خيالن ۽ تحقيق جي چوري
اعجاز منگي
هڪڙو لطيفو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ ليکڪ جي لکڻي چورايو ٿا ته اها خيالن جي چوري آهي پر جيڪڏهن گهڻن ليکڪن جون ڪي شيون چورائي ڪو مضمون لکو ٿا ته اها تحقيق آهي. لطيفو پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن ليکڪن جي فهرست ڏيئي انهن جي ڪم کي مضمون ۾ لکجي ته اها چوري نه ٿيندي.
ڪنهن به محقق، ليکڪ، تاريخدان يا شاعر جو ڪم سندس محنت جو ثمر هوندو آهي. جيڪڏهن انهن جي ڪم کي پنهنجو ڪم ڪري پيش ڪيو ويندو ته اها بد ديانتي ۽ بي ايماني آهي. ايمانداري جي گهرج اها آهي ته اصل ليکڪ جو نالو ۽ سندس ڪم ضرور اچڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئن نٿو ڪري ته اهو “خيالن ۽ تحقيق جو چور” سڏبو. انگريزيءَ ۾ اهڙي چوريءَ کي Plagiarism ۽ چور کي Plagiarist چئبو آهي.
جيڪڏهن ڪو ڪنهن ٻئي جي ڪم يا خيالن کي پنهنجي نالي سان پيش ڪري ٿو ته اهو نه صرف پنهنجو نقصان ڪري ٿو پر ٻين جو ۽ معاشري جو ڏوهي به بڻجي ٿو. ننڍي کنڊ جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ سنڌي هندو جتي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ويا اتي وڏي پئماني تي پنهنجو تحقيقي ڪم به پٺيان ڇڏي ويا، جن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جون ٿيسز به هيون. لڏپلاڻ ڪري آيلن نه رڳو ڪوڙن ڪليمن ۾ زمينون، گهر ۽ دڪان ڦٻايا پر انهن ٿيسز کي به پنهنجن نالن سان جمع ڪرائي يونيورسٽين کان ڊگريون ورتيون ۽ وڏن عهدن تي ويهي رهيا.
اڄڪلهه ته ايڇ اِي سي HEC تڪڙو قدم کڻي ٿي جيڪڏهن ڪو تحقيقي مقالو، ماسٽرس يا پي ايڇ ڊي ٿيسز چوري ڪري ٿو، ان جي ٿيسز کي اهڙي چوري پڪڙيندڙ سافٽ ويئر ذريعي چيڪ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ چوري ٿيل مواد وائکو ٿي پوندو آهي پر ان جي باوجود جيڪڏهن شاگرد جو سپروائيزر ان کي ڊگري ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي کي سفارش ڪري ٿو ته ايڇ اِي سي HEC ان سپروائيزر جي خلاف قدم به کڻي ٿي.
خيالن ۽ تحقيق جي چوري ڪو نئون عمل نه آهي، اهو ڪم صدين کان پيو ٿئي. جيڪڏهن ماضي ۽ مستقبل کي جاچڻ جو ڪو پئمانو آهي ته اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته اهڙي قسم جي چوري پئي ٿيندي رهندي. اعليٰ تعليمي ڊگرين جي حصول لاءِ اهو ڪم ته ماضيءَ ۾ ته عام جام هو پر هاڻي به ان شيءِ جو خوف موجود آهي ته چوري ٿي سگهي ٿي.
ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ اها چوري صدين کان پئي ٿئي. هومر، شيڪسپيئر ۽ موليئر پنهنجي تخليقن لاءِ مرڪزي خيال پراڻين آکاڻين ۽ گيتن مان ورتا.
هيلن ڪيلر لاءِ چون ٿا ته هن يارنهن سالن جي عمر ۾ “دي فراسٽ ڪنگ” جي نالي سان هڪ شارٽ اسٽوري لکي، هيلن جي استاد سُليوان هڪ ليکڪا مارگريٽ ڪينبي جي ڪهاڻي فراسٽ فيري پڙهي ٻڌائي. ان کانپوءِ هيلن “فراسٽ ڪنگ” لکي. سندس استاد ۽ هيلن اها ڪهاڻي ته ڪنهن اسڪول جي هيڊ کي موڪلي جنهن اسڪول جي ادبي رسالي ۾ ڪهاڻي کي شايع ڪيو. بعد ۾ اها خبر پئي ته اها شارٽ اسٽوري ڪينبي جي ڪهاڻيءَ جي ڪاپي هئي. هيلن ڪيلر کان ڪلاڪن تائين اهو پڇاڻو ڪيو ويو جنهن جي ڪري يارنهن سالن جي هيلن ڪيلر شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار رهي ۽ ڪڏهن به وري شارٽ اسٽوري نه لکيائين.
مارڪ ٽوئن ان پڇاڻي جي سخت مذمت ڪئي هئي، سندس خيال مطابق هيلن ڪيلر جي عمر تمام ننڍي هئي ۽ ننڍن ٻارڙن جي اهڙين غلطين تي صرف تنبيهه ڪرڻ گهرجي.
ٿامس اسٽيئرس ايلٽ جنهن کي ادبي دنيا ۾ ٽي ايس ايلٽ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ادب ۾ سندس خدمت عيوض نوبل پرائز به مليو. 1922ع ۾ هن “دي ويسٽ لينڊ” نالي هڪ نظم لکيو، سالن پڄاڻان اهو ظاهر ٿيو ته هن هڪ گمنام شاعر ميڊسن ڪيسين جي خيالن کي ڦيرائي گهيرائي لکيو هو، پر ٽي ايس ايلٽ ان ڳالهه جو کلم کلا اظهار ڪندو هو، سندس چوڻ هو ته نابالغ شاعر ڪاپي ڪن ٿا، بالغ شاعر چوري ڪن ٿا، خراب شاعر هر شيءِ جو حليو ئي بگاڙي ڇڏيندا آهن ۽ ڀلا شاعر پراڻي خيال کي خوبصورت بڻائيندا يا ان کي مختلف ڪري پيش ڪندا آهن.
اطالوي زبان جي شاعر ڊانٽي “ڊوائن ڪاميڊي” جي نالي سان طويل نظم لکيو آهي، جيڪو هن 1808ع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1820ع ۾ پورو ڪيائين، سندس نظم ادبي دنيا ۾ شاهڪار طور ليکيو ويندو آهي. ڊوائن ڪاميڊي جنت، دوزخ ۽ ابليس جي باري ۾ لکيل آهي. هن نظم ۾ تمام گهڻيون روايتون اسلام ۽ عيسائيت جي روايت مان ورتيون ويون آهن ۽ گهڻو ڪم ابن عربي جي خيالن جي ڪاپي آهي. ابن عربي اسپين ۾ 26 جولاءِ 1165ع ۾ ڄائو ۽ 16 نومبر 1240ع تي گذاري ويو. ابن عربي تمام وڏو صوفي ۽ عظيم استاد هو، غالب جي اردو شاعري به فارسي شاعرن جي خيالن جو اڻوڻندڙ ترجمو آهي.
غالب جو شعر آهي:
بوئي گل، نالئه دل، دودِ چراغ محفل
جو تيري بزم سي نڪلا وه پريشان نڪلا
بيدل دهلوي جو شعر آهي:
بوئي گل، نالئه دل، دودِ چراغ محفل
هرکه از بزم تو برخواست پريشان برخواست
جنهن جو ترجمو ڪجهه هن ريت آهي:
گل جي خوشبوءِ دل جي دانهن محفل ۾ ٻرندڙ ڏيئو. جيڪي تنهنجي محفل مان نڪتا پريشان نڪتا. بيدل دهلوي جو غالب جي فارسي ۽ اردو شاعريءَ تي وڏو اثر آهي تنهن کانسواءِ اقبال ۽ غالب جا ڪافي شعر اهڙا آهن جيڪي ائين ٿو لڳي ته ٻين جي خيالن کان ورتا ويا آهن.
چون ٿا ته ايران جي ڪنهن بادشاهه جو هيرن جو هار گم ٿي ويو. ان زماني ۾ رواج هو ته چوري ۽ چور معلوم ڪرڻ لاءِ “ديوانِ حافظ” مان فال وجهندا هئا. قسمت جو حال ڄاڻڻ لاءِ حافظ جو ديوان کوليندا هئا ۽ جيڪو شعر سامهون ايندو هو ان مان نتيجو ڪڍندا هئا. ان لاءِ حافظ جي ديوان کي لسان الغيب يعني غيب جي ٻولي به چوندا آهن. بادشاهه نوڪرياڻي کي حڪم ڪيو ته چراغ کڻي اچ ته حافظ جي ديوان مان فال ڪڍان. نوڪرياڻي چراغ هٿ ۾ جهلي بيٺي، بادشاهه حافظ جو ديوان کوليو ته هي شعر سامهون آيو.
چه دلاور است، دزد ڪه بکف چراغ دارد
چور جي همت ته ڏسو جو چراغ هٿ ۾ اٿس بادشاهه نوڪرياڻي تي سختي ڪئي ۽ نوڪرياڻي قبول ڪيو ته هار هن ئي چورايو آهي. ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته ڀلي چوري 50 سال، 500 سال ۽ 5000 سال پهرين ڪيل هجي نشان پويان رهجي ويندا آهن. جيڪي وقت سان گڏ سامهون اچي نروار ٿي بيهندا آهن.
ڪرشن چندر اردو ترقي پسند ادب ۾ تمام وڏو نالو آهي هن ن- م راشد جي پهرين مجموعي “ماورا” جو مهاڳ لکيو ۽ هر هنڌ واهه واهه ٿي وئي، هرڪو ويٺو ڪرشن چندر جا ڳڻ پيو ڳائي اها بعد ۾ خبر پئي ته سندس مهاڳ سي ڊي لوئي جي ڪتاب A hope for poetry جي ڪاپي آهي پر ڪرشن چندر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي.
عصمت چغتائي جي نالي کان ڪير واقف نه آهي سندس ڪهاڻين لحاف، تل ۽ معصومه يا ضدي اردو ادب ۾ يادگار آهن. ضدي تي ته فلم به ٺهيل آهي. ضدي هڪ ترڪيءَ جي ليکڪا جو چوري ٿيل ناول آهي. جنهن ۾ صرف ڪردارن جي تبديلي ٿيل آهي مسلمانن جي نالن بدران هندو نالا استعمال ڪيا ويا آهن. 19 هين صديءَ ۾ ترڪيءَ جي ليکڪا عدالت خانم جي نالي سان حاجره ناول لکيو. 1899ع ۾ ناول اردو ۾ ترجمو ٿيو. 43 سالن بعد عصمت چغتائي ضدي ناول لکيو جيڪو ٿوري ڦير ڦار کانسواءِ حاجره جي ڪاپي آهي.
24 نومبر 1859ع تي چارلس ڊارون هڪ ڪتاب On the origin of species by means of natural selection لکيو جنهن ۾ زندگيءَ جي ارتقا بابت تحقيق ٿيل آهي. ڪجهه ڊارون ٿيوري جون حقيقون هيٺ ڏجن ٿيون.
هر جنس ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي ايتري صلاحيت آهي، جيڪڏهن اولاد وڌيڪ اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ زنده رهي ٿي ته آبادي وڌندي رهندي.
آبادي ۾ ڦير گهير ٿيندي رهي ٿي، پر آبادي جي سائيز ساڳي رهي ٿي.
ذريعا کاڌو وغيره محدود آهن پر اهي مستحڪم آهن.
جياپو جدوجهد سان ملي ٿو.
فرد، آبادي ۾ هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿا.
فردن جي عادتن ۾ تبديلي موروثي ٿئي ٿي. يعني هر فرد ٻئي فرد کان پنهنجي موروثيت جي بنياد تي مختلف ٿئي ٿو.
فرد جيڪي آسپاس جي ماحول سان هم آهنگي نٿا رکن انهن جي نسلي واڌ ويجهه ۽ جياپي جا امڪان گهٽجي ٿا وڃن ۽ اهي فرد جيڪي ماحول سان مطابقت رکن ٿا انهن جي نسلي واڌ ويجهه جا امڪان گهڻا هجن ٿا ۽ پنهنجون خاصيتون ايندڙ نسلن کي منتقل ڪن ٿا. اهو عمل فطري چونڊ چورائي ٿو.
ڊيلي ٽيليگراف 28 مئي 2014 تي هڪ مضمون شايع ڪيو جنهن جي ليکڪ ساره نيپٽن Sarah knapton آهي. هن ڊاڪٽر مائيڪ جيڪو هڪ يونيورسٽي ۾ ڏوهن پڪڙڻ جو ماهر آهي ان چيو ته فطري چونڊ جو نظريو ڊارون هڪ اسڪاٽ لينڊ جي ماڻهو پيٽرڪ ميٿيو کان ڪاپي ڪيو آهي.
انهن ڳالهين تي سالن کان بحث هلي ٿو پر نقطو اهو آهي ته سائنس هجي يا ادب خيالن ۽ تحقيق جي چوري انتهائي غير اخلاقي عمل آهي.
تخليقڪار ۽ محقق کان اهڙي غير اخلاقي عمل جي اميد نٿي ڪري سگهجي. اڄ جي دور ۾ جتي انٽرنيٽ اسان جي کيسن ۾ آهي اتي اهڙي چوري سيڪنڊن ۾ پڪڙجي پوي ٿي پر اڄ کان سوين سال اڳ يا ائين کڻي چئجي ته هزارين سال پهرين ڪيل چوري به لڪي نٿي سگهي. ڏوهه پنهنجي پٺيان پيرا ڇڏيندو آهي. محققن ۽ تخليقڪارن کي صلاح آهي ته معاشري ۾ انسانيت کي توهان جي خدمتن جي ضرورت آهي ۽ معاشري ۾ انهن جي عزت آهي جيڪي محنت ڪن ٿا ۽ چوري نٿا ڪن.
نوٽ: هي مضمون لکڻ لاءِ:
(Plagiarism, World Literature and Spying by Rouf Parkash Dawn.com), (Wikipedia.org), (www.plagiarism.org)
(ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر-شيخ اياز)، (چه دلاور است جامعه ڪراچي)، (آڪسفورڊ ۽ ميريم ويبسٽر ڊڪشنري ڊيلي ٽيليگراف کان مدد ورتي وئي آهي).