيون. ٻه ٽي ته پاڻيءَ ۾ داخل ٿي چڪيون هيون. هڪڙيءَ جي بريزر لاهيندي ٻانهن ۾ اٽڪي پئي هئي، هڪڙي پنهنجي هٿن سان پنهنجو پاڻ کي ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي. ٽي ڇوڪريون ته بلڪل اگهاڙيون پيش ڪيون ويون هيون، جيڪي وهنجڻ لاءِ بلڪل تيار هيون. دريا تي ڪنهن مرد جو نالو نشان به ڏيکاريل ڪونه هو. شايد هي ڪنارو عورتن لاءِ مخصوص هو ۽ اهو ئي سبب هو جو حسن و جمال جا هي ٽڪرا ايترو آزادي سان وهنجي رهيا هئا، ڇوڪريون هڪ ٻئي سان انگل ڪري رهيو هيون.
مون هن پينٽنگ کي ويجهو وڃي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بعد ۾ مونکي پنهنجي حماقت تي کل اچڻ لڳي ۽ آئون دل ئي دل ۾ مسڪرائڻ لڳس.
ڪمري جي ٻين ڀتين تي به ڪئين تصويرون ٽنگيل هيون. قد آدم تصويرون به هيون.
“جُواري جي زال” “پهريون تير”، “سلامِ محبت”، “چلمن”، ۽ “شبِ وصل” نالي واريون تصويرون ايتريون دلڪش ۽ دل آويز هيون جو باوجود ڪيترا دفعه ڏسڻ جي دل نه پئي ڀري.
هنن شين جو چڱي طرح جائزو وٺڻ کانپوءِ فرش ۽ فروش کي خوب ڏسڻ کانپوءِ دريءَ جي طرف متوجهه ٿيس. هيءَ دري هڪ باغ جي طرف کلي ٿي، آئون ڪافي دير باغ جو نظارو ڪندو رهيس.
ٿوري دير کانپوءِ مون کي پري کان ٻه حسين و جميل ڇوڪريون اينديون نظر آيون. گويا چنڊ جا ٻه ٽڪرا ڪڪرن مان نڪري زمين جي طرف اچي رهيا هجن، ڪجهه دير کانپوءِ اُهي گلن جي وچ ۾ غائب ٿي ويون.
“هيلو پرٿوي ملڪ توهان پهرين ئي اچي ويا آهيو”
هن جي آواز منهنجي خيالن جي سلسلي ۽ نظارن جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيو. مون مڙي ڏٺو ته لالو منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو بيٺو هو.
“ڪيئن نه اچان ها؟” مون چيو ۽ اچانڪ منهنجي نظر هنن ٽن نهايت ئي فيشن ايبل ۽ آزاد خيال ڇوڪرين تي پئي، جيڪي لالو سان گڏ هيون. مونکي ڏسي هو ٽئي جوانڙيون مسڪرائڻ لڳيون ۽ هٿ جي اشاري سان سلام ڪيو.
مون به جواب ڏنو ۽ مسٽر لالو جي طرف ڏٺو. اُنهن سان گڏ ئي هڪ ٿلهي عورت به بيٺي هئي. پر گهڻي ميڪ اپ هُن کي به ڇوڪري ٺاهي ڇڏيو هو. هوءَ به مون کي ڏسي مسڪرائي رهي هئي. هن جي اکين ۾ هڪ طرح جي آوارگي بي باڪي جهلڪي رهي هئي. لالوءَ مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هُن عورت ۽ ڇوڪرين جي طرف اشارو ڪندي چيو “دوست! مون پنهنجو ڪاروبار صرف هن سرمائي سان شروع ڪيو ۽ هاڻي انهن جي ڪري ئي دولت منهنجا قدم چمي رهي آهي، هي منهنجي زال ۽ ٽي ساليون آهن”
سڀئي مسڪرائي رهيا هئا. لالو وري چيو “ڏي خبر مال ڪيئن آهي؟ لڳائي هٿ”
آئون خاموش هئس ۽ لالوءَ مونکي ڇڪيندي چيو “هل مون سان گڏ ۽ ڏس هن غلام جا هٿ، اُهو مزو ايندئي جو زندگي ڀر نه وساريندين”
آئون هُن سان گڏ هليس منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي، ديوار تي هلندڙ سايا ٻڌائي رهيا هئا ته ٽن ڇوڪرين مان هڪ اسانجي پٺيان اچي رهي هئي ۽ ٻه اُتي ئي رهجي ويون.