ڪهاڻي: حويلي ۽ کليل آسمان
ليکڪھ: سعيده افضل
وڏيرو الله ڏتو پرڏيهه مان پڙهي آيو، پر منجهس وڏيرائپ ساڳي قائم هئي تِرَ جيتري به تبديلي ڪونه آئي هئس خاص طور عورت ذات جي معاملي ۾ پنهنجي زال کي به جتيءَ برابر سمجهندڙ الله ڏتي جو جڏهن پهريون پٽ پيدا ٿيو، تڏهن وڏا جشن ڪيائين وري ٻن سالن بعد ٻيو پٽ ڄاوس ته هُو ته پاڻ کي وڏو بختاور سمجهڻ لڳو. هن دفعي وڏيريءَ نياڻيءَ جي لاءِ دُعائون گهريون کيس وڏو ارمان هو ته ڌيءَ هجي جا ماءُ جو ڍڪ ۽ ساٿ آهي جڏهن ته وڏيري کي اها ڳالهه پسند ڪونه هئي.
وڏيريءَ کي ويم جا سور ٿيا ته دائيءَ چئي ڇڏيو، ڪيس ڏکيو آهي اسپتال وٺي وڃو، الله ڏتي جي هڪ ئي رٽ لڳل هئي ته اسپتالن ۾ مرد عملو آهي. آئون ڊاڪٽرياڻي گهر وٺي ٿو اچان، انهيءَ ڪشمڪش ۾ هن جي رواني ٿيندي ئي وڏيريءَ نياڻيءَ کي جنم ڏنو. دُعائون ته قبول ٿيون، پر هوءَ پاڻ ڌيءَ جي ساٿ کان محروم رهي ۽ کيس اڪيلو ڇڏي الله در وڃي پهتي، الله ڏتو جيئن ئي شهر مان ڊاڪٽرياڻي وٺي آيو، خبر پيس ته ڇوڪري پيدا ٿي آهي ۽ ماڻس سور کائي کائي موڪلائي وئي. ٿورو ڏک ٿيس ٻه ٽي ڏينهن دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اوطاق تي ويٺو، چوٿين ڏينهن دوستن سان دل وندرائڻ شڪار تي روانو ٿي ويو. ننڍي جِيوَ ڏي اک کڻي به ڪونه نهاريائين. نوڪرياڻيءَ کي ڇوڪري سنڀالڻ لاءِ ڏيئي تاڪيد ڪيائين ته، ”هن کي توکي سنڀالڻو آهي جيستائين هِنَ جي ماءُ جو ڪو بندوبست ٿيئي“. خانداني نوڪرياڻي ڇوڪريءَ کي جنهن جو پڻس نالو ”معصومه“ رکيو هو، کڻي پاڻ وٽ پئي گهمائيندي هئي، کيس حويليءَ ۾ هڪ ڪواٽر مليل هو. حويليءَ ۾ ٻي ماءُ به اچي ويئي. وڏيري شادي ڪرڻ ۾ ڪا دير ئي ڪونه ڪئي. نئين ڪنوار به ڏٺو ته حويليءَ ۾ هر جِيو هن نينگريءَ کي ڪنهن نڀاڳيءَ ويل جو جنم سڏي ٿو ته پوءِ هوءَ به ڏانهس نه نهاريندي هئي. ان ريت معصومه پنهنجي پيءُ، ڀائرن ۽ نڳيءَ ماءُ طرفان بي حسيءَ جو شڪار رهندي امان خيران وٽ پلجڻ لڳي، ڪنهن وقت جي اتفاق سان ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن جي ڪمرن ڏانهن نڪري وئي ته ڄڻ طوفان اچي ويندو هو. ننڍڙو معصوم دِماغ انهن سڀني ڳالهين کي سمجهڻ کان قاصر هو. ان ريت آهستي آهستي هن جا ڏينهن ۽ رات بند ڪمري ۾ ڪٽجڻ لڳا. ڪڏهن ماسيءَ شبيران جي ڌيءَ رضيه کيس ٻاهر جي دنيا جو ٻڌائيندي هئي، پر کيس ته حويليءَ جي ڦاٽڪ تائين وڃڻ جي به موڪل ڪونه هئي هوءَ ته کُليل آسمان هيٺ ويهڻ لاءِ سڪندي هئي سندس دِل چاهيندي هئي ته تارن ڀريل آسمان ۽ سهڻي چنڊ سان ڳالهيون ڪري.
هڪ ڏينهن پيءُ جي سامهون آئي ته پڇيائين، ”بابا! ڇا آئون ٻنين ۾ وڃي آسمان ڏسان؟ هن حويليءَ کان ٻاهر ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا، آئون ڏسڻ چاهيان ٿي، پڻس سندس جي فرمائش کي بيوقوفاڻو سمجهي دڙڪا ڏنا. پر هاڻي هوءَ ايتري وڏي ضرور ٿي وئي هئي جو وڏيري جي ڇڙٻن تي ذرو ڪونه ڊني پاڻ سندس دل ۾ بغاوت جون چڻنگون دُکڻ لڳيون. هن سوچيو، ”هاڻي ته آئون ضرور ٻاهر وينديس! ڏسان ڪير ٿو مون کي روڪي!!“. ٻه ٽي ڏينهن سوچيندي سوچيندي نيٺ هڪ ڏينهن همٿ ڪري حويليءَ جي وڏي لوهه جي شاهي گيٽ تائين آئي ٻاهر ٻه چوڪيدار هئا، هڪ جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف ته ٻئي وٽ وڏو پاليل خطرناڪ ڪتو، حويليءَ جي رهواسين جي رعب جو سبب کيس انهيءَ وقت پهريون دفعو سمجهه ۾ آيو. چوڪيدارن جي مٿس نگاهه ڪونه پئي هئي هوءَ واپس اندر اچي بيهي رهي پڻس ۽ ڀائر شهر ويل هئا. اڄ ئي موقعو هو جو هوءَ ٻاهر نڪري سگهي ٿي، نيٺ پوئين ڀت جو خيال آيس ڪمرن جي پويان گهڻو پري قلعي جهڙين ڀتين وٽ پهچي سندس سڄو جوش ويهي رهيو جو اها ڀت ٽپڻ هڪ نازڪ ڇوڪريءَ لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. اُتي ئي زمين تي ٿوري دير ويٺي رهي. اٿڻ مهل کيس ڀت جي هيٺ ننڍو سوراخ ڏسڻ ۾ آيو، دِل خوش ٿي ويس، ٻئي ڏينهن ڀت کي کوٽڻ جو منصوبو ٺاهي ان سوراخ کي وڏو ڪرڻ لڳي، ان ريت ٽن چئن ڏينهن ۾ هُن ڪجهه سِرون ڪڍي ورتيون جن مان هوءَ سوڙهي ٿي ٻاهر نڪري سگهي پئي، پر صبح ساجهر جو وقت اچي ٿيو هو ڀت وٽ ڪجهه گاهه پن رکي في الوقت واپس اچي ڪمري ۾ سمهي رهي.
ٻئي ڏينهن تي جيئن ئي امان خيران کي ننڊ آئي هوءَ ڪمري مان نڪري انهيءَ ڀت جي سوراخ وٽ پهتي جڏهن صبح جو وقت ويجهو ٿيو، ٻاهر نڪتي ته ٻئي پاسي جي دنيا ڏسي فرحت اچي ويس سايون سايون ٻنيون، ماڻهو، مايون، ٻار هڪ پنهنجي ڪِرت ۾ مشغول هو کيس ڏاڍو مزو آيو. هڪ نوجوان کي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺائين. پڇڻ تي ڄاڻ مليس سندس نالو خوبرو آهي، ان ريت ٻنهي جي دوستي ٿي وئي، هوءَ روز فجر مهل ڀت جي کانچي مان نڪري سندس جي ٻنيءَ تي پهچي ويندي هئي. کليل آسمان هيٺ ٻئي خوب ڪچهري ڪندا هئا. کيس خوبرو انهن خوفناڪ چوڪيدارن، سندس ڀائرن ۽ پيءُ کان هر طرح مختلف لڳندو هو. خوبرو ۽ معصومه جي وچ ۾ پيدا ٿيل محبت جي ڀڀڙ جي تپش جيئن ئي کين محسوس ٿي تيئن آسي پاسي پڻ تئو پهچي ويو. شبيران وڃي معصومه جي ماءُ سان ڳالهه ڪئي، جنهن وڏيري جي ايندي ئي ممڻ مچايو کيس ڊپ هو ته متان وڏيرو مٿس الزام نه هڻي ته ڇوڪري سنڀالي ڪونه سگهيئن ۽ امان خيران کي خبر پئي ڏاڍو روڪيائين، پر معصومه هاڻي روڪ ٽوڪ کان بي نياز ٿيندي پئي وئي. وڏيرو رات جو ڀت جو پاسو جهلي بيٺو جيئن ئي معصومه فجر جو پهتي کيس وارن کان ڇڪيندو اندر حويليءَ ۾ وٺي آيو. ڏاڍي مار ڪڍيائين. وڏيري کي ته کيس گهُٽو ڏيئي مارڻو هو، پر وڏي پٽ چيس ڪمري ۾ بند ڪري تالو لڳايو، جيستائين جيئري هجي هن کي اها سزا ڏيو ته آسمان ڏسڻ لاءِ سڪي وڃي. معصومه کي ڪمري ۾ کاڌو ڏيئي وري تالو لڳائي ڇڏيندا هئا. ڪنهن کي جرات ڪونه هئي ته انهيءَ ڪمري کي کولي يا بي سبب دورازي کي ويجهو وڃي. معصومه اندران رڙيون ڪندي هئي ته ”مون کي کوليو آئون فقط کليل آسمان ڏسندس تازي هوا ۾ ساهه کڻندس ڪيڏانهن به ڪونه ويندس“ پر ڪير سندس سڏ نه ورنائيندو هو ان ريت هوءَ هن اذيت واريءَ زندگيءَ مان تنگ ٿي ذهني مريضه ٿي ڪڏهن ڪڏهن خود ئي روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي. چوڌاري مشهور ٿي ويو ته وڏيري الله ڏتي جي ڌيءَ کي لڳيءَ جو حساب آهي.
امان خيران هڪ ڏينهن حويليءَ جي انهيءَ ڀت وٽان لنگهي ته هڪ خوبصورت نوجوان اُتي بيٺو هو، کيس جهليائين هتي نه ايندو ڪر گهڻو پڇتائيندين تيستائين گوليون هليون فائرنگ جي آواز تي اوسي پاسي جي وڻن جا پکي ڦرڙاٽ ڪري اڏامي ويا سڀني چيو ته امان خيران کي گولي لڳي آهي. ان واقعي کانپوءِ ماڻهن اهو به ڏٺو ته خوبرو جي ماءُ هر ڪنهن وٽ ايلاز ڪري روئيندي هئي ته سندس نوجوان ڌيءَ گم ٿي وئي آهي، پر ڪير به کيس وڏيري جي ڊپ ۾ تسلي ڏيئي نه سگهيو سال کن ۾ هوءَ خود ڌيءَ جي غم ۾ مري وئي. خوبرو گهٽين ۾ چرين وانگر پيو ڦرندو هو، ڪي چوندا هئا ماءُ جي مرڻ ۽ ڀيڻ جي گم ٿيڻ جو ڏک اٿس، يا ٻيو ڪم غم اٿس دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي. هو زبان مان ته ڪجهه ڪونه چوندو هو، پر ايئن لڳندو هو ته پنهنجي ڪا قيمتي شيءِ ڳولي رهيو آهي. مونجهاري جي اونداهيءَ ۾ هٿو راڙيون ڏيندڙ هيءُ مڙس مٿير ڄڻ آزاديءَ جهڙي قيمتي شيءِ کي ڳوليندو هجي. آزادي هڪ وڏو قيمتي خواب آهي. جيڪڏهن ڦرجي وڃي ته ماڻهو ان وقت ئي مري وڃي ٿو. ان ڪري ئي ته ماڻهو چوندا آهن پَرَ نه هجن ته آسمان جي وسعت ڏانهن اڏامڻ جي خواهش موت کي سڏڻ جي برابر آهي، بنا پرن وارن کي اڏام جي تمنا نه رکڻ گهرجي انهن لاءِ ته هٿ جيتري زمين ۽ ٿورو آسمان به ڪافي آهي.