نئون

پي آءِ اي جي تمام سي اي اوز ۽ ايم ڊيز جي ملڪ ڇڏڻ تي پابندي لاڳو

سپريم ڪورٽ پاران پي آءِ اي جي نجڪاري وارين خبرن بابت پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ سپريم ڪورٽ پاران پي آءِ اي جي تمام ايم. ڊيز ۽ سي. اي. اوز تي ملڪ ڇڏڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ پاران پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي. آءِ. اي جي 9 سالن جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻيءَ دوران پي. آءِ. اي جي وڪيل چيو ته پي. آءِ. اي جي نجڪاري ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي. جڏهن ته پي. آءِ. اي 2016 کان هڪ پبلڪ لميٽيڊ ادارو آهي، جنهن جا 96 سيڪڙو شيئر حڪومت وٽ آهن. اداري کي ڪارپوريٽ رولز تحت هلايو ويندو آهي جڏهن ته اهم فيصلن جو اختيار حڪومت وٽ آهي. هڪ ايم. ڊي مفرور آهي جيڪو جرمن شهري آهي ۽ هو هڪ جهاز به چوري ڪري ويو آهي. مارڪيٽ ۾ پي. آءِ. اي جي شيئرن جي قيمت 10 رپيا هئي جيڪا هاڻي 5 رپيا ٿي وئي آهي .پي. آءِ. اي جي وڪيل چيو آهي ته پي. آءِ. اي جا 916 مقدمه عدالتن ۾ آهن جن مان 500 کان وڌيڪ جعلي ڊگرين جا آهن. سال 2000 کان اداري کي 360 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. پي. آءِ. اي کي 2012 ۾ 37 ارب رپيا، 2015 ۾ 32 ارب رپيا جڏهن ته 2016 ۾ 48 ارب رپين جو نقصان  ٿيو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته پي. آءِ. اي جو هڪ جهاز 9 مهينن کان گرائونڊ ٿيل آهي، جنهن جو هر مهيني 7 لک 35 هزار ڊالر ماهوار ڪرايو ادا ڪيو ويندو آهي. جنهن بعد چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پي. آءِ. اي جي ايم. ڊيز هن اداري جو وڏو نقصان ڪيو آهي. ملڪ جو نقصان ڪرڻ وارا غدار ۽ ظالم آهن، ڇا اهي لکين رپيا پگهارون پي. آءِ. اي کي تباهه ڪرڻ جون وٺندا آهن، نقصان جون وصوليون انهن ذميدارن کان ڪيون وينديون. جنهن لاءِ سڀني جا نالا اي. سي. ايل ۾ داخل ڪيا ويندا، جنهن بعد انهن خلاف تحقيق ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ پاران في الحال  پي. آءِ. اي جي سڀني ايم. ڊيز ۽ سي. اي. اوز جي ملڪ ڇڏڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي.