نئين ديري جي اسڪول اندر بنديون ٿيڻ لڳيون
اوچتي دوري دوران سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ نئون ديرو جا ٻه بوائز ۽ ٻه گرلز اسڪول بند مليا جنهن مان هڪ ۾ بصر پوکيل هو ٻئي کي اوطاق ۾ بدلايو ويو هو. جسٽس علي گبول پاران نئون ديرو جي چئن اسڪولن جو دورو ڪيو ويو جنهن ۾ ٻه بوائز اسڪول هڪ الهندو جيهو ۽ ٻيو مبارڪ جيهو. ان کان علاوه ٻه گرلز اسڪول هڪ شنڀ جيهو ۽ ٻيو حڪيم جيهو شامل آهن. ڳوٺاڻن پاران هن کي ٻڌايو ويو ته مبارڪ جيهو ۾ مرمتي ڪم ڪرائڻ کانپوءِ 2014 کان اسڪول بند پيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2003 ۾ نئون ديرو جو روينيو جو ڪاروهنوار شڪارپور حوالي ڪيو ويو هو پر بعد ۾ 2006 ۾ اهو لاڙڪاڻي کي ڏنو ويو. جنهن کان وٺي اڄ تائين هڪ ڏينهن به نئون ديرو جو انتظام لاڙڪاڻي نه هلايو آهي. ان موقعي تي هڪ اسڪول اندر بصرن جي پوک ڏسي جج علي گبول سوال پڇيو ته هي پوک ڪنهن ڪئي آهي تنهن تي هن کي ٻڌايو ته اهو ڪم معشوق جيهو نالي هڪ شهري جو آهي. ڳوٺاڻي وڌيڪ چيو ته تڪ جو ايم پي اي 2013 جي اليڪشن کانپوءِ ٻيهر علائقي ۾ ڪڏهن به نه آيو آهي ۽ اسڪولن جي بند هئڻ سبب 400 ٻارڙا ڀر وارن ڳوٺن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. ان موقعي تي هڪ پيرين اگهاڙي شيدي ڇوڪري جڏهن اسڪول کان واپس گهر وڃي رهي هئي ته جج صاحب هن کان سوال پڇيو، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هوءَ هڪ ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي. جڏهن ته هن جو والد لاڙڪاڻي ۾ مزدوري ڪندو آهي ۽ پڙهائي لاءِ هن کي وڏو پنڌ ڪري اسڪول وڃڻو پوندو آهي.

