چمڙن جي قدرتي ٺڪاڻن کي محفوظ ڪرڻ سان مستقبل ۾ وائرس جي خطرن کي روڪي سگهجي ٿو: نئين تحقيق

نئين تحقيق مطابق مستقبل ۾ وبائي مرضن کي روڪڻ لاءِ جهنگلي حيات جي قدرتي رهائش گاهن کي محفوظ رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي. سائنسي مئگزين نيچر ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيقي آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جهنگلي جانورن کي پنهنجي قدرتي رهائش گاهن ۾ گهربل خوراڪ دستياب نه هوندي ته اهي انهن کي ڇڏي زرعي علائقن جو رخ ڪندا جنهن جي نتيجي ۾ اهي پالتو جانورن ۽ انسانن ۾ بيماريون پکيڙيندا. يونائيٽيڊ پريس انٽرنيشنل مطابق ڪارنيل يونيورسٽي جي سائنسدانن ان ريسرچ ۾ 1996ع کان وٺي 2020ع جي وچ ۾ آسٽريليا ۾ فروٽ تي پلجندڙ چمڙن طرف توجهه ڇڪرايو آهي ته هڪ جانور جي نسل مان ٻئي نسل ۾ بيماريءَ جي منتقلي جي خطرن کي سمجهي سگهجي ٿو. انهن جو چوڻ آهي ته مستقبل جي وبائي مرضن کي روڪڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته جهنگلي حيات جي قدرتي رهائشگاهن کي تباهه ڪرڻ بند ڪيو وڃي. ان ريسرچ جي محققن جو چوڻ آهي ته 1990 جي ڏهاڪي ۾ جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ هر وبائي بيماريءَ جا ٻه سبب رهيا آهن. پهريون ته انهن جي قدرتي ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهي زرعي علائقن جو رخ ڪن ٿا ۽ ٻيو آبهوا جي ڪميءَ سبب انهن جي خوراڪ جي ڪمي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments