خاصنئون

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام: مستحق ماڻهن جو ٻيهر سروي ڪرڻ جو فيصلو

وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽر ماڻهن جو هڪ دفعو ٻيهر سروي ڪيو ويندو ته انهن کي اڃان به مالي امداد جي ضرورت آهي يا نه ۽ ڊيٽابيس ۾ ٻين مستحق ماڻهن کي به شامل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 70 لک ماڻهن کي مالي ۽ مواصلاتي معاملن جي تعليم ڏني ويندي ته جيئن اهي پنهنجي بينڪ اڪائونٽن ۽ موبائيل فون جو استعمال ڪري سگهن. هن پروگرام ۾ اسٽيٽ بينڪ ۽ پرائيويٽ بينڪن کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڪائونٽ کولڻ جو سلسلو هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ شروع ڪيو ويندو. ان کان علاوه تحفظ پروگرام ۾ عوام ڪنهن ايمرجنسي جهڙوڪ حادثي يا طبي مسئلي جي صورت ۾ حڪومت سان رابطو ڪري سگهندي، جنهن بعد 48 ڪلاڪن اندر مدد فراهم ڪئي ويندي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بي آءِ ايس پي جو آخري سروي 9 سال اڳ ڪيو ويو هو ۽ پرڏيهي طريقيڪار مطابق هر پنجن کان ڏهن سالن بعد سروي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي مالي صورتحال تبديل ٿي سگهي.