بلاگنئون

مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب اٺون)

(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
(حصو پهريون)
جتي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملن ٿا
(مذهبي رسمن ذريعي دماغي ڪيميسٽريءَ جو استعمال)
”مختلف ٻولين ۽ مخصوص جيوت جو وجود ۾ اچڻ هڪجهڙو عمل آهي ۽ ٻئي ڏاڪي به ڏاڪي وجود ۾ آيا آهن“ -ڊارون
مذهبي خيالن ۽ عقيدن وانگر مذهبي رسمون به اهڙن ذهني طريقيڪارن جي ذيلي پيداوار آهن، جيڪي حقيقت ۾ ٻين مقصدن لاءِ بڻيون آهن.
رسمون، زمان ۽ مڪان کان آجيون ٿي ڪري عقيدن کي برقرار رکڻ، انهن جي واڌ ۽ ويجهه جو ڪم ڪن ٿيون. اسان ڏٺو آهي ته ماڻهوءَ جو دماغ مذهبي خيالن جي تخليق، قبوليت ۽ ان تي يقين رکڻ ۾ ڪيترو اثر قبولي ٿو. جيڪڏهن هي عمل (مذهبي رسمن جو) روڪيو وڃي ته مذهبي عقيدن تي سست رفتاريءَ سان ڪم ٿيڻ لڳي، پر، رسمون اهڙن دماغي مادن کي خارج ڪن ٿيون، جيڪي سخت جذباتي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا ۽ خودداري، لطف، خوف، تحريڪ، سور کان نجات ۽ لاڳاپن جهڙن احساسن کي جنم ڏين ٿا، ۽ هڪ اهڙو مجموعو تخليق ڪن ٿيون، جيڪو انفرادي جزن کان تمام گهڻا ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي.
دماغي ڪيميسٽريءَ کي رسمن ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ: رسمن جي اجتماعي نوعيت اهڙن انفرادي دماغن تي اثر وجهندي آهي، جيڪي پهريان کان ئي اهو اثر قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيل هوندا آهن، ۽ انهن کي گڏيل عمل سان واڌو قوت ملندي آهي، جنهن سان شعوري ۽ غير شعوري قوتن جو هڪ اثرائتو مجموعو تيار ٿي ويندو آهي.
هڪ لحاظ کان دنيا ۾ رڳو هڪ اصل مذهب موجود آهي، جيڪو اسان جي جهنگلي وڏڙن اڄ کان اٽڪل پنجاهه کان ستر هزار سال اڳ آفريڪا ۾ تخليق ڪيو هو. ان اوائلي ماضيءَ جو اندازو، اڄوڪي دور جي وحشي انسانن جي رسمن جو اڀياس ڪرڻ سان لڳائي سگهجي ٿو.
انهن گروهن ۾ سڀ کان پهريان آفريڪا جو ڪُنگ سانُ آهي، جيڪو ٿورو وقت اڳ تائين شڪار ڪري زندگي گذاريندو هو. ٻيو، هڪ اهڙو قبيلو آهي جيڪو ويهين صديءَ تائين دنيا کان پرڀرو هو، اهو قبيلو خليج بنگال جي ٻيٽ انڊمان ۾ رهندو هو. ان قبيلي بابت چيو وڃي ٿو ته اهي ماڻهو، انهن جا پونئر آهن، جيڪي سڀ کان پهريان آفريڪا ڇڏي آيا هئا ۽ عرب ٻيٽ مان ٿيندا، هندستان پهتا ۽ جتان انڊونيشيا ۽ آسٽريليا تائين آباد ٿي ويا. ٽيون، آسٽريليا جا اهي رهاڪو، جيڪي جينياتي مطالعي جي حساب سان آفريڪا مان هڪ لهر جي شڪل ۾ آيا هئا.
انهن ٽنهين قبيلن جا مذهب حيران ڪندڙ حد تائين هڪ ٻئي سان ملن ٿا. ٽنهين قبيلن جي مذهبن جو بنياد راڳ، رنگ، رقص ۽ وجد تي ٻڌل آهي. ڇو؟ ظاهري طور، انهن شين سان اسان جي دماغ جا اهي سڀ کان طاقتور ڪيميائي مادا خارج ٿين ٿا، جيڪي لطف، خوف، اعتماد، محبت، خودداري ۽ لاڳاپن جا جذبات پيدا ڪن ٿا. اسان جي وڏڙن اهڙو طاقتور مذهب دريافت ڪيو هو ته جيڪڏهن اوهان ان تي ڌيان ڏيندا ته ان بنيادي مذهب جو پڙاڏو توهان کي هاڻوڪن سمورن مذهبن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو. جهڙي طرح اسان هڪ لک ورهيه اڳ آفريڪا جي ڪشادن ميدانن ۾ رهندڙ ان ننڍڙي گروهه جو اولاد آهيون، اهڙي طرح مذهب ان گروهه جي دريافت ڪيل راڳ، رنگ، رقص ۽ وجد مان نڪتل آهن.
رسمن جي دماغي ڪيميسٽري: دماغ جا خليا، ڪيميائي مادن جي مدد سان، پاڻ ۾ نياپن جي ڏي وٺ ڪنديون آهن، جنهن کي نيورو ٽرانسميٽر چيو ويندو آهي.
مرڪزي اعصابي نظام رکڻ واري هر جاندار جي اندر هڪ ڪيميائي مادو هوندو آهي، جنهن کي سيريٽونن چيو ويندو آهي. اهو نيورو ٽرانسميٽر جو سڀ کان پراڻو طبقو آهي، جنهن کي مونوامائينس چيو ويندو آهي. سيريٽونن، دماغي نظام جي اندر موجود هوندو آهي، جتان اهو دماغ جي اندر مختلف سببن جي بنياد تي پيغام موڪليندو رهندو آهي. جنهن ۾ وري وري ورجاءَ واري حرڪت جون لهرون به موجود هونديون آهن، پر اسان جي موضوع جي نسبت سان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته سيريٽونن، سماجي ردعمل جي نسبت سان اسان جي خودداريءَ جي جذبي کي به ضابطي ۾ رکندو آهي. جيڪڏهن مونکي نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي ته منهنجي دماغ ۾ سيريٽونن جو مقدار گهٽجي ويندو، ۽ منهنجي سماجي رتبي ۾ گهٽتائيءَ سببان منهنجي اندر امڪاني طور ڊپريشن، چِڙ ۽ بي خياليءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن مونکي ملڪ جو صدر بڻايو وڃي ته منهنجي دماغ ۾ موجود سريٽونن جو مقدار وڌي ويندو، ۽ مان پنهنجو پاڻ کي حد کان وڌيڪ باوقار سمجهڻ لڳندس. ڊپريشن جون نيون دوائون، جيئن پروزيڪ، سيريٽونن جي مقدار ۾ واڌارو ڪنديون آهن ۽ جيڪڏهن توهان خاموشيءَ سان هي ڪتاب پڙهندا هوندا ته توهان جي دماغي سرشتي ۾ سيريٽونن جا خليا في سيڪنڊ ۾ ٽي چڪر ڏئي رهيا هوندا، پر جيڪڏهن توهان گهمي ڦري به رهيا آهيو ته اهو مقدار پنجن چڪرن تائين پهچي سگهي ٿو.
هڪ ٻيو مشهور نيورو ٽرانسميٽر ڊوپامائن آهي ۽ اهو مزي جي احساس سان ڳنڍيل آهي. اسان جي دماغ جو اهو حصو جتي ڊوپامائن جهجهو آهي، ان کي نيوڪليس ايڪمبينس چيو ويندو آهي، ۽ اهو خوراڪ، سيڪس، ۽ منشيات جهڙن محرڪن سان حرڪت ۾ ايندو آهي. هيءَ اهڙي جاءِ آهي جيئن فاسٽ فوڊ تي ”ٻيهر، ٻيهر“ جو ردعمل ڪَرُ کڻندو آهي. ڊوپامائن رڳو مزو ڏيندڙ ڪيميائي مادو ئي ناهي، پر اهو مُشِڪُن جي حرڪت، هڏن، مشڪن ۽ دماغ جي ساڳي وقت گڏ ٿيندڙ چرپر، هر هر ورجائڻ واري عمل، بچاءَ، ۽ ٻين اوچتو ئي اوچتو ٿيندڙ ۽ ورجائيندڙ ڪمن ۾ به سگهارو ڪردار ادا ڪندو آهي.
نيورولاجسٽ اوليور سيَڪِس، ڊوپامائن سان ملندڙ جلندڙ هڪ ڪيميائي مادي سان ڪيٽيٽونيا جهڙي ذهني بيماريءَ جي شڪار مريضن جو علاج ڪري کين شفاياب ڪيو هو. پوءِ پاڻ ان تي هڪ ڪتاب به لکيائون، جنهن تي فلم به ٺهي. ڊوپامائن، اسان جي دماغ ۾ شين کي اهميت جي لحاظ کان چٽو به ڪندي آهي، انهن کي نراليون خوبيون به بخشيندي آهي، ۽ موٽ جي اميد به رکندي آهي.
آخري مانوامين نيورو ٽرانسميٽر ايپي نيفرين ۽ نارايپينيفرين آهن، جن کي ايڊرينالين ۽ نارايڊرينالين به چيو ويندو آهي. ايڊرينالين، اسان جي دل جي ڌڙڪن ۾ واڌارو ڪندي آهي، اسان کي بي چين بڻائيندي آهي، اسان جي ڌيان کي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ جسم مان پگهر ڪڍي ڇڏيندي آهي. اها اسان کي وقتي توانائي پهچائيندي آهي، اسان کي ڀڄڻ يا وڙهڻ لاءِ تيار ڪندي آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي اسان کان نه ڪرڻ جهڙا جسماني ڪم به ڪرائيندي آهي، جيئن ڪنهن ماءُ جو ڪار مٿي کڻي هيٺان ٻچڙي کي ڪڍڻ.
آڪسيٽائيزن، هڪ ٻيو دماغي ڪيميائي مادو آهي، جيڪو مذهبي رسمن ۾ رابطي جو ڪم ڪندو آهي. ٻار جي ڄمڻ وقت ماءُ جي دماغ مان آڪسيٽوسن تمام وڏي مقدار ۾ خارج ٿيندي آهي. کير پيارڻ وقت به آڪسيٽوسن ٺاهوڪي خارج ٿيندي آهي. آڪسيٽوسن، ماءُ جي ٻين لاڳاپن کي هلڪو ڪري، ان جو سمورو ڌيان ٻار ڏانهن ڪرائيندي آهي.
آڪسيٽوسن، جنسي لاڳاپي دوران به پيدا ٿيندي آهي ۽ جنسي تسڪين وقت سٺي مقدار ۾ خارج ٿيندي آهي.
آڪسيٽوسن، ٻنهين ساٿين ۾ ڀروسي، محبت، ۽ همدرديءَ جا جذبا پيدا ڪندي آهي. اها خوف گهٽائيندي آهي ۽ امڪاني طور اسان جي هڙني سماجي جذبن تي هاڪاري اثر ڇڏيندي آهي.
جيڪو مذهب آڪسيٽوسن جو استعمال ڪري سگهي ٿو، ان جي هٿن ۾ انسان جي سڀ کان طاقتور، سڀ کان لطف انگيز ۽ سڀ کان خطرناڪ جذبن جي واڳ اچي وڃي ٿي.
اينڊورفنس نالي دماغ ۾ موجود هڪ ٻيو مادو به هوندو آهي، جيڪو خاص طور مذهبي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو اسان جي جسم کي خمارن ۾ آڻي، فرحت بخش بڻائڻ لاءِ ڄڻ ته آفيم جهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي. اينڊورفنس، ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ سور جي سختيءَ کي گهٽائي ٿو. اينڊورفنس، ورزش، تجسس، ڏک، تڪليف، ڇهاءَ، مزاح، موسيقي، جنسي فرحت ۽ مرچن وغيرهه جي ردعمل ۾ پيدا ٿيندا آهن.
جيڪڏهن ڪو ڊوڙندڙ ماڻهو، ڊگهي ڊوڙ کانپوءِ تڪڙو دماغي اسڪينر آڏو چڪاس لاءِ آندو وڃي ته اينڊروفن جا ريسيپٽر ٻرڻ لڳندا. اينڊروفنس جي مقدار ۾ واڌاري کي ”رنز هاءِ“ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مقدار وڌندو ئي ڊگهي ورزش ڪرڻ کانپوءِ آهي.
اسان جي وڏڙن لاءِ اينڊروفنس کي خارج ڪرڻ سندن بقا لاءِ لازمي هو، عام طور تي ڊگهي ورزش ڌڪجڻ جو سبب بڻبي آهي، پوءِ ڀلي هو شڪار ڪندا هجن يا ڪنهن شڪار کان پنهنجو بچاءُ ڪندا هجن. جيڪڏهن ڌڪ لڳندو هو ته سندن دماغ ان ڌڪ لاءِ تيار هوندو هو ۽ ان ڌڪ جي اثر کي بي اثر ڪرڻ لاءِ کين سور کي گهٽائيندڙ مادو خارج ٿي تيستائين اختيار، قوت ۽ ضابطو ڏيندو هو، جيستائين خطرو ٽري ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هفتي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ جشن ملهائيندڙ پهلوان پنهنجي تڪليف جي آخري حد تائين پهچڻ باوجود جشن ملهائيندا رهندا آهن. انهن کي ٻي ڏينهن پنهنجي تڪليف جو احساس ٿيندو آهي. اهڙي نموني اسان جا وڏڙا به ترت خطري کان محفوظ رهندا هئا.
اينڊورفنس، سماجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ڊوپامائن کي خارج ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي. اهو سلسلو نيورو ٽرانسميٽرس ۾ عام آهي. جيتوڻيڪ هر هڪ جو پنهنجو مخصوص ڪم آهي، پر اهي هڪ ٻئي کي خارج ٿيڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اهڙي نموني اهو منفرد مجموعو وجود ۾ اچي ٿو، جنهن کي مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جن مان هڪ مقصد، مذهبي رسمون آهن.
نيورو ڪيميسٽريءَ جي علم جي ڄاڻ بنا، اسان جي وڏڙن، ڪنهن نموني اهڙين سرگرمين جو مجموعو ڳولي لڌو، جيڪي سيريٽونن، ڊوپامائن، ايپي نيفرين، نار ايپينيفرين، آڪسيٽوسن، ۽ اينڊورفنس کي خارج ڪندا هئا. سمورن معاشرن ۾ مذهبي رسمن کي حرڪت ۾ ڏسي، اهو سمجهڻ جي ڪنجي ملي ٿي ته انهن رسمن جي مقابلي ۾ ٻي اهڙي ڪا مضبوط شئي ڪونه هئي.
انگريزي لفظ ”رليجن“ جو ماخذ لاطيني لفظ ”رليگئر“ آهي، جنهن جو مطلب آهي: ”ٻَڌڻ“. اسان جي وڏڙن اهڙيون رسمون ايجاد ڪيون، جن اسان جي دماغي ڪيميا کي اهڙي منفرد نموني سان قابو ڪيو، جنهن سان ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو اچن ٿا ۽ سماجي لاڳاپا مضبوط ٿين ٿا.
مخالف ماحول ۾ زندهه رهڻ لاءِ اسان جي وڏڙن، سماجي گروهن کي جنميو، جن سان نون قسمن جا مسئلا پيدا ٿيا. گروهن ۾ ذاتي اختلاف ۽ تڪرار پيدا ٿيا، تن کي جيڪڏهن حل نه ڪيو ٿي ويو ته پوري گروهه جو وجود خطري ۾ پئجي سگهبو هو. سماجي جيوت هئڻ ناتي، انتشار اسان جي حق ۾ نه هو. جيڪڏهن، ڪوئي ماڻهو، گروهه جي بقا جي خلاف ڪم ڪندو هو ته ان کي سڌي رستي تي آڻڻ واري کي اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي ان ماڻهوءَ جا دوست ۽ مائٽ سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪن، پر اڻ ڏٺل قوتون-زندهه يا مئل ديوتا- ان ماڻهوءَ جي سزا مقرر ڪري سگهندا هئا، ۽ مستقل نگرانيءَ بنا به گروهه کي مضبوط رکي سگهندا هئا.
جديد تحقيق ان مفروضي کي ٽيڪ ڏي ٿي. سزا تي مذهبن جي اثرن بابت هڪ تحقيق جي دوران رائن ميڪ ۽ ان جي ساٿين، سئٽزرلينڊ ۽ برطانيا ۾ معلوم ڪيو ته جن شرڪت ڪندڙن کي سزا جو تعين ڪرڻ وقت تحت الشعوري مذهبي هدايتون ڏنيون ويون هيون، انهن ٻين جي مقابلي ۾ ماڻهن کي بُرن ڪمن جون سخت سزائون ڏنيون. تحت الشعوري طور ڏنل مذهبي سزائن کي، سيڪيولر سزائن ۽ ضابطي سزائن سان ڀيٽيو ويو ته مذهب سببان ٻين گروهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سزائون ڏنيون ويون هيون. هتي ٻه طريقيڪار ڪم ڪري رهيا هئا. پهريون ”مافوق الفطرت نگران“ جو طريقيڪار سڏجي ٿو. مذهبي ماڻهو، بُرن ڪمن جي سزا سخت ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته ائين نه ڪرڻ سان ”ما فوق الفطرت نگران“ ڏمربو يا ڪاوڙبو. ٻي طريقيڪار ۾ ثقافتي قدرن جر منصف پڻي جي باري ۾ مذهبي سرگرمي شامل آهي.
اهڙي طرح، خدائن ۽ ديوتائن جي تخليق جو ٺوس، پر غير شعوري، سبب بڻجي ٿو. انهن جو ٻيو منطقي قدم، انهن اڻ ڏٺل قوتن سان رابطو قائم ڪرڻ واسطي مذهبي رسمن کي جنمڻ هو، پر رسمن ۾ پهريان انهن اڻ ڏٺل طاقتور هستين کي گهرايو ٿي ويو ته اسان جي وڏڙن ڪيئن مخصوص اڻ ڏٺل طاقتن تي يقين ٿي آندو، يا هي سمجهيو ته مئل معزز شخصيتون به طاقت رکن ٿيون؟ اسان واپس مذهبي عقيدي جي بنيادي عنصرن تائين پهچي ويا آهيون. يعني: پاڻ کان مٿاهين طاقت جو تصور ۽ ان طاقت سان رابطو رکڻ جو احساس، وغيرهه
تڏهن، ۽ هاڻي، خدا ذهن جي پيداوار آهي. يا اڃا تزُ چئجي ته هو ذهن جي ادراڪي طريقيڪار جي ذيلي پيداوار آهي.
رسمن ۽ وجد ۾ خوابن جو ڪردار:
قوي قياس آرائي اها آهي ته اسان جي وڏڙن سڀ کان اڳ ديوتائن کي خواب ۾ ڏٺو هوندو. اڄ اسان ڄاڻون ٿا ته خواب اسان جي ذهن جي پيداوار آهن. اهي اسان جي جذباتي زندگين جي باري ۾ معلومات مهيا ڪن ٿا، ۽ اسان سڀ قبوليون ٿا ته ٿي سگهي ٿو ان جو ڪجهه فهم هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته نه هجي. فرائڊ چيو هو ته ”خواب، لاشعور جي بادشاهي سڙڪ آهن“.
پر، جيتري قدر اسان ڄاڻون ٿا ته اسان جي وڏڙن کي تجربيڪار نفسياتي ماهرن جي سهولت موجود نه هئي، ۽ اسان جا بهترين نفسياتي ماهر به اهو نه ٿا ٻڌائي سگهن ته اسان خواب ڇو ۽ ڪيئن ڏسون ٿا؟ پر، اسان جا وڏڙا به خواب ڏسندا هئا ۽ اسان کي به سمجهڻ جا سبب آهن ته هو سمجهندا هئا ته خواب، تمام وڏي طاقتور شئي آهن.
عيسائيت کان اڳ واري پنجين صدي ۾ جديد دور جي شروعاتي مهذب ۽ روشن خيال يونانين، مريضن لاءِ خاص شفا گهر جوڙايا هئا، جيڪي شفا جي خاص ديوتا اسڪليپيئس سان منسوب ٿيل هئا، ماڻهو اتي سمهڻ لاءِ ويندا هئا ۽ مختلف رسمن، روزن ۽ دعائن ذريعي خواب ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. خواب ۾ مليل معلومات کي هو شفايابيءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته ديوتا سندن خوابن ۾ اچن ٿا. قديم مصري به خوابن کي آسماني علم جو اهم ذريعو سمجهندا هئا.
انساني ارتقا ۾ ٿورو پوئتي هليا وڃون، ۽ تصور ڪريو ته هڪ جهنگلي ماڻهو، ڏهاڪو هزار سال اڳ آفريڪا جي ميدان ۾ ستو پيو آهي. ان کي خواب ۾ هڪ مئل مائٽ اچي ٿو، ظاهري طور ان ڳالهه جو ڪوئي تُڪ نه ٿو بڻجي، پر اهو سمجهڻ جو تُڪ ٿو بڻجي ته خوابن جو عجيب و غريب ماحول هڪ حقيقت آهي. شايد ڪنهن ٻي دنيا جو حصو، جيڪو عقلمند ۽ طاقتور ماڻهن يا ڪنهن قسم جي ديوتائن سان آباد هجي، جيڪي هن دنيا ۾ اسان جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. هاڻي ٿورو ان ڳالهه کي هن دنيا جي باري ۾ حيرانگيءَ جي تصور سان ملايو، ساڻ ٻٽو ادراڪ ملايو (جنهن جي باري ۾ اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته اهو اڻ ڏٺل شين کي قبول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي)، ۽ خدائن تي يقين ڪرڻ جو نسخو تيار ٿي ويندو.
اسان کي ڪڏهن به مڪمل طور معلوم نه ٿي سگهندو ته اسان جي اوائلي وڏڙن پهريون ديوتا ڪيئن پيدا ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته ديوتائن کي فطري طاقتن جي تمثيل ذريعي به تخليقيو ويو هجي، جيئن باهه جو ديوتا. باهه، اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي مذهبن جي رسمن ۾ شامل آهي، جيئن مثال طور ميڻ بتين جي شڪل ۾. ٿورو، اسان جي وڏڙن مان هڪ جو تصور ڪريو، جيڪو پهريون ڀيرو باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. باهه، کيس خاص معجزاڻي شئي لڳي هوندي. ان کانسواءِ ڊرامائي موسمي تبديليون، ٻرندڙ جبل، سج، چنڊ، ۽ ٻيا قدرتي عجوبا. ٻين طاقتور نفسياتي مظهرن وانگر پهرين فطرت کان مٿاهين هستين جو تعين ڪرڻ ۾ ڪيترا ٻيا به جزا شامل هئا.
خدائن جي شروعات سان گڏوگڏ شايد خوابن کان سواءِ به انهن سان رابطو رکڻ لاءِ ۽ انهن تائين رسائيءَ جي شروعات ٿي هوندي.
اتفاقي خوابن تي ڀاڙڻ بدران جيڪڏهن يونانين وانگر اسان جا وڏڙا خوابن جي دنيا سان ڄاڻي واڻي رابطو ڪرڻ چاهيندا هوندا، ته انهن خود پنهنجي ”شاهي سڙڪ“ تيار ڪئي هوندي. اهو ممڪن آهي ته انهن نه رڳو ڪلاڪن، پر ڏينهن تائين رقص ۽ دهل وڄائڻ ذريعي پاڻ تي وجد جي حالت طاري ڪرڻ جو طريقو سکي ورتو هجي. ڪيترن ئي ريڊ انڊين معاشرن وانگر انهن به پنهنجو پاڻ کي پرڀرو ڪري حسيات کان محروم ڪرڻ جو طريقو سکيو هوندو، جنهن سان ڪنهن ٻي جي موجودگي ۽ سڀني سان گڏ ڪنهن هڪ جي موجودگيءَ جو احساس هوندو آهي.
روزي سان نه رڳو احساس متاثر ٿيندو آهي، پر وهم، گهٻراهٽ ۽ غنودگي به سوار ٿيندي آهي. گهڻن مذهبن ۾ روزو رکڻ جي روايت آهي. ان جو سبب، شايد، تصور وڌائڻ جو اثر هجي. اسان جي وڏڙن اهي رسمون هڪ ڊگهي عرصي دوران اختيار ڪيون، ان دوران انهن نيورو ٽرانسميٽر جو مقدار وڌائڻ ۽ گروهن جي لڳاءَ ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ بايو ٽيڪنالاجي سکي ورتي.
امڪان آهي ته اسان جي فاعل ڳولڻ واري صلاحيت (جنهن جو ذڪر پهريان اچي چڪو آهي) جيڪا تجريدي تصور جي پويان انساني فاعل جو ڪردار ڏسندي آهي، رسمن جي دوران دماغي ڪيميائي مادا وڌائي ڇڏيندي آهي. جنهن سان اسان جي وڏڙن کي نه رڳو پنهنجي مري ويل پيءُ ڏاڏي، پر ٻين به فطرت کان مٿاهين هستين ۾ يقين ڪرڻ ۾ مدد ملي هوندي.
هر رسم جو دارومدار اهڙين سرگرمين تي هو جن جي باري ۾ اسان ڄاڻون ٿا ته اهي دماغي ڪيميا کي متاثر ڪري سگهن ٿيون: موسيقي، گيت، رقص، سخت جذبات ۽ ان سان گڏ اڌوري ننڊ. ڪيتريون ئي رسمون چڱيون ٿڪائڻ واريون هونديون آهن، ۽ ماڻهو سڄي سڄي رات ڳائيندا، نچندا رهندا آهن. اهڙي سخت گرميءَ سببان دماغي ڪيميائي مادا جهجهي مقدار ۾ خارج ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن.
اسان جي وڏڙن امڪاني طور معلوم ڪري ڇڏيو هو ته رقص (۽ نشي واريون شيون) وجد جي حالت طاري ڪن ٿيون، ۽ رسمن جي مدد سان اڻ ڏٺل هستين تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهي رسمون خارجي دنيا جي وجود ۽ ان جي اندر موجود روحن جو عوامي ثبوت به آهن. جنهن جو هڪ مثال انگريزي لفظ ”اينٿوئزم“ آهي، جنهن جو ڌاتو يوناني لفظ ”اينٿيوزيئزموس“ آهي، مطلب: ”جنهن جي اندر، ديوتا جذب ٿي چڪو هجي“.
رسمن دوران، فردن بدران گروهه تي ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ رسمون گروهه جي بقا لاءِ اهم ضابطا ۽ سبق ڏينديون هيون. رسمون اهو ڪجهه ڪن ٿيون، جيڪو فرد نه ٿو ڪري سگهي. اهي قبيلي جي نافرمان ماڻهن لاءِ خطرن سان ڀرپور اڻ ڏٺي دنيا، خاص طور مري ويل ماڻهن واري دنيا کي سامهون آڻن ٿا. اهي شروعاتي رسمون عام طور زندگيءَ جي مختلف مرحلن، مثال طور، پيدائش، بلوغت، شادي ۽ موت وقت ادا ڪيون وينديون هيون. انساني ارتقائي علم جي ماهر، راڊني نيڊهيم ٻڌايو آهي ته هاڻوڪي دور جي بچيل وحشي سماجن ۾ زندگيءَ کي جاري رکڻ لاءِ ضرب وارا ساز، اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهڙي قسم جي رسمن لاءِ ضرب وارا ساز، اڄ به هر معاشري ۾ وڄايا ويندا آهن. انهن جي باقيات، يونيورسٽيءَ جي تنظيمن ۾ اڄ به ڏٺي وئي آهي، جتي نون ايندڙ شاگردن کي خوفناڪ ۽ وحشي طريقن سان يونيورسٽيءَ جي زندگيءَ سان روشناس ڪرايو ويندو آهي. ايستائين جو موش پٽِ (هڪ قسم جو انتهائي جارحاڻو رقص) به رسمي جوش ۽ جذبي سان ملي ٿو.
اڄوڪي دور ۾ بچيل سچيل وحشي قبيلا، جيڪي اسان کي ماضيءَ ۾ ليئو پائڻ جو موقعو ڏين ٿا، ماڻهن کي پنهنجي قبيلي جي رازن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ رسمون استعمال ڪن ٿا. ڄاڻ سڃاڻ واريون رسمون دردناڪ ۽ خوفناڪ ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي دماغي ڪيميائي مادا خارج ڪن ٿيون، جيڪي قبيلي سان لاڳاپي کي مضبوط ڪن ٿا. اهڙي قسم جون رسمون، مردن کي جنگين لاءِ راضي ڪن ٿيون، کين وفادار بڻائن ٿيون، ۽ قبيلي جي رسمن ۽ رواجن سان ڳانڍاپو مضبوط بڻائن ٿيون.
آسٽريليا جا اصلوڪا رهواسي (ايبورجني) تاريخ کان اڳ واري دور کي ”خواب وقت“ چوندا آهن، جڏهن ديومالائي هستيون چوڦير گهمنديون ڦرنديون، پاڻ ۾ وڙهنديون ۽ دنيا تخليق ڪنديون وتنديون هيون. اڄ به ڪجهه مخصوص رسمن کان ٻاهرين ماڻهن کي پري رکيو وڃي ٿو ته جيئن قبيلي جا ڌاڳا مضبوط رهن. اسان ڄاڻون ٿا ته ايبورجني تقريبون، ڊگهيون هونديون آهن ۽ ان ۾ خواب-وقت جون ڏند ڪٿائون ڳاتيون وينديون آهن، مقدس تصورن تي ويچاريو ويندو آهي، ۽ نون شامل ٿيندڙن کي ديومالائن ۽ ٻين شين کان متعارف ڪرايو ويندو آهي. انهن رسمن ۾ رقص ۽ جانورن جا ويچارا ڪڍڻ شامل هوندو آهي. ان کان سواءِ، تاڙيون وڄائڻ، ڇريون ۽ پٿر پاڻ ۾ ٽڪرائڻ ۽ ڪيترين جاين تي ڊگهو نلڪي نما ساز وڄائڻ شامل هوندو آهي.
***