بلاگنئون

قومي غيرت ۽ قومي مفاد

قومي غيرت ۽ قومي مفاد ۾ فرق ناهي، پر قومي غيرت جو ٺيڪو رڳو انهن لساني ۽ سماجي ٽولن جو ناهي، ان ڳالهھ ۾ ڪجھه قومي سياسي پارٽين جو به وڃي ته اهي به ڪڏهن ان سوال تي اڀا ٿين. ان ساڳي تناظر ۾ هتي قومي غيرت ۽ قومي مفاد کي گڏائي لکي سگهجي ٿو ته به ڳالهھ مڃائي سگهبي. قومي غيرت به گهر جي غيرت وانگي آهي ته جيئن ماڻهوءَ جو مال، عزت ۽ ناموس محفوظ هجي، جيڪي به ملڪي سلامتي جا مسئلا هجن اهي نه ٿين، ڪير به هلان نه ڪري، گهر جون در دريون ۽ چوديواري مضبوط ۽ محفوظ به هجن، ڪو چور چَڪار گهر ٽپي نه اچي، ڪير به گهر جي ديوار ٽپي چوري ڌاڙو نه هڻي، ڪير به گهر جي ديوارن کي غيرمحفوظ نه سمجهي، جنهن کي به جيڪڏهن ڪا غلط فهمي به هجي ته ان کي ان ڳالهھ جو ڊپ هجي ته جيڪڏهن ديوار ٽپي آيو ته سر جو خير نه هوندس. ساڳي ڳالهھ ان قومي مفاد ۾ اها به آهي ته جيئن گهر جي مالڪ جي ڪمائيءَ تي ڪنهن ٻئي جو حق ناهي، ڪير به ائين نه ٿو ڪري سگهي ته گهر مالڪ جي ڪمائي پاڙيوارن کي کارائي ڇڏي، ڪير به پنهنجي دولت کي محفوظ يا سنڀالي نه رکي، ڪير به ائين نه ڪري ته گهر جي ڪمائي جا ذريعا ٻين جي حوالي ڪري ڇڏي، يا ڪير اها دعويٰ ڪري ته هو جيڪو به ڪمائي کڻي ايندو، اهو ٻين جي حوالي هوندو يا جيڪي به پاڙي پتي وارا آهن اهي ان جي ڪمائيءَ تي پلجي سگهجن ٿا، ۽ جيڪي به حفاظتي انتظام آهن انهن تي سوديبازي جائز هوندي ۽ ديوارون هوندي به گهر محفوظ نه هجڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو يا جيڪي به دولتون آهن، اهي ٻين جون آهن ۽ گهر جو پنهنجو ڪو مفاد ناهي يا جيڪي به ڳالهيون مهاڙيون آهن، انهن جي پاڙي پتي ۾ ڪا حيثيت ناهي يا ڪير ائين به ناهي ڪندو ته پاڙي پتي ۾ جيڪڏهن ڪو غريب آهي ته وڏيرو پنهنجي سڄي دولت، عزت، حفاظتي انتظام انهن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڻ مٿو کنهي ۽ ائين سموري دنيا ۾ ڪٿي به رواج ناهي ته پوءِ ڪيئن چئون ته “افغاني ويچارا پنهنجي ملڪ وڃي ڇا ڪندا يا اهي هتي ئي ڀلا آهن” يا ائين ڪجي جو جڏهن افغانين کي ست خون معاف به آهن ته اتي اهي سڀ چاليھه لک افغاني جيڪي سرحد جي ڪناري ويٺا آهن يا جيڪي به افغاني آهن انهن کي جڏهن آمريڪا عام معافي ڏئي ڇڏي آهي ته اسان به انهن سڀني ڀڳوڙن، باغين، خونين، رهزنن ۽ دشمن جي دلالن کي ڌرتي لکي ڏيون، ان ڪري ته گهر ته اسان جو آهي، دولتون، بينڪ بيلنس ته اسان جا آهن، گاڏيون ۽ بنگلا ته اسان جا آهن، پر جيڪي ڌرتي آهي سا ته سياسي پارٽين جي حوالي آهي، اها انهن جي مرضي آهي ته اهي ڪٿي افغان بستي ٺاهي انهن کي لکي ڏين، ڪٿي انهن کي پناهگير ڪري رهائي ڇڏين، ڪٿي نئين دورن جا “ريڊ ڪلف” ثابت ٿين، جنهن جي مرضي اچي ته جيڪو علائقو جنهن کي ڏئي ڇڏي ۽ بين الاقوامي طور تي ڪير به انهن کان پڇا ڪرڻ وارو نه هجي ۽ ڌرتي ان ڪري هاڻي “مڌرلينڊ” ناهي، پر سياسي پارٽين جي ملڪيت آهي، اهي جيئن ڪن ته ڪري سگهن ٿا.
ائين لڳندو آهي ته سياسي پارٽيون پاڻ ايجنسين جو ڪم ڪن ٿيون، ان ڪري جو هيستائين ڪيترا سياسي اڳواڻ يا سياسي ڪارڪن نون ليگ وارن جا گم ٿي ويا آهن، ڪيترا جيالا هيل تائين لڀن ئي نه ٿا، ڪنهن مذهبي ٽولي جا ڪيترا ماڻهو هيستائين تائين غائب ڪيا ويا هوندا يا رڳو اهي ماڻهو ڇو ٿا گم ٿين جن جي وابسطگي ۽ ڳانڍاپو انهن سوشل گروهن، سوشل ايڪٽوسٽ پارٽين سان آهي. پوءِ ائين سمجهون ته اهي جيڪي به قومي سياسي ڌاري واريون سياسي پارٽيون آهن اهي پاڻ ايجنسيون آهن ۽ انهن کي ڪير به ڪجھه نه ٿو چئي سگهي، پر ڳالھه ته اسان وري به ان قومي مفاد جي ڪيون ته اهي جيڪي به قومي ڌاري جون سياسي پارٽيون آهن، اهي ڪڏهن به انهن سماجي مسئلن تي اٿي کڙيون نه ٿيون ٿين، اسيمبليءَ مان ڪو ٺهراءُ به پاس نه ٿيون ڪن، جي ڪن ٿيون ته انهن جي پاسداري به نه ٿيون ڪن، ان ڪري انهن جي ساک تي سوال آهي ته اهي سڀ اهڙي قومي سياست ڪري پنهنجي صوبائي ساک وڃائينديون. هونءَ قومي سياسي ڌاري وارين پارٽين جو مائينڊسيٽ اهو به آهي ته اهي جيڪي به ڪم ڪن يا انهن جو جيڪو به اليڪٽرول ڪاليج آهي اهي سڀ وڏيرا شاهي آهي، جيڪي انهن جي مُٺِ ۾ آهن. اهي وڏيرا شاهي ڪڏهن به عوامي راءِ وٺي ڪنهن به تڪ جي مالڪ يا ننڍڙن ننڍڙن وڏيرن کان پڇا نه ٿا ڪن ته اهي پي ٽي آءِ ۾ وڃن يا پي پي کي چونڊين يا نون ليگ هاڻي انهن جي پسنديده پارٽي آهي. ان ڪري هيل واري سياسي بهارن ۾ اهي پنهنجي سياسي پارٽي جو جهنڊو انهن پارٽين ۾ لهرائيندا جن جي مٿي ڪا هلندي چلندي هجي، يا جيڪي اڳتي هلي قومي حڪومت ٺاهي جوڙي سگهندا ته اهي ان پارٽي ۾ هليا ويندا، يا اهي ڀلي پي ٽي آءِ ۾ هليا وڃن جيڪا پارٽي ۽ جنهن جو اڳواڻ اهو به چئي ته سنڌ صوبو اسان جو ناهي ته به اهي وڏيراشاهي اتي ئي ويٺا هوندا. ان ڪري انهن جو مکُ مفاد اهو ئي آهي ته اهي ڪرسي وٺن يا ڪا وزارت وٺن يا ڪنهن سڻڀي سيٽ تي ويهي رهن، ڇو ته اهي پاڻ پنهنجي ليکي جواب ده آهن ته انهن جا پي ٽي آءِ ۾ پنج سال گذاريا ته انهن پنهنجي لاءِ ڇا ڪيو؟ يا سوال اهو ناهي ته انهن قوم جي لاءِ ڇا ڪيو، جيئن آگسٽ 2020 واري بارشن ۾ عمران خان سکر کان موٽي ويو ۽ ڪراچي اچي 1300 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪري ويو، سرڪيولر ٽرين ۽ الائي جا ڇا ڇا آڇي ويو، پر ٿيو ڪجهھ به نه. ساڳي ڳالهھ پي پي وارن جي لاءِ به آهي ته 2022 وارين برساتن ۾ ماڻهو مري کپي ويا، مال ملڪيت ۽ جانيون ضايع ڪري شهرن جو رخ ڪري وٺي ڀڳا، پر ويچارن جا گهر اڃان به نه ٺهيا يا ڪير به انهن کان پڇا نه ٿو ڪري ته هاڻي جي اهڙيون بارشون آيون ته انهن جو حشر ڇا ٿيندو، يا ڪير انهن جي سار سنڀال لهندو، پر اسان وارا ماڻهو به ڀت جي پليٽ ۾ خوش آهن يا سمجهن ٿا ته هيل به اين جي اوز يا سماجي ڀلائي واريون تنظيمون آهن ته وري به اهي خدا ترس ماڻهو ايندا ۽ انهن جي خدمت به خدائي ٿي ويندي ۽ هيل به اهي ئي سياسي پارٽيون هونديون جيڪي پرُ سال هيون، پر اسان ٿا چئون ته افغانين کي سنڀالڻ واري ڳالھ “آپ نه پالي ڪتا ڌاري” واري ڳالھه آهي ته هتي لوڪل ماڻهو پاڻ بک ٿا مرن، نه روزگار آهي، نه نوڪري آهي، نه ڪو صنعتون نه فيڪٽريون ۽ نه ڪو سکڻو آسرو، يا جي ٻوڏ ٿي اچي ته انهن جا فصل ٻڏي ٿا وڃن يا جي بارشون نه ٿيون ته انهن جا فصل سُڪي ٿا وڃن يا جي گهڻيون بارشون ٿيون ٿين ته انهن جي مٿان فليش فلڊ جي شامت به اچي ٿي ڪڙڪي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ افغاني هن خطي ۾ ڇا ڪندا يا جڏهن پنهنجا ماڻهو ئي بک ٿا مرن ته ٻين جو پيٽ ڪيئن پالبو.
سياسي پارٽين جي ميڄالي ۾ هڪ ڳالهھ ٻي به پختي ويٺل آهي ته شهري ووٽ جي هٿ ڪرڻ جا هٿڪنڊا ٻيا آهن ۽ ڳوٺاڻي ووٽ بينڪ جا لوازمات ٻيا آهن. اهي سمجهن ٿا ته جي انهن هيل به افغانين جي يا اهڙن افغاني پٺاڻن جي مالڪي نه ڪئي ته انهن جا پنهنجا تڪ ۽ ووٽ ٻڏي ويندا. ان ڪري ته شهرن ۾ پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي گراف ڪرڻ سان پي پي جي ٽڪيٽ تي پروفيسر ڊاڪٽر قادرخان مندوخيل اين اي 249 بلديا واري سيٽ کٽي هئي، جيڪا فيصل واوڊا جي هئي. يا هاڻي به جيڪي پٺاڻ آباديون آهن، اهي پي پي جون ووٽر آهن، جنهن جو ثبوت هاڻوڪو شهر جو ميئر به آهي. ان ڪري پي پي لساني سياست کان پرهيز ڪندي قومي ڌاري جي سياست ڪندي آئي آهي، جنهن جو وڏو نقصان اسان قوم جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو آهي. ان ڪري ڳالهھ جي رڳو ووٽ واري مفاد جي آهي ۽ قومي مفاد ڪجھه به ناهي ته پوءِ سياسي پارٽيون پنهنجا ووٽن وارا پتا کيڏن ۽ جيئن وڻين تيئن ڪن، پر ڳالھه جڏهن قومي غيرت جي اچي ته اهي به اها ئي ڳالھه ڪن جيڪا ڳالھه پنجاب ٿو ڪري، جنهن پيج تي بلوچستان پاڻ بيٺو آهي يا جنهن تي ڪي پي ڪي جو موقف آهي. ان ڪري اسان هيل تائين اهو به ڏٺو آهي ته جنهن به سياسي پارٽيءَ کي محبوبيت نصيب ٿيندي آهي يا جنهن به سياسي پارٽي اسلام آباد جا چور دروازا ڏٺا آهن يا انهن کان واقف به آهن ته انهن سدائين پنجاب جي شهرن جي مفاد جي ڳالھه ڪئي آهي ۽ ڪنهن به ڀلجي سنڌ جي مفاد يا قومي غيرت جي ڳالھه ناهي ڪئي، ان ڪري انهن سڀني ڳالهين سان قوم جي دل آزاري ٿي ٿئي ۽ سڀني سياسي پارٽين کي کپي ته اهي ڪڏهن غلطيءَ سان ئي کڻي سنڌي قومي مفاد جي به ڳالھه ڪن ۽ هتان جي ماڻهن کي برمي ۽ بنگالي نه سمجهن ۽ قومن جي شناخت نه بگاڙين.