مينو پاز ۽ ان جا عورت جي صحت تي اثر
پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جتي اڃا به توليدي صحت تي ڳالهائڻ باعث شرم سمجهيو ويندو آهي، نه رڳو عورت پر مرد به پنهنجي توليدي صحت تي توجهه نه ڏيندا آهن ۽ ڪنهن سان به ذڪر نه ڪندا آهن. اسان وٽ اڃا ماڻهن کي ان شيءِ جي ڪابه ڄاڻ ئي ناهي ته صحت جي وصف تڏهن ئي مڪمل ٿئي ٿي، جڏهن انسان جي جسم جا توليدي عضوا به صحتمند هجن ۽ مڪمل طور تي ڪم ڪندا هجن، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري هن دور ۾ به اسان جي معاشري ۾ اڪثريت جي سوچ اڃا پٺتي پيل آهي. هو صحت کي مڪمل طور نه سمجهڻ جي ڪري هڪ صحتمند معاشري جي تڪميل ۾ ناڪام آهن.
اهڙو معاشرو جتي عورت کي ماهواري اچي ته هوءَ ان ڪوشش ۾ هجي ته گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کي اها خبر نه پوي ته ان ماحول ۾ عورت جي توليدي عضون جي صحت تي ڳالهائڻ ڀلا ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. اڪثر ڇوڪرين کي ماهواريءَ جا مسئلا هوندا آهن ته گهر جون وڏيون عورتون هنن کي اها تسلي ڏينديون آهن ته شاديءَ کان پوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. مطلب ته بجاءِ ان بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ جي ان ٻارڙيءَ کي شاديءَ جي آسري رکيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هن بيماريءَ جو شاديءَ سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. پوءِ اهڙو معاشرو جتي هڪ جوان نياڻي جي بيماريءَ کي لڪايو وڃي، ان ۾ ڪا عورت اگرMenopause مينو پاز (ماهواريءَ جو مڪمل طور بند ٿيڻ) واري مرحلي مان گذري هجي ته ان جي ڳڻتي ڪنهن کي هوندي؟
هتي مينو پاز واري عورت کي بس اهي لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته هاڻي هيءَ ڪراڙي ٿي وئي آهي، پر گهر جي ڪنهن به ڀاتيءَ ان عورت جي احساسن ۽ تڪليفن کي سمجهڻ جي ڪڏهن ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، جن مان هوءَ مينو پاز واري عرصي دوران گذري ٿي. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته گهڻن کي اها خبر ئي ناهي ته مينو پاز ڇا آهي ۽ ان دوران عورت کي پنهنجي گهر ڀاتين جي طرفان سپورٽ جي ڏاڍي ضرورت هوندي آهي.
مينو پاز ڇا آهي؟
”مينو پاز يعني ماهواريءَ جو بند ٿي وڃڻ هڪ قدرتي عمل آهي، جنهن به عورت کي جڏهن مسلسل 12 مهينا ماهواري نه اچي، جنهن جو سبب ڪابه بيماري نه هجي ته ان عمل کي مينو پاز سڏجي ٿو.“ هي عمل گهڻو ڪري 50 سالن جي عمر کان پوءِ شروع ٿيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو 40 سالن جي عمر ۾ به شروع ٿي ويندو آهي.
مينو پاز وارو عمل آهستي آهستي ٿيندو آهي. شروع ۾ عورت جي ماهواري ڪڏهن گهٽجندي آهي ته ڪڏهن وڌندي آهي، پوءِ آهستي آهستي مڪمل طور بند ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري عورت جي جسم ۾ ڪافي تبديليون اينديون آهن، جن مان هڪ وڏي تبديلي اها آهي ته هوءَ ٻار پيدا نه ڪري سگهندي آهي. ان عمل دوران عورت جي اووري بيدا نه ٺاهيندي آهي ۽ ان جي جسم ۾ ايسٽروجن ۽ پروجيسٽران هارمون به گهٽ ٿي ويندا آهن. پيري مينوپاز (Perimenopause) آهستي آهستي شروع ٿئي ٿو ۽ سالن تائين هلي سگهي ٿو ۽ اهو عورت جي جسماني، دماغي ۽ جذباتي صحت تي ڪافي برو اثر وجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سرجيڪل مينوپاز به ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن سبب جي ڪري عورت جون اووريز يا ٻچي داني آپريشن ڪري ڪڍي ويندي آهي ته اها عورت عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ان ساڳئي عمل مان گذرندي يعني جڏهن ان جو آپريشن ٿيندو ته اها وقت کان پهرين مينوپاز ۾ هلي ويندي آهي. جيئن ته مينوپاز جي عمر 50 سال آهي، پر ڪجهه سببن جي ڪري اهو عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي لاءِ انهن سببن کي ڄاڻڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
وقت کان پهرين مينوپاز ۾ وڃڻ جا ڪجهه سبب:
(1) ڪيمو ٿراپي يا ڪينسر جو علاج.
(2) بيضه داني يا ٻچي داني جو آپريشن.
(3) ڪجهه هارمونل خانداني منصوبه بندي جا وقفا.
(4) فيملي هسٽري.
(5) ڪجهه اهڙين دوائن جو واپرائڻ جيڪي پڻ مينوپاز جو سبب بڻجن ٿيون، جن جي ڪري عورت وقت کان پهرين ئي مينوپاز ۾ هلي وڃي ٿي.
مينوپاز جي ان عرصي دوران عورت جي جسم ۾ يا ان جي طبيعت ۾ جيڪي تبديليون اچن ٿيون، انهن جون علامتون هي آهن:
(1) جسم جو اوچتو تپجي وڃڻ.
(2) رات جو پگهر اچڻ.
(3) ننڊ نه اچڻ.
(4) پيشاب تڪڙو تڪڙو اچڻ.
(5) چمڙي، اکين ۽ وات جو خشڪ ٿي وڃڻ.
(6) وجائنا جو خشڪ ٿي وڃڻ، جنهن جي ڪري ازدواجي تعلق قائم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي.
(7) هڏين جو ڀرڀرو ٿيڻ.
(8) موڊ جي تبديلي.
(9) ڊپريشن.
(10) وزن جو وڌڻ.
(11) جسم ۾ سور ٿيڻ.
(12)دل جي بيماريءَ جو خطرو وڌڻ.
مينوپاز وارين عورتن مان تقريبن 75 سيڪڙو عورتون جسم جي تپجي وڃڻ جي شڪايت ڪن ٿيون. يعني اِها اُها علامت آهي. جيڪا گهڻين عورتن ۾ ساڳئي آهي. ان دوران ائين محسوس ٿيندو آهي ته جسم جو درجه حرارت هڪدم وڌي وڃي ٿو ۽ ان کان پوءِ پگهر اچي ٿو، دل جي ڌڙڪن به وڌي ويندي آهي. ان کان علاوه ايسٽروجن جي ليول گهٽ ٿيڻ جي ڪري هڏين ۾ ڪيلشيم گهٽجي ٿو ۽ هڏيون ڀُرڻ شروع ٿين ٿيون. اها بيماري به مينوپاز وارين عورتن ۾ تمام گهڻي ڏٺي وئي آهي، ان جي ڪري عورتن ۾ هڏين جي فريڪچر جا چانس تمام گهڻا هوندا آهن.
مينوپاز بابت آگاهيءَ جي اهميت:
پيري مينوپاز يا پوسٽ مينوپاز دوران عورت کي تمام گهڻي توجهه جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته ان عرصي دوران هوءَ هڪ بدلجندڙ فيز (صورتحال) مان گذري رهي هوندي آهي. هن جي جسماني صحت سان گڏوگڏ. هن جي احساسن (اموشن) تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. مينوپاز کان پوءِ جتي عورت لاءِ ٻيا گهڻا مسئلا ٿين ٿا، اتي ئي هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته هوءَ پنهنجي همسفر سان ازدواجي تعلق رکڻ ۾ دلچسپي گهٽ ڪري ويندي آهي، جنهن جو سبب ان عورت جي جسم ۾ ٿيندڙ هارمونل تبديليون آهن. ان ڪري ضروري آهي ته عورت ۽ مرد ٻنهي کي انهن تبديلين متعلق آگاهي ڏني وڃي. جڏهن پارٽنر کي انهن سڀني شين جي پهرين کان خبر هوندي ته رشتن کي سنڀالڻ وڌيڪ سولو ٿي پوندو. ان عرصي دوران عورت جي موڊ تي به ڪافي اثر پوندو آهي، جنهن کي انگريزي ۾ موڊ سوئنگس چئبو آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن خاندان جا فرد خاص طور ان جو پارٽنر ان کان واقف هوندو ته اهو بهتر نموني پنهنجي ساٿيءَ کي ان ڪيفيت مان گذرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
آخر ۾ ائين کڻي چئجي ته مينوپاز جي آگاهي نه رڳو عورت جي صحت لاءِ ضروري آهي، پر رشتن جي ڳانڍاپي ۽ گهر جي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي ۽ ان متعلق کليل ڳالهه ٻولهه زندگي جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪري ٿي.
مينوپاز جي مئنجمينٽ ڪيئن ڪجي؟
مينوپاز واري مرحلي ۾ عورت کي پنهنجي صحت کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي نقصان کان بچائڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي:
(1) عورت کي پنهنجي کاڌ خوراڪ جو خيال رکڻو پوندو. اهي ڀاڄيون، فروٽ جن ۾ ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي شامل هجي، اهي وڌ ۾ وڌ ۾ واپرائڻ گهرجن. پروٽين جو استعمال يقيني بڻائجي. عورت کي اها ڄاڻ ضرور هجڻ گهرجي ته ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي هڏين جي صحت جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهن.
(2) گهر جي ڪم ڪار سان گڏوگڏ ڪجهه ايڪسرسائيز ڪجي ته جيئن وزن به نه وڌي ۽ موڊ به سٺو رهي.
(3) جيئن ته اسان پهرين ٻڌائي چڪا آهيون ته مينوپاز واري مرحلي ۾ عورت جي موڊ ۾ ڪافي تبديليون اينديون آهن، ان ڪري اسٽريس کان بچڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي صحتمند سرگرمين ۾ شامل رکي ۽ اسٽريس محسوس ٿيڻ جي صورت ۾ وڏا ساهه کڻي، يوگا ڪري.
(4) ڪوشش ڪري پنهنجي 8 ڪلاڪن جي ننڊ پوري ڪري.
(5) پنهنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ۾ رهي ۽ ڪوشش ڪري پاڻ کي اڪيلو نه رکي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف محسوس ڪري ته فورن پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪري.
هيلٿ ڪيئر پرووائيڊر جي طرفان عورت کي مشورو:
هيلٿ ڪيئر پرووائيڊر جي طرفان عورت کي هيٺيان مشورا ڏيڻ گهرجن:
(1) ڊاڪٽر کي گهرجي ته مينوپاز واري عورت ۽ ان جي پارٽنر کي عورت جي جسم ۾ ٿيندڙ تبديلين جي باري ۾ ٻڌائي ته جيئن عورت ۽ مرد کي پهرين کان ئي انهن ڳالهين جي خبر هجي.
(2) ڊاڪٽر جي طرفان مينوپاز واري عورت کي مختلف هارمونل ٿيراپيز جي باري ۾ ٻڌائي.
(3) ڊاڪٽر جي طرفان عورت کي اها ڄاڻ ڏيڻ تمام گهڻي ضروري آهي ته مينوپاز کان پوءِ عورت جي هڏين ۾ ڀرڀرو پن شروع ٿي ويندو آهي، تنهنڪري پنهنجي کاڌ خوراڪ ۾ خاص طور تي وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جو مقدار وڌائي.
(4) ان صورتحال ۾ هڪ ڊاڪٽر لاءِ ضروري آهي ته هو عورت سان گڏوگڏ مرد کي به اها آگاهي ڏي ته ان تبديليءَ دوران هنن جي ازدواجي تعلقات تي اثر پئجي سگهي ٿو، تنهنڪري مرد لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته هو هن تبديلي کي سمجهي ۽ پنهنجي گهر واريءَ جو ڀرپور ساٿ ڏئي.
ڊاڪٽر ۽ مينوپاز واري عورت جي وچ ۾ هڪ مضبوط تعلق هجڻ جي ڪري جيڪا ڄاڻ ملندي، اها ان عورت کي ان تبديلي واري مرحلي مان گذرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندي.
مينوپاز واري عورت جي مسئلن کي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته هو اهڙيون پاليسيون جوڙي، جنهن جي تحت انهن عورتن جي ڪائونسلنگ ٿئي. انهن جو ضرورت جي مطابق علاج ٿئي ۽ ان کي صحت جي مسئلن ۾ ترجيح ڏئي شامل ڪيو وڃي.
***