روس جڏهن بالويشڪ انقلاب آندو ته دنيا جا اهي ملڪ جيڪي سرمائيدار هئا ۽ اهي ملڪ پڻ جن سدائين سامراجي ملڪن جي اوبر کاڌي هئي/آهي. هنن وٽ دنيا ۾ ڪوبه اوزار نه هو جيڪو هنن سوويت يونين جي خلاف استعمال نه ڪيو هو. سوويت يونين جي خلاف سامراجين اربين ڊالر پاڻيءَ جيان وهائي ڇڏيا. سموري دنيا کي ادب جي وسيلي ۽ ٻين طريقن وسيلي ڊيڄاريو ويو ته سوويت يونين ڪميونسٽ آهي ۽ اهو اسلام دشمن نظام آهي. سعودي عرب کان وٺي پاڪستان، ايران ۽ ٻين ملڪن تائين سوويت يونين جي خلاف اجايو زهر پکيڙيو ويو، پر دنيا ڏٺو ته سوويت يونين ڪنهن به مسلم ملڪ تي چڙهائي ڪري لکين مسلمانن جو اهڙي ريت قتل عام نه ڪيو، جهڙيءَ ريت اڄ تائين مسلمانن جا سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪي قاتل آهن ته اهي سامراجي ملڪ ئي آهن، جن سوويت يونين کي مذهب جي خلاف استعمال ڪيو. جڏهن سوويت يونين جي پنهنجن ئي غدارن مير صادق گوربا چوف ۽ مير جعفر يلسن غداريون ڪيون ۽ سوويت يونين وکري ويو، دنيا ڏٺو ته ڪيتريون مسلم رياستون سوويت يونين کان الڳ ٿيون، پر ڇا روس انهن جي خلاف هڪ به گولي هلائي هئي؟ پر پوءِ به روس جي خلاف زهر اوڳاڇڻ جاري رهيو. روس ته هر انهيءَ ملڪ جي جاني توڙي مالي مدد ڪئي جتي استعماري قوتن ٻين ملڪن کي غلام بنائڻ ٿي چاهيو. سوويت يونين کي ته ٽوڙيو ويو، پر انهيءَ کي اڃان به وڌيڪ ٽوڙڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ اڄ به سامراجي قوتن جون ننڊون حرام آهن. سمورن سامراجي ناپاڪ ارادن جي باوجود روس وڌيڪ وکرڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿي رهيو آهي، جنهن جو سمورو ڪريڊٽ صدر ولاديمير پيوٽن جي محنتن ۽ اڻٿڪ جدوجهدن جو ثمر آهي. جنهن پنهنجي رات ڏينهن جي ڪوششن سان روس کي هڪ ڀيرو وري نئين طاقت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. جنهن جي خاص ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين کي عالمي سياست ۾ هڪ مضبوط ۽ چٽي موقف جي طور تي ڏٺو پيو وڃي. هن هڪطرفي عالمي نظام کي چئلينج ڪندي هڪ متوازن ۽ گهڻ عالمي دنيا کي جوڙڻ ڏانهن قدم وڌايو آهي ۽ اهو اهڙو رخ آهي، جنهن کي تاريخ ۾ عالمي عدل جي قيام لاءِ بنيادي اهميت حاصل رهي آهي.