هر سماج وقت سان گڏ ڪيترين ئي تبديلين مان گذرندو آهي. انهن تبديلين مان ڪي تبديليون مثبت هونديون آهن ته ڪي وري منفي. سڌريل سماج مثبت روايتن ۽ سرگرمين کي هٿي ڏئي، اڳتي نڪري ويندا آهن. جڏهن ته پوئتي پيل سماج ۾ وري منفي روايتون گهر ڪري وينديون آهن ۽ وڌنديون ويجهنديون رهنديون آهن. فرسوده روايتن جا حامي سماج ڪيترين ئي بيمارين ۽ وهمن ۾ ورتل هوندا آهن. افسوس جو اسان به اهڙي سماج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ هر منفي روايت ۽ سرگرمي جي پٺڀرائي ڪرڻ وارا انيڪ آهن، جڏهن ته مثبت روايتن ۽ سرگرمين کي اپنائڻ وارا تمام ٿورڙا ماڻهو ئي آهن. وقت سان گڏ گٺل پٺل سوچ ۽ روايتن مان جان ڇڏائبي آهي، پر اسان اهڙين روايتن کي اڃان به جيئاريو اچون. هي ايڪيهين صدي آهي، جيڪا جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي آهي. اسان کي پنهنجي علم، عقل ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ئي دنيا ۾ جياپي جا جتن ڪرڻا آهن، پر افسوس جو اسان جا پير پوئتي آهن.
هتي آئون ڪجهه مثال ڏيان ٿو، جنهن مان اندازو لڳايو ته اسان جي سماج ۾ ماڻهو وقت ضايع ڪيئن ٿا ڪن ۽ هن سماج جي مٿان ڪيئن بار بڻجي زندگي گذاري رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ آئون معمول موجب صبح سوير تيار ٿي پنهنجي ڊيوٽي تي پئي ويس. گاڏي اسٽارٽ ڪيم ته هڪ پاڙي واري ڳوٺ جو همراهه اچي اُتي بيٺو. دعا سلام ٿي ۽ مون کانئس ڪم پُڇيو ته چيائين ڪم ڪوبه ناهي. ايتري ۾ مون نڪرڻ جي ڪئي ته وري مون کي روڪي چيائين بيهه ته سهي، صفا تڪڙو آهين. چيومانس ها مون کي وقت تي پنهنجي ڪم تي پهچڻو آهي، ان ڪري آئون نڪرندس. چيائين صفا ڪو رُکو ماڻهو آهين. چانهه وغيره جي صلاح به نٿو ڪرين. تنهنجا وڏا ته ايئن ناهن… هاڻي انهيءَ ڳالهه جو مطلب اِهو ٿيو ته آئون هن واندي ماڻهو کي پنهنجي ڪم جي وقت تي ويهاري ڪچهريون ڪريان ۽ چانهيون پياريان ۽ مانيون کارايان. اصل ۾ ڇا آهي ته اسان وٽ ڪيترن ئي سالن کان اهڙيون روايتون هلنديون اچن، جيڪي اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ ته ٺيڪ هونديون، پر منهنجي خيال ۾ اڄ اهي ٺيڪ ناهن. اسان کي وقت سان گڏ هلڻو پوندو نه ته وقت اسان کي پوئتي ڌڪي ويندو. هاڻي مون ان همراهه کي چانهه نه پياري ته آئون بيڪار ماڻهو ٿي پيس.
اهڙي طرح ماڻهو اڳي شادي جون وڏيون دعوتون ڪندا هئا، ماڻهو پنج پنج ڏينهن پيا کائيندا پيئندا هئا، دعوتون پيون هلنديون هيون. هاڻي ته ايترو وقت ئي ناهي جو هڪ ٻوٽي لاءِ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪريو. آئون دعوتن ۾ گهٽ ويندو آهيان ۽ جتي ويندو آهيان ته اُتي اُن لاڳاپيل شخص سان ملي، کيس مبارڪون ڏئي ۽ نينڍ لکرائي واپس ٿيندو آهيان. ڀرپور ڪوشش ڪري ماني نه کائيندو آهيان. هاڻي اِها ڳالهه به اسان ۾ رُکائي ۽ خرابي جي ذمري ۾ اچي ٿي. منهنجي خيال ۾ اِن ۾ ڪابه خرابي ناهي.
وري جي ڪو ماڻهو هي جهان ڇڏي ويندو آهي ته سندس پونئر تعزيتون وصول ڪندا آهن. جيڪي ٿيڻ به کپن ۽ ڪرڻ به کپن، پر ظاهر آهي ته روزي روٽي جو به بندوبست ڪرڻو آهي. ان ڪري وڌ کان وڌ ڏهه ڏينهن تڏي تي ويهي پوءِ وري جهان کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، پر ان موقعي تي به اسان وٽ اڪثر واندن جي اِها ڊمانڊ هوندي آهي ته مالڪ چاليهي تائين ويٺا هجن. روز ڪو نه ڪو پيو ايندو ۽ واندا ويٺا چانهيون مانيون کائيندا. جنهن جو ماڻهو گذاري ويندو ان جي ڪا مدد ڪرڻ بدران ان تي بوجهه ٿي، ان جي تڪليفن ۾ اضافو ڪندا رهندا آهن. گڏوگڏ اِهي صلاحون به ڏيندا رهندا ته خيرات جي ماني به وڏي پيماني تي ڪريو، جهڙوڪ ڪو خوشي جو سمان هجي. اِها ته حد ٿي وئي. منهنجي خيال ۾ اهڙي روايتن جي به حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي.
ايئن ئي ماڻهو نياڻيءَ جي ڏاج ۽ پُٽ جي شادي جي دعوت لاءِ قرض کڻي به وڏيون دعوتون ڪندا آهن ۽ نتيجي ۾ سڄي عمر قرضن ۾ جڪڙجي برباد ٿي ويندا آهن. هاڻي ڇا آهي ته اسان وٽ اِهي روايتون هلنديون پيون اچن، ان ڪري انهن جي پاسداري ڪرڻ لازمي آهي يا وري وڏا ڪيترين ئي پيڙهين کان ڪندا پيا اچن، ان ڪري اوهان به ايئن ئي ڪريو.
وقت سان گڏ اوطاق ڪلچر به ختم ٿي ويو آهي. اڳي وقت هو ته ماڻهو ويٺا ڪچهريون ڪندا هئا، پر هاڻي ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن. ڪچهريون ڪرڻ جو ڪنهن وٽ وقت ناهي، پر اسان وٽ اڃان به ماڻهو انهيءَ روايت کي هٿي ڏيو اچن ۽ واندن جي ور چڙهيو، سدائين قرضي لڳل آهن. منهنجي خيال ۾ اڄ جون اقتصادي ۽ مالي حالتون هڪ عام ماڻهو کي اِها اجازت ئي نٿيون ڏين ته هُو ويٺو اوطاقون هلائي ۽ ڪچهريون ڪري. اڳي ماڻهو گهٽ هئا ۽ وسيلا وڌيڪ هئا، تڏهن ته اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ هو، پر هاڻي ماڻهو جام آهن ۽ وسيلا گهٽ آهن. ان ڪري اسان کي ڪچهرين جي نه، پر سخت محنت جي ضرورت آهي. ان ڪري وقت سان گڏ اسان کي روايتون به بدلائڻيون پونديون ۽ غير روايتي به ٿيڻو پوندو، جيڪو شروع ۾ ڏکيو ۽ عجيب لڳندو، پر اِهو اڄوڪي تيز دنيا ۾ جيئڻ لاءِ بيحد ضروري آهي.