علامه محمد اقبال مسلمانن جو قومي شاعر، امت جي فڪر جو روشن چراغ ۽ روحانيت جو ترجمان، پنهنجي سڄي فڪري ۽ شعري زندگيءَ جو مرڪز عشقِ رسول ﷺ کي بڻايو. اقبالؒ جي فڪر جو سرچشمو عشقِ محمد ﷺ آهي، ڇو ته هو سمجھندو هو ته دنيا جي هر علم هر فلسفي ۽ هر ترقيءَ جو اصل روح صرف ۽ صرف محبتِ رسول ﷺ ۾ لڪيل آهي. اقبالؒ پنهنجي شاعريءَ ۾ بار بار چوي ٿو ته جيڪڏهن دل ۾ عشقِ رسول ﷺ نه هجي ته ايمان بي روح جسم وانگر آهي. سندس مشهور شعر آهي ته:
“ڪي محمد سي وفا تُو ني تو هم تيري هين،
يه جھان چيز هي ڪيا، لوح و قلم تيري هين۔”
هي شعر علامه محمد اقبال جي عقيدت ۽ وفاداريءَ جو نهايت اتم اظهار آهي. هو صرف شاعر نه، پر هڪ عاشقِ رسول ﷺ هو جنهن پنهنجي هر فڪر کي حضور ﷺ جن جي عشق سان سينگاريو، سندس خيال ۾ مسلمان جي سڃاڻپ ئي عشقِ رسول ﷺ سان ممڪن آهي. علامه اقبال مسلمانن جي دلين ۾ عشقِ رسول ﷺ بيدار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جڏهن مسلمانن جو روح گمراهي جي اونهي کڏ ۾ سمهي چڪو هو ۽ پنهنجي حقيقي اصليت وڃائي چڪو هو ته ان وقت الله پاڪ 9 نومبر 1877ع ڌاري هڪ سج روشن ڪيو، جنهن جي روشني اولهه کان اوڀر تائين پکڙجي وئي ۽ مسلمانن جو ستل روح جاڳي پيو ۽ انهن جي دلين ۾ عشقِ رسول جو جذبو جاڳايو، جنهن گمراهن کي الله پاڪ جي هن فرمان “نبي ڪريم مومنن کي سندن جانين کان وڌيڪ عزيز آهي.” (الاحزاب) جي يادگيري ڏياري ۽ حڪيم الامت جو لقب ماڻيو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال عشقِ رسول کي پنهنجي زندگي جو انمول سرمايو قرار ڏئي ٿو ڇو ته رسول الله ﷺ جي محبت کانسواءِ سڀ ڪجھ بيڪار آهي. پنهنجي هڪ شعر ۾ ان ڳالھ تي ڌيان ڏياريو آهي ته:
“شوق تيرا اگر نه هو ميري نماز ڪا امام،
ميرا قيام ڀي بي حجاب ميرا سجود ڀي بي حجاب”
علامه محمد اقبال جي هڪ فارسي شعر جو مفهوم آهي ته: “عشق ڪامل ھوندو آھي ۽ عقل ناقص ھوندو آھي، پر رسولِ خدا ﷺ ٻنهي پاسن کان مڪمل آهن، پاڻ ڪريم ﷺ الله پاڪ جي ذات جا عاشق به آهن ته خود وري معشوق به آهن، مگر ابو لهب عقل پرست هو، ڇو ته حقيقت ان جي سامهون هئي، پر ان جو قلب نابين هو جو ان صرف دنيا جي باري ۾ سوچيو هو!! جڏهن ته عشق خاص الخاص ماڻهن جو مقام آهي. علامه محمد اقبال هڪ ٻئي شعر ۾ فرمايو آهي ته:
“تيرا جوهر هي نوري، پاڪ هي تو،
فروغِ ديده افلاڪ هي تو”
حديث شريف جو ترجمو آهي ته “جنهن کي مولا ملي ويو اهو مالڪ ٿي ويو.”
علامه محمد اقبال حضور اڪرم کي سڀ ڪجهه قرار ڏئي فرمائي ٿو ته:
“لوح ڀي تو قلم ڀي تو،
تيرا وجود الڪتاب،
گنبدِ آبگينه رنگ تيري محيط مين حباب.”
نبي ڪريم جي عظمت ۽ بزرگي جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي، پاڻ ڪريم جن جو فرمان عاليشان آهي ته: “مان رحمٰن جو آئينو آهيان.”
سبحان الله… ڇا شان آ اُنَ ذاتِ اقدس جو جنهن جي ڪري هِنَ دنيا کي وجود مليو جو پاڻ ڪريم ﷺ سڀني نبين جا امام آهن. سرڪارِ دو عالم ﷺ جي عظمت ۽ رفعت جي باري ۾ رموزِ بيخودي ۾ اقبال فرمائي ٿو ته:
ترجمو: حضور اڪرم جي پاڪ ذات اها آهي جيڪا سڀني نبين جي اکين جو سرمو آهي ۽ سندن ﷺ اڳيان هر ننڍين ۽ وڏي شين جا راز کلن ٿا حضور اڪرم ئي اسان سڀني جو رهنما آهي ۽ بادشاهن جا تخت ۽ تاج منهنجي آقا جي قدمن جي خاڪ مثل به نه آهي، اسان کي جيڪو ڪجهه به عطا ٿيو آهي اهو سندن جي طفيل ئي آهي. مثال طور:
“گرمئي هنگامه بدر و حنين،
حيدر و صديق و فاروق حسين.”
علامه محمد اقبال فرمائي ٿو ته، ترجمو: “مان جڏهن نبي ڪريم ﷺ تي درود و سلام پڙهندو آهيان ته منهنجو وجود شرم کان پاڻي پاڻي ٿي وڃي ٿو”، عشق چوي ٿو ته، “اي غير جا غلام! تنهنجو سينو ته بتن جي ڪري بت خانو بڻجي ويو آهي جيسين تون حضور اڪرم جي اخلاقِ حسنه جي رنگَ ۽ تقليد جي خوشبوءِ اختيار نٿو ڪرين تيسين تون نبي ڪريم تي درود نه پڙھ.”
علامه محمد اقبال پنهنجي گذاريل اڳوڻي زندگي تي افسوس ڪندي پنهنجي والده ڪريم بيبي کي 8 ڊسمبر 1919ع تي خط لکي چيو هو ته: “مسلمانن جي بهترين تلوار دعا آهي ان ڪري دعا کان ڪم ورتو وڃي ۽ هر وقت نبي ڪريم ﷺ تي درود شريف پڙهڻ گهرجي ته جيئن ان کي دربارِ نبي ۾ عظيم مقام حاصل ٿئي.” حديث شريف ۾ آهي ته “جيڪو شخص مون تي سڀ کان وڌيڪ درود شريف پڙهندو قيامت جي ڏينهن اهو منهنجي وڌيڪ ويجهو هوندو.”
جنوري 1920ع ۾ علامه محمد اقبال کي هڪ نامعلوم خط مليو جنهن ۾ لکيل هو ته: “رسول اللہ ﷺ جي درٻار ۾ تنهنجي خاص جڳهه آهي جنهن جي توکي خبر ناهي جيڪڏهن تون فلاڻو وظيفو پڙهين ته توکي خبر پئجي ويندي.”
اهو وظيفو به اُنَ خط ۾ لکيل هو، پر علامه محمد اقبال اُنَ خطَ تي ڪا توجهه نه ڏني ۽ اهو سندس اکين کان اوجهل ٿي ويو. ان واقعي کان تقريبن 4 مهينن کانپوءِ علامه محمد اقبال سان هڪ ٻيو واقعو پيش آيو جيڪو پاڻ پنهنجي والد صاحب شيخ نور محمد کي 23 اپريل 1920ع تي خط ۾ بيان ڪيو ته: “اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪشمير مان هڪ پيرزادو مون سان ملڻ آيو اُنَ جي عمر تقريبن 35 سال هئي، شڪل ۽ صورت مان مون کي شريف ٿي لڳو ۽ گفتگو مان هوشيار ۽ چالاڪ لکيل پڙهيل نظر ٿي آيو اهو مون کي ڏسي زارو قطار روئڻ لڳو، مون سمجهيو ته هو شايد ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل آهي يا ڪنهن سخت ضرورت واري شيءِ جي حاجت اَٿَس سو مون اُنَ کي چيو ته اگر توھان کي ڪنهن مدد جي طلب آهي ته هي فقير حاضر آهي، پر اُنَ جواب ڏنو ته نه مون کي اوھان جي ڪنهن مدد جي ضرورت ناهي، پر مون تي الله ڪريم جو وڏو فضل و ڪرم آهي منهنجي بزرگن الله پاڪ جي ملازمت ڪئي ۽ مان انهن جي پينشن پيو کاوان، منهنجي روئڻ جو سبب ڏک نه، پر خوشي آهي، منهنجي ڳوٺ جو نالو توگام آهي جيڪو سري نگر جي ويجهو آهي ۽ مون ڪشف واري ڪيفيت ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي درٻار ڏٺي، نماز جي لاءِ صف تيار هئي ته حضور اڪرم ﷺ جن پڇيو ته: “محمد اقبال آيو آهي يا نه؟”
حاضرين عرض ڪيو ته نه يا رسول الله اقبال نه آيو آهي…!
هڪ شخص کي اقبال کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ويو ڪجهه لمحي کان بعد مون ڏٺو ته هڪ نوجوان ڏاڙهي ڪوڙيل گوري رنگَ وارو شخص ان شخص سان گڏ ان نماز واري صف ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي ساڄي پاسي کان اچي بيهي رهيو اُنَ پير ڀائي چيو ته مان ان کان اڳ اوهان جي چهري کان نا آشنا هئس ۽ نه ئي مون کي اوهان جو نالو معلوم هو…!!
ڪشمير ۾ هڪ بزرگ نجم الدين صاحب سان مون هِنَ واقعي جو ذڪر ڪيو ته انَ اوهان جي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ هو اوهان کي توهان جي لکڻين جي ڪري سڃاڻيندو هو حقيقت ۾ اُنَ به اوهان کي نه ڏٺو هو. اُنَ ڏينهن مون ارادو ڪيو ته لاهور وڃي اوهان سان ملاقات ڪندس سو فقط اوهان سان ملڻ جي لاءِ مان ڪشمير مان هتي سفر ڪري آيو آهيان ۽ توهان کي ڏسي مون کي بي اختيار روئڻ اچي ويو ۽ منهنجي ڪشف واري واقعي جي تصديق به ٿي وئي.
اهو راز ٻڌي مون کي اُهو نامعلوم خط ياد آيو جنهن جو ذڪر مون خط جي شروعات ۾ ڪيو آهي. “بابا مون کي سخت ندامت محسوس ٿي ته آخر مون اهو خط ڇو هٿان وڃايو؟”
پيارا دوستو! علامه محمد اقبال عاشقانِ رسول ﷺ جي پهرين صف ۾ شامل آهي ۽ رسول الله ﷺ جي عشق جي سمنڊ جو ڪو به ڪنارو نه آهي ان جو ٿڌو ۽ مٺو پاڻي مرده دلين کي فرحت ۽ بيچين روح کي تازگي بخشي ٿو جنهن مان بيشمار عاشقان رسول ﷺ سيراب ٿين ٿا. علامه محمد اقبال رحه فرمايو آهي ته:
“گرچه برهند است عقل از علمِ تو،
ديوانه اي بيشم به عشقِ غمِ تو”!
يعني، “جيئن ته عقل تنهنجي علم جي اڳيان حيران آهي، پر مان توهان جي عشق جي غم ۾ هڪ ديوانو آهيان.” ان عشق ئي اقبال رح کي فڪرِ مغرب جي اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جو مينار بڻايو. هو چاهيندو هو ته مسلمانن جي زندگيءَ ۾ عشقِ رسول ﷺ، محبتِ اهل بيت و صحابه ڪرام ۽ اولياءَ جو روح ٻيهر زنده ٿئي ته جيئن امت پنهنجي اصلي عظمت ڏانهن موٽي سگهي…!
“بجهي عشق ڪي آگ انڌير هي،
مسلمان نهين خاڪ ڪي ڍير هين”
علامه محمد اقبال رح جو پيغام اڄ به پوري انسانيت لاءِ هڪ روحاني درس آهي ته علم، سياست ۽ ترقي تڏهن ئي اهم حيثيت رکن ٿا، جڏهن دل ۾ عشقِ رسول جي روشني موجود هجي.