بلاگنئون

ماتلي ڊگري ڪاليج علم جي سج تي بيٺل اونداهه جو پاڇو

سنڌ جي مٽي هميشه علم، ادب ۽ شعور جو گهوارو رهي آهي. هيءَ ڌرتي لطيف جي فڪر، سچل جي سڏ ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي فڪر سان روشن رهي آهي، پر افسوس جو اڄ انهيءَ علم جي آستاني تي ئي بي وسيءَ جا تالا لڳل نظر اچن ٿا. ماتلي ڊگري بوائز ڪاليج، جيڪو ڪنهن وقت علائقي جي نوجوانن لاءِ علم جو مرڪز هو، اڄ انتظامي لاپرواهي، بي حسي ۽ ذميواريءَ جي موت تي روئي رهيو آهي۔ روزانو صبح جو جڏهن سج پنهنجي سنهري ڪرڻن سان آسمان کي رنگين ڪندو آهي، تڏهن ڳوٺن، ٻنين ۽ ڏورانهن وسندين مان سوين شاگرد پنهنجا خواب  کڻي، علم جي تلاش ۾ ڪاليج ڏانهن روانا ٿين ٿا. سندن اکڙين ۾ اوجاڳا هوندا آهن، سندن دلين ۾ اميدن جا ڏيئا روشن هوندا آهن، پر جڏهن هو ڪاليج جي دروازي تي پهچن ٿا، تڏهن علم جي درس گاھ ڊگري ڪاليج ماتلي کي تالا لڳل نظر اچن ٿا.

اهو منظر نه رڳو سندن اميدن کي مات ڏئي ٿو، پر سماج جي بي حسيءَ جو تماشو به پيش ڪري ٿو. شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪاليج جو گيٽ صبح جو ڏهين وڳي تائين بند رهندو آهي، جڏهن ته هو اٺين وڳي ئي ڪاليج پهچي وڃن ٿا۔ اهي شاگرد جيڪي پنهنجي ڳوٺن مان ڪيترائي ڪلو ميٽر پنڌ يا بس تي اچي پهچن ٿا، هو رستن تي بيٺل رهندا آهن، سج جي تپش ۽ ٿڪاوٽ سان گڏ هڪ سوال کڻي بيٺا رهن ٿا:

“اسان جي تعليم جو محافظ ڪير آهي؟” اهو سوال رڳو انهن شاگردن جو نه، پر سڄي سماج جي روح تي چٽيل آهي. ڇا تعليم رڳو ڪتابن ۾ لکيل واعدو آهي؟ ڇا استادن ۽ انتظاميه جو فرض رڳو پگهار وٺڻ تائين محدود آهي؟ جڏهن پرنسپل هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن اچي ٿو، جڏهن عملي جا ماڻهو پنهنجي مرضي سان اچن ۽ وڃن ٿا، تڏهن ڪاليج علم جي ماڳ بدران بي پرواهيءَ جو مرڪز بڻجي وڃي ٿو. تعليم جو مقصد انسان کي شعور ڏيڻ آهي، پر جڏهن شعور جي واٽ تي ئي تالا لڳي وڃن، تڏهن قومن جو زوال يقيني بڻجي وڃي ٿو. اهي شاگرد جيڪي اڄ روڊ تي بيٺل آهن، اهي ئي سڀاڻي جا ڊاڪٽر، انجنيئر، استادن ۽ اديبن جو روپ وٺي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن سندن تعليم ائين ئي ڪاليجن جي بند ٿيل گيٽ تي قربان ٿيندي رهي ته پوءِ مستقبل جا اهي ديوتا به اڻ ڄاڻائيءَ جي اونداهه ۾ گم ٿي ويندا. سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري وزارت لاءِ اهو هڪ وڏو امتحان آهي. تعليم جي دروازن تي لڳل تالن کي کولي، ذميوارن کي جوابده بڻائڻ لازمي آهي. هڪ استاد، هڪ پرنسپل ۽ هڪ عملدار رڳو آفيس نه، پر هڪ نسل جي فڪر جو ذميوار آهي. جڏهن اهي پنهنجي فرضن کان غافل ٿين ٿا، تڏهن هزارين اميدون فنا ٿي وڃن ٿيون ۽ علم جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي وسامي وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم جي ادارن کي رڳو عمارت نه، پر ضمير جي جاڳائڻ جو مرڪز بڻايو وڃي. ماتلي ڊگري ڪاليج جهڙن ادارن ۾ نظم ۽ ضبط، حاضريءَ جو پابند نظام ۽ استادن جي ذميواريءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ڇو ته علم، ڪنهن به قوم جي بقا جو سڀ کان مضبوط ٿنڀ آهي ۽ جيڪڏهن اهو ٿنڀ ڪمزور ٿي وڃي ته سڄي عمارت ڌڙام ڪري ڪِري پوندي.

ماتلي جا شاگرد، جيڪي اڄ احتجاج ۾ آواز اٿاري رهيا آهن، هو دراصل سنڌ جي ضمير کي ڌونڌاڙي رهيا آهن. سندن آواز ٻڌڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اهو آواز ڪنهن سياسي نعري جو نه، پر تعليم جي تحفظ جو آهي. جيڪڏهن اسان اڄ انهن جي سڏ کي نه ٻڌنداسين ته سڀاڻي اسان کي پنهنجي خاموشيءَ تي شرمندگي ٿيندي. علم جي درسگاھن تي لڳل تالا ٽوڙڻ لازمي آهن. ڇو ته جڏهن علم جا در کلي ويندا، تڏهن ئي انڌيرا ختم ٿيندا ۽ ماتلي جا نوجوان وري روشنيءَ جي واٽ تي هلڻ شروع ڪندا. علم جا در بند نه ٿيڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ هر ايندڙ نسل برباد ۽ تباھ ٿي ويندو.