بلاگنئون

ڊسمبر ۾ ڪجهه دل کي ڏڪائي ڇڏيندڙ واقعن جون يادگيريون

سَرَ نِسِرِيا پاندَ ، اُتَرَ لَڳا، آءُ پرِين!
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌ! سَھِسين سُکائُون ڪَيُون
(شاهه لطيف)
اتر جي سرد ۽ ٿڌڙن جهونڪن کي گڏ کڻي ايندڙ پَن ڇَڻ طور مشھور سال جو هي آخري مھينو ڊسمبر جڏهن به ايندو آهي ته اسان کي ماضي جون ڪيتريون يادون ذهن تي خود به خود تري اينديون آهن، جن کي هزارين ڪوششن جي باوجود پنھنجي ذهن تان ميساري نه سگهندا آهيون ۽ جڏهن ماضي جون اهي ڳالهيون ياد اينديون آهن ته دل چاهيندي آهي ته اهي اسان جا پيارا هڪ دفعو وري موٽي اچن جن سان ويھي روح رلايا. جڏهن اها ڳالهھ سمجهندا به آهيون ته سڄڻ اهڙي پار ويا آهن، جتان ڪير به نه وريو آهي، ۽ پوءِ مُنھُن مونن ۾ وجهي سڏڪا ڀري پنھنجي چپن ۾ پيا ڀُڻڪندا آهيون ته “اي سھڻا تنھنجي وڃڻ جا ته ڏينھن ڪونهَ هئا ان وقت ايئن لڳندو آهي جو انھن سڏڪن ڀريندڙن کي ڀٽ جي شاهه لڪي ڏسندي ئي ايئن بي اختيار چيو هئائين:
سيئي جوڀَنَ ڏِينهن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هليا!
رُئان رَهَنِ نه ُسپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪيئن؟
مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻِجارو اوهِري!
پوءِ انھن حالتن ۾ ڪنھن جي دل ڪنھن کي ياد ڪيو هوندو، پر سنڌيءَ جي من ۾ هڪ دم سنڌ جو اهو راڳي ياد اچي ويندو، جنھن پنھنجي سريلي آواز ذريعي سياري جي سرد راتين ۾ به قومي گيت ٻڌائي اسان جي رت کي گرمايو هو، اُهو ڪلاڪار هو سرمد سنڌي جيڪو 27 ڊسمبر 1996 تي بدين مان آخري پروگرام ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ٺٽي جي ويجهو هڪ خوفناڪ حادثي سبب هميشه لاءِ موت جي آغوش ۾ هليو ويو. سرمد جي وڇوڙي کي اڃا سال ئي مس گذريو هو. موت جي پاڇي سنڌ جي مھان ڪوي ۽ هماليا جيڏي اوچي شخصيت شيخ اياز کي 28 ڊسمبر 1997 تي سنڌ کي ۽ پنھنجي ڏات جي پرڀات کي هميشه جدائي جو داغ ڏيئي ويو. ان کان علاوه اسان پاڪستان جي اندر ڊسمبر جي سرد هوائن ۾ پيش آيل ڪجهه دل ڏاريندڙ ٻين واقعن کي ياد ڪنداسين، جيڪي تاريخ جي صفحن ۾ هميشه لاءِ لکيل آهن. جيڪي افسوسناڪ واقعا به ڊسمبر جي مهيني ۾ پيش آيا انھن واقعن مان ٽن وڏن سانحن، واقعن ۾ اوڀر پاڪستان جي عليحدگي، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو قتل ۽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحو جن کي هر سال ياد ڪري ڪيتريون مائون ۽ ڀيڻون اکين مان اڄ به نير هارينديون آهن. ان کان علاوه ڊسمبر ۾ پيش ايندڙ ٻين افسوسناڪ واقعن ۾ شامل جھڙوڪ 1965 وارو طوفان ڪڏهن نه وسري سگهندو، جيڪو 14، 15 ڊسمبر 1965ع تي اوچتو پيش آيو، جنھن اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان تمام گهڻي تباهي مچائي ڇڏي. بنگال جي ان وقت جي رپورٽن مطابق سامونڊي طوفان ۽ تيز هوائن سبب 70 کان 80 سيڪڙو گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. جڏهن ته 10 کان 15 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ڊسمبر 1970ع ۾ ٿيل چونڊن کان پوءِ سياسي پارٽين ۾ ورهاست واري معاملي تي تڪرار پيدا ٿيو. ان وقت اوڀر پاڪستان جي عوام جا جذبا به طوفان جي تباهي ۽ ناڪافي سرڪاري امداد جي ڪري مشتعل هئا. اليڪشن کانپوءِ واري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت اوڀر پاڪستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر ڊسمبر 1970ع کان ڊسمبر 1971ع تائين ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڇڪتاڻ کانپوءِ نومبر 1971ع جي آخر ۾ هندستاني فوج اوڀر پاڪستان تي ٽن طرفن کان حملو ڪيو. ڪيترن ڏينهن جي ويڙهه کان پوءِ 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان محاذ تي فوجي ڪمانڊ هٿيار ڦٽا ڪيا. ٽيون دل کي ڏڪائيندڙ پاڪستان ۾ ٿيندڙ واقعو 28 ڊسمبر 1974ع ۾ پيدا ٿيو، جنھن ۾ سوات وادي ۾ آيل زلزلي ۾ 5000 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پٺاڻ ۽ جلال نالي ٻه ڳوٺ ٻڏي ويا. هزاره، هنزه، سوات سميت قراقرم هاءِ وي کي به زلزلي سبب سخت نقصان پھتو ھو. ان کان علاوه چوٿون واقعو 12 ڊسمبر 1986ع تي ڪراچي جي علي ڳڙهه ڪالوني ۾ پيش آيو. سرد جنگ دوران افغانستان ۽ سرحد صوبي (خيبر پختونخواهه) مان ڪيترائي پختون ڪراچي لڏي آيا. ان کان اڳ پاڪستان جي قيام دوران وڏي تعداد ۾ مھاجرن ڪراچي کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻايو هو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي شهر کان ٻاهر ڪچيون آباديون هٿيار، منشيات ۽ منشيات جي وڪري ۽ خريداريءَ جو وڏو مرڪز بڻجي ويون. 12 ڊسمبر 1986ع تي سپر هاءِ وي ڀرسان سھراب ڳوٺ ۾ پوليس سيڪيورٽي ادارن سان گڏجي وڏو آپريشن ڪيو ۽ پوليس پوري بستي کي بلڊوز ڪري ڇڏيو. جواب ۾ اورنگي ٽائون جي قصبه ڪالوني، علي ڳڙهه ڪالوني ۽ سيڪٽر ڊي ۾ پشتون برادري سان تعلق رکندڙ هٿياربندن ڀارت کان آيل پناهگيرن تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو. ميڊيا رپورٽن موجب واقعي ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ان حملي ۾ هزارين ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته سوين گهر پڻ سڙي ويا.
ڊسمبر مھيني جو وڏو ۽ پنجون واقعو لاهور ۾ 100 ٻارن کي قتل ڪرڻ وارو سانحو هو. رپورٽن جي روشني ۾ 2 ڊسمبر 1999ع تي لاهور پوليس کي لکيل خط ۾ جاويد اقبال نالي هڪ شخص 100 ٻارن کي قتل ڪرڻ ۽ تيزاب سان ساڙڻ جو اعتراف ڪيو. جاويد اقبال کي پوليس 30 ڊسمبر 1999ع تي گرفتار ڪيو هو. بعد ۾ جاويد اقبال 9 آڪٽوبر 2000ع تي پنهنجي ساٿي ساجد سان گڏجي موت جي سزا خلاف اپيل داخل ڪندي خودڪشي ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۾ ڇھون واقعو ڊسمبر 2003ع ۾ رونما ٿيو جڏهن اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف کي بم ڌماڪن ذريعي نشانو بڻائڻ جون ٻه ڪوششون ڪيون ويون، پر هو معجزاڻي طور بچي ويو. ٻئي حملي ۾ صدر جي قافلي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. دنيا جي هر اک آلي ڪندڙ ستون وڏو سانحو بينظير جو قتل هو جيڪو پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو آڪٽوبر 2007ع ۾ ڪراچي جي ڪارساز پل وٽ خوفناڪ حملي کان بچي وڃڻ جي باوجود بينظير عوامي رابطا مھم تان پوئتي نه هٽي هئي، جنهن ڪري قاتلن هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت 27 ڊسمبر 2007ع جي شام جو لياقت باغ راولپنڊي ۾ هڪ ريلي جي پڄاڻي تي، ريلي هال مان نڪرڻ وقت مٿس فائرنگ ڪئي ۽ بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هوءَ شھيد ٿي وئي. مٿي ڄاڻايل واقعن کان علاوه ڊسمبر مھيني ۾ ٻيا ڪيترائي واقعا اخبار جي سرخين ۾ ڇپيا هوندا، پر اهم واقعن ۾ هي ستون اهڙو واقعو آهي جيڪو 4 ڊسمبر 2009ع تي راولپنڊي ۾ فوجي هيڊ ڪوارٽر جي ويجهو هڪ مسجد ۾ ٿيو جنھن ۾ پنج خودڪش بمبارن حملو ڪيو، جنھن خودڪش بمباري ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا. مسجد ۾ داخل ٿيڻ بعد حملي آورن تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ٻارن پڻ تڙپي تڙپي دم ڏنو. 22 ڊسمبر 2012ع تي جيڪو اٺون واقعو سرزد ٿيو جنھن ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو سينيئر اڳواڻ بشير احمد بلور پشاور ۾ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو. ساڳئي مهيني جي 24 ۽ 25 ڊسمبر 2012ع تي نائين واقعي ۾ شاهه رخ جتوئي ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ شاهه زيب خان نالي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڊسمبر مھيني ۾ دل ڏکائيندڙ واقعو جنھن واقعي سبب سخت دل انسانن جي دل به سڏڪا ڀرڻ تي مجبور ڪيو هوندو، پر افسوس جو 16 ڊسمبر 2014ع جي صبح جو آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي معصوم شاگردن کي ماريندڙ جي دل ايڏي ته سخت هئي جن دهشتگردن انڌا ڌنڌ گوليون هلائي 132 ٻارن سميت ڪل 141 ڄڻا ماري ڇڏيا. ان حملي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. واقعي ۾ ملوث 4 ڏوهارين کي 21 ڊسمبر 2015 تي ڦاهي ڏني وئي. 7 ڊسمبر 2016 تي چترال کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 661 حويليان ويجهو حادثي جو شڪار ٿي. حادثي جي نتيجي ۾ جھاز جي عملي سميت 47 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ مشھور مبلغ جنيد جمشيد به شامل هو.
شايد گذريل مختلف سالن جي ڊسمبر مھيني ۾ ٿيندڙ واقعن کي مد نظر رکندي اعجاز نالي شاعر ڊسمبر جي سردي ۾ هٿ سيڪيندي ۽ اکين جي پمبڙن ۾ ڦاسي پيل ڳوڙهن کي اگهندي هي شعر جون سٽون لکيون هجن جن ۾ هو چوي ٿو:
غربت جي گار تو ڊسمبر ڏني،
لاشن جي قطار ڊسمبر تو ڏني،
توکي ميار ڪيئن نه ڏيان مان،
لڙڪن جي لاڙ ڊسمبر تو ڏني،
ٿڌڙين هوائن جي هوندي به،
نه موسم بھار ڊسمبر تو ڏني،
مھانگائي ته موت برابر ڏني،
گونگي گفتار تو ڊسمبر ڏني،
ساھُ نپوڙي ڪيَئي تو سوڙهو،
درد جي ديوار تو ڊسمبر ڏني،
سُور مڙئي ناسور بڻيا سڀ،
نہه روئندن پچار تو ڊسمبر ڏني،
اعجاز الوداع ڪريان ٿو توکي،
پرين پکين اُڏار تو ڊسمبر ڏني