ذات پرستي ان دور جي نشاني آھي، جڏھن انسان اڃان ترقي جون منزلون طئي ڪري رھيو ھو. ھڪ خاندان کي پنھنجي وجود بچائڻ ۽ جيوت لاءِ کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ جوٽڻي پوندي ھئي، پوءِ خاندان جا سمورا فرد ان جنگ ۾ حصو وٺندا ھئا، وجود ۽ کاڌي لاءِ انھن کي خاندان جي حفاظت ڪرڻي پوندي ھئي. جڏھن خاندان کان وڌي قبيلائي دور جي طرف قدم وڌيو، جيڪو علائقي جي حفاظت يا قبائلي سردار جي حڪم موجب قبيلي جي اثاثن، فردن، عزتن جي حفاظت لاءِ جنگ جوٽڻي پوندي ھئي. عصبيت، ذات پرستي ۽ قبيلائي عصبيت اسان جي سماج جو ھڪ ڇرڪائيندڙ سچ آھي. تازو ٿر ۾ ان جو مظاھرو ڏسي چڪا آھيو ھي ھڪ اھڙو سماجي معاملو آهي جيڪو سڄي معاشري کي متاثر ڪري ٿو. سنڌي سماج ۾ ان بابت پھاڪن ۾ جنھن ذات تي غيرت ڪونه ايندي ان کي زال تي به ڪونه ايندي، جيڪڏھن ڪو عام شخص ذات پرستي ڪري ته ان کي برداشت ڪري سگھجي ٿو، پر پبلڪ پراپرٽي بڻيل شخصيتون جھڙوڪ: اسيمبلي ميمبر، عوامي اڳواڻ، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، پروفيسرن سميت ٻيا سرڪاري عملدار ذات پرستي ڪندا ته پوءِ انصاف کي ڪيترو نه ڌڪ لڳندو، پر سنگتي ان کي باقاعده حق سمجھي ڪن ٿا پنھنجي قبيلي ۽ ذات جو مختلف معاملن ۾ پاسو کڻن ٿا. جيتوڻيڪ اسان وٽ تعليم ۾ واڌارو آيو آھي، پر ان باوجود ھي نفسياتي مسئلا رھيا آھن.
اڄ جي ھن مضمون ۾ ان ذھني بيماري جو نفسياتي جائزو وٺنداسين. ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت انسان جا اھڙا رويا آھن، جيڪي بنيادي سماجي تعلق جا اهڙا پاسا آهن، جي صدين کان اسان جي سماجي جوڙجڪ تي ڇانيل ۽ اثرانداز ٿيندا رهيا آهن. نفسياتي طور تي، اهي رويا انسان جي اندروني مسئلن ۽ ٻاهرين سماجي دٻاءُ جو نتيجو آهن، جيڪي فرد کي گروهه جي دائري ۾ محدود ڪن ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي جديد دور ۾، جڏهن تعليم عام ٿي چڪي آهي، تڏهن به اهي رجحان پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ گهٽجڻ بدران، اڃان به مضبوط ٿيندا نظر اچن ٿا. ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت جي بنيادي نفسياتي سبب جو جائزو ورتو آھي. ذات پرستي ۽ قبائليت جي روين جي پاڙ انسان جي فطري ۽ سماجي نفسيات ۾ لڪيل آهي. نفسياتي ماهرن موجب، هيٺيان ٻه سبب اهم آهن:
سڃاڻپ ۽ تعلق جي نفسياتي ضرورت:
سماجي سڃاڻپ جو نظريو: انسان فِطري طرح سان پنهنجي گروهه سان تعلق رکڻ چاهي ٿو. ذات يا قبيلو سڀ کان آسان ۽ تڪڙي سڃاڻپ جو سبب بڻجي ٿو. گروهي تعلق سان هڪ فرد کي پختو احساس ڏئي ٿو ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه آهي ۽ کيس حفاظت ۽ مدد ميسر آهي.
عزتِ نفس جو تحفظ: ھر ماڻهو پنهنجي گروهه يا ذات کي وڌيڪ سٺو سمجهي ٿو ته جيئن پاڻ کي سٺو محسوس ڪري سگهي. جيڪڏھن ھو پنھنجي ذات کي برو سمجھندو ته ان جي پنھنجي عزت نفس مجروح ٿيندي. پنهنجي ذات يا قبيلي کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ سان، فرد جي عزتِ نفس کي هٿي ملي ٿي ۽ هو ٻين گروپن کي پاڻ کان هيڻو ۽ ڪمزور سمجهي پاڻ کي مطمئن ڪري ٿو.
خوف ۽ عدم تحفظ:
جڏهن فرد سماجي يا معاشي طور پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، تڏهن هو پنهنجي “سماجي حفاظت” جي لاءِ پنھنجي مضبوط گروهه سان جڙي رهي ٿو. قبائليت ۽ ذات پرستي جو جذبو هن “خوف” کي گهٽائڻ جو نفسياتي وسيلو آهي، ڇاڪاڻ ته گروهه جي گڏيل طاقت خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
سکيا ۽ سماجي ورثو:
جيڪي ٻار جيڪي پنهنجي گهر ۽ ماحول ۾ ذات يا قبيلي جون ڳالهيون ٻڌي ۽ ڏسي ٿا وڏا ٿين، اهي لاشعوري طور اهي رويا سکي وٺن ٿا. هيءَ روين جي سماجي سکيا ذهني طور تي هڪ مضبوط نقش قائم ڪري ٿي، جنهن کي مٽائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ھن وقت اھو ڪم واٽس ايپ، فيس بُڪ، ايڪس سميت سوشل ميڊيا جا ٽولز ڪري رھيا آھن. ٻارن، نوجوانن ۾ ذات پرستي ۽ قبيلائيت جو ٻج ڇٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا.
گروهي فيصلا: پنهنجي ذات يا قبيلي جي فيصلن تي بنا سوچ “ها” چوڻ سان گروهه ۾ جاءِ ملڻ جو اطمينان ٿئي ٿو، جنهن کي نفسيات جي ٽرم ۾ “موافقت جي ضرورت”(Need for Conformity) چئبو آهي. پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ ذات پرستي ۽ قبائليت ڇو آھي؟ تعليم جو مقصد فرد جي سوچ کي آزاد ۽ روشن ڪرڻ آهي، پر سنڌي سماج ۾ ڏٺو ويو آهي ته پڙهيل لکيل نوجوان به ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت جي چڪر ۾ گهڻو ڦاٿل آهن. ان جا سبب به گهڻو ڪري سماجي، نفسياتي آهن.
موقعن جي اڻاٺ ۽ مقابلي جو رجحان:
معاشي دٻاءُ: اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ باوجود جڏهن نوڪريون، داخلا يا ٻيا معاشي موقعا محدود ٿين ٿا، تڏهن نوجوان مايوس ٿي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ ذات يا قبيلو هڪ “آخري سهارو” يا “شارٽ ڪٽ” بڻجي ٿو جنهن جي وسيلي اهي پنهنجا جائز يا ناجائز حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنهنجي قبيلي جي اڳواڻ کي ووٽ ڏيڻ يا ذات جي بنياد تي حمايت ڪرڻ سان هو محسوس ڪن ٿا ته سندن مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
ٻٽي سڃاڻپ:
تعليم ۽ عمل ۾ تضاد: نوجوان تعليم ذريعي برابري ۽ جديديت جا سبق پڙهن ٿا، پر عملي زندگيءَ ۾ کين پنهنجي خاندان ۽ سماج جي قديمي رواجن کي مڃڻو پوي ٿو. هن تضاد کان بچڻ لاءِ، هو هڪ “ٻهروپي سڃاڻپ” اختيار ڪن ٿا: يونيورسٽيءَ ۾ روشن خيال، پر گهر ۽ ڳوٺ ۾ قبائلي جيئن ھن وقت اوھان ڪميونسٽ، لبرل، قومپرست نوجوان جيڪي زاھد شيخ جي شاعري زاھد ذاتين جا باغي سنڌي قوم جي جهمريون پائين، جن تربيتي سيشن ۾ وڏا ڊاڙ ھنيا. اھي به ذات پرستي جي لڙ ۾ لڙھي ويا. طاقت جي جوڙجڪ سنڌ ۾ وڏيرڪو ۽ سرداري نظام تعليمي ادارن ۽ سرڪاري کاتن تي به اثر رکي ٿو. پڙهيل لکيل نوجوان جڏهن ڏسن ٿا ته قابليت کان وڌيڪ ذات جي سفارش ڪم اچي ٿي ته اهي به بچاءُ خاطر يا فائدو وٺڻ لاءِ ان نظام جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
پنھجيون اندروني ڪمزوريون ۽ رهبري جو فقدان:
تنقيدي سوچ جو فقدان: تعليم يافته هجڻ جي باوجود، گهڻا نوجوان تاريخ ۽ سماجي روين تي تنقيدي سوچ استعمال نٿا ڪن. هو آسانيءَ سان پنهنجي بزرگن جي غير منطقي ذاتياتي دليلن کي قبول ڪري وٺن ٿا. قبائلي ماحول جي ڪري ھنن وٽ بزرگن سان مخالفت ڪرڻ جي طاقت ئي ناھي.
سنجيده بحث ۽ راءِ جو گهٽجڻ: جيئن ته سول سوسائٽي ۽ مضبوط قومي ادارا ۽ آواز ڪمزور ٿيا آهن. قبائلي سوچ جي خلاف ڪو مضبوط ۽ متبادل عوامي راءِ موجود ناهي. ان ڪري نوجوانن کي لڳي ٿو ته ذات پرستي سماج جو هڪ عام ۽ قبول ٿيل حصو آهي. ھو ان جي مخالفت ۾ ڪو محاذ نٿا ڏسن. ذات پرستي ۽ قبائليت جي خاتمي لاءِ، رڳو قانوني يا سماجي سڌارا ڪافي نه آهن، پر نفسياتي سڌارن جي به ضرورت آهي. تعليم کي صرف نوڪري ڏيڻ بدران، ان کي انساني برابري، تنقيدي سوچ ۽ همدردي جي جذبي کي وڌائڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. سماج ۾ جڏهن قابليت کي ذات کان وڌيڪ اهميت ملندي ته نفسياتي طور تي نوجوان ذاتياتي تحفظ ڳولهڻ بدران پنهنجي ذاتي صلاحيتن تي ڌيان ڏيندا. تعليم يافته ۽ بااثر شخصيتن کي ذات پرستي خلاف عوامي موقف وٺڻو پوندو ته جيئن نوجوان هڪ بهتر ۽ انسانيت تي ٻڌل سڃاڻپ اختيار ڪري سگهن ۽ اھڙا رول ماڊلز بنائڻا پوندا جيڪي ذات پرست نه ھجن. جڏھن ملڪ ۾ عدالتي ۽ پوليس سميت ھر اداري ۾ انصاف جو نظام قائم ٿيو ته خود بخود ذات پرستي گھٽ ٿي ويندي. جڏھن سياسي پارٽيون ذات جي گھڻائي بدران ڪارڪردگي يا ڪم جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏينديون، مقامي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن بدران سچن ڪارڪنن کي ترجيح ڏينديون ته ضرور فرق پوندو. هر فرد ۽ خاص ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن کي ان پنجوڙ کي ٽوڙڻ جي ذميواري کڻڻي پوندي، جيڪا کين ذات ۽ قبيلي جي محدود دائري ۾ قيد ڪري ٿي ۽ حقيقي ترقي ۽ انسانيت جي پيغام کان پري رکي ٿي. ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. ھر پڙھيل لکيل نوجوان ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.