بلاگ

سڏ پڙاڏا وائڙا ويندا ڪونه وريام

سنڌ سنڌ وارن جي هڪ عظيم ڌرتي آهي، جنهن جي ڪُک مان ڪيئي قلم ڌڻي، عالم، اڪابر، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي پيدا ٿيا جن پنهنجي فهم ۽ فڪر سان پنهنجي سموري قوم جو پنهنجي عمل سان ڳاٽ اوچو پئي رکيو آهي. انهن مان شيخ مبارڪ علي المعروف شيخ اياز جنهن جون علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي خدمتن وارو پسمنظر تمام وسيع ۽ گهرو آهي. شيخ اياز گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، سندس اٿاھ ادبي خدمتن تي لکڻ ڪو ايڏو آسان ڪونهي جو هنن چند صفحن ۾ ماپي سگهجي. شيخ اياز هن ڌرتيءَ جو فرض شناس انسان هو جنهن پنهنجي ماءُ ٻوليءَ پنهنجي ڌرتيءَ جي ٿڃ کي هڪ فرمانبردار پٽ جيان واهه جو ملهايو آهي. شيخ اياز جو اڄ کان پنجويھ سال اڳ جيڪو وڇوڙو ٿيو انهيءَ سان سنڌي ادب کي وڏو نقصان پهتو، اهڙو خال وري اڄ تائين نه ڀرجي سگهيو آهي ۽ ڀرجي به ڪيئن؟ هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ هوندي آهي. شيخ اياز وٽ پنهنجي ادبي واٽ هئي انهيءَ تي هلندي ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺائين، پر انهن راهن تان تر جيترو به نه هٽيو ۽ اڏول بيٺو رهيو. ڇاڪاڻ ته هُو پيدا ئي سنڌي ٻولي جي خدمت لاءِ ٿيو هو. هن ڪيترائي بيت، نظم، گيت، غزل پنهنجي پيارن ۽ دل وارن لکيا جن کي پڙهڻ، ڳائڻ ۽ جهونگارڻ سان دل خوش ته ڪڏهن غمگين ٿي وڃي ٿي. سندس ڪلام جو مثال آهي:

ڪـــيڏا ڏُور ويـــا، ســـانگـــي جـــي ســاڻيھ جـــــا!

تـــن جــــي ڏيـــــــھ ڏهــــاڳ کــان، ڏونگر ناھ ڏيا!

هيء هيء هــانوَ هيا، ڪئين جا ليئه هن جوءِ ۾!

ولي رام ولڀ لکي ٿو ته: ”شيخ اياز پنهنجي وڪالت جي پيشي سان گڏ شاعري ڪندو رهيو ۽ سندس ڪتاب شايع ٿيندا رهيا. سندس شاعري ڳائبي رهي ۽ شاگردن، اديبن ۽ شاعرن جا روح گرمائيندي رهي. ڪابه گڏجاڻي، محفل ۽ ڪانفرنس اهڙي ڪانه هئي، جنهن ۾ ڪنهن حوالي سان سندس چوٻول نه هجي. هو پنهنجي تخليق جي ڪري جيل ياترائون به ڪندو رهيو. کيس شهر نيڪاليون ملنديوشيخ اياز سان جيئري ڀلي ڪن سينا ساهيا به هجن، رنج رساما، تنقيدون ڪيون هجن، پر شيخ صاحب انهن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليو، پر هو لکندو رهيو، سندس لکڻين مان نيون نيون تخليقون نوان رنگ نکرندا ۽ نروار ٿيندا رهيا. انهن تخليقن سان سنڌي ادب جو دامن وسيع ٿيندو رهيو ۽ سندس تخليقن جا پرواز ڏينهون ڏينهن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچندا ۽ مڃتا حاصل ڪندا رهيا. تڏهن ڪنهن ٿي ڄاتو ته شيخ اياز وٽ جيڪو تخيل آهي اهو هماء پکي وانگر صرف گونج ڪندو آهي، پر ڏسبو نه آهي محسوس ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ اهو تخيل جيڪو هزارن دلين تي راڄ ڪري ۽ هزارين چاهيندڙ پيدا ڪري سوئي مڃتا ماڻيندو رهي ٿو. شيخ اياز تي گهڻو لکيو ۽ گهڻو ڳالهايو ويو آهي. هر قسم جي قلمڪارن شيخ اياز جي پورهئي کي پسند ڪيو آهي ۽ پنهنجي علم، عقل ۽ شعور مطابق ان کي سمجهيو آهي. عالم، اديب، محقق ۽ نقاد سندس نظم ۽ نثر جي خوبين ۽ خامين تي ڳالهائيندا، لکندا ۽ پڙهندا رهيا آهن. ايئن ڏسندي ڏسندي شيخ اياز پنهنجي سمورين صلاحيتن سان نظم توڙي نثر جي دنيا تي جيڪو عروج حاصل ڪيو سو هرو ڀرو ڪنهن ٻئي شاعر کي حاصل ڪونه ٿيو ۽ انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن جن تي اظهاريو ويو آهي. اڄ شيخ اياز اسان وٽ موجود ڪونهي سندس ڪتابن ۾ ڳالهيون پيون ڳائبيون ۽ انهن تي نوان تجربا پيا ٿيندا رهندا. سندس دوحن ۾ عشقيه، هائيڪن ۾ محبت، غزلن ۾ بُکن، ڏکن، سُکن ۽ خوشين جون ڳالهيون، آزاد نظمن ۾ ڪَتِيُن، قافلن، رهگذرن ۽ سفر جو ذڪر ملي ٿو. اهڙي طرح سندس گيتن ۾، انقلابن، ڳوٺن ۽ شهري زندگيءَ جي عڪس کان ويندي محبوبن جي ادائن جي گونجار جا پڙڏا واڄٽ ڪري وڄندا رهندا ۽ اها سندس تخليقي سگھ آهي جنهن کي ڪوبه ماٺ نٿو ڪرائي سگهي.

ن رهيون. سندس ڪتابن تي بندشون پونديون رهيون. مخالف گروھ ۽ طبقا مٿس دهريو، ملحد، ڪافر ۽ واجب القتل جون فتوائون ڏيندا رهيا.“ (ٽماهي مهراڻ، ڇاپو ٽيون، (شيخ اياز نمبر)، 2005ع، ص: 263) اڄ شيخ اياز هن دنيا ۾ موجود نه آهي، نه ئي ڪير کيس قيد ڪري سگهي ٿو.

شيخ اياز لاءِ ڪن چيو ته، هُو مهان شاعر هو، ته ڪن وري لطيف ثانيءَ جي لقب سان پڪاريو انهن سڀني جيڪو چيو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهيو اهو ايئن آهي جيئن اُهي چون ٿا. مان ڪير ٿيندو آهيان جو وڏن عالمن جي عقل ۾ ٽَنگُ اڙايان. شيخ اياز پختو شاعر، سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، سنڌ ڌرتيءَ سندس محبوب کان وڌ پياري هئي. تڏهن ته چيو اٿس:

سهنـــدو ڪـــير مــــيار، او يـــــــار!

سنڌڙيءَ تي سر ڪــير نه ڏيــنـدو!

جـــهول جهلي جنهن وقت ڀٽائـي،

ڪــــــرنــــــــدا ڪـنڌ هـــزار او يــار!

سنڌڙيءَ تي سر ڪــير نه ڏيـــندو!

نــيٺ ته ڊهنـــــدي، ڪيـــسين رهندي،

دوکــــــــــي جـــــي ديـــــوار، او يـــار!

سـنڌڙيءَ تي ســـر ڪـــير نه ڏيـندو!

آهي ڪو نقاد جيڪو سندس ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ کي گناهه سمجهي. شيخ اياز اهو شاعر هو جنهن پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪيو پنهنجي زندگيءَ جي گذاريل گهڙين کي قيمتي سمجهي سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي، اقتصادي، ثقافتي حالتن ۽ قدرن جي ترجماني ڪندي اڳتي وڌنڌو رهيو. اياز پنهنجي تخليقي پرواز کي خول ۾ بند ڪونه ڪيو ۽ جتي جتي انسانن جو رت وهيو اتي سندس هيانءُ ۾ ڪنڊو ٿي چڀيو. اسان جيڪڏهن شيخ اياز جي هڪ هڪ ڪتاب ۽ هرهڪ موضوع بابت لکون ته ڪيترائي ڪاغذ ته ڪارا ٿي ويندا، پر سندس فڪر سان انصاف ڪرڻ لاءِ علم ۽ عقل ٻنهي جو درست استعمال ڪرڻ ۽ ان جي هڪ هڪ پهلوءَ تي سوچڻ لاءِ محقق واري گهري نگاھ سان سوچڻ سمجهڻ ۽ غور ويچار سان ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي شيخ اياز جي ادبي ڪم سان انصاف ٿي پوندو. هونئن ته شيخ اياز جا ڪيترائي انمول ڪتاب آهن اسان هت هيٺ سندس ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ جو مطالعو پيش ڪريون ٿا:

گيڙو ويس غزل: هي هڪ غزلن جو ڪليات آهي جنهن کي اسحاق سميجي مرتب ڪيو آهي. مذڪوره سمورو ڪتاب ڇھ سئو ٻارهن صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 2004ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي نامياري شاعر نارائڻ شيام جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جو سٽاءُ هن طرح جو ترتيب ڏنو ويو آهي: سپنا منهنجي جهوليءَ ۾، شيخ اياز جنهن ۾ شيخ اياز جي راءِ ڏنل آهي. اهڙي طرح هيءَ ڪوتا نه هئي ڪا نئين مَت هئي جي عنوان سان ڪتاب جو مهاڳ اسحاق سميجو جو لکيل آهي. انهيءَ کانپوءِ غزل. ڏسڻي، جُهڙالي هوا، گلابي گلي ۾ واري عنوان هيٺ شيخ اياز جي غزل بابت محمد ابراهيم جويو، هري دلگير، امير علي چانڊيو، اي. جي اُتم، رشيد ڀٽي، امداد حسيني، تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فتاح ملڪ، تاج جويو، پروفيسر ارجن شاد، موهن ڪلپنا ۽ واسديو نرمل جهڙن ناميارن عالمن ۽ نقادن جا شيخ اياز جي غزل بابت مختصر تنقيدي رايا ڏنل آهن. محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز جي غزلن بابت لکي ٿو ته: ”اياز جا غزل به غزل جي ايراني ۽ اردو روايت سان پوري بغاوت آهن. انهن کي فقط فارم غزل جو آهي، پر انهن جي ٻولي ۽ انهن جو فني حسن سنڌ جي تهذيب ۽ ڌرتيءَ مان ايئن اسريو آهي، جيئن ٿر برسات کانپوءِ اوچتو سائو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي ساوڪ ۽ سُرهاڻ لونءَ لونءَ ۾ گهر ڪري ويهندي آهي… هن مجموعي جي سڄي شعر ۾ اياز سوين نوان قافيا استعمال ڪيا آهن، جي هُن کان اڳ ڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪم نه آندا آهن.“ (جويو: 2004ع، ص: 497)، جڏهن مذڪوره ڪتاب ۾ شامل ٿيل غزلن جو مطالعو ڪجي ٿو ته واقعي اها ڳالھ مڃڻي ۽ تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته شيخ اياز نوان قافيا استعمال ڪري پنهنجي عزلن ۾ هڪ منفرد فضا داخل ڪئي آهي جنهن مان بهار جي آمد جهڙي خوشبوءِ نروار ٿي دل ۽ دماغ کي معطر ڪري ٿي. ٻئي طرف اهو به ڏسڻ اچي ٿو ته شيخ اياز جي غزلن ۾ اهڙي ته ڪشش رکيل آهي جو انهن ۾ سندس فن ۽ ڪلا واري ڏات شعور جون ڇوليون هڻي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙ کي موهيو ٿي رکي، اهو سندس سوچ ۽ سمجھ جو ڪمال آهي، جيڪو شيخ اياز جي حصي ۾ آيو آهي. سندس تخليقي سگھ ايتري ته همه گير آهي جو اُن ۾ هڪڙو تسلسل ۽ روانگي آهي انهيءَ روان دوان رهندڙ ڇولين مان هر دل کي راحت ملي ٿي. اڄوڪي دور ۾ شيخ اياز جهڙي شاعري تخليق ڪندڙ شاعر جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. شيخ اياز جنهن دور ۾ پيدا ٿيو انهيءَ پنهنجي اکڙين سان ڪيئي عظمت ڀريا انسان ڏٺا ۽ انهن جي وڇڙڻ کانپوءِ ايئن چيائين:

دور ٿــــيندا وَڃـــن روز جـــوڳـيئڙا،

تون اَڃا ٿو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا!

اوچـــــتو مــــــون ڏِٺــــو اُڀ آسائِتو،

رات ڪـــــــاري هُــئي، ڏيئڙا ڏيئڙا!

مون نه ڄاتو ته اي سج جهڙا پرين!

روز پـــاتــا پـــئي تــو لِڪي ليئڙا!

آءُ مـــنهنجي تَــڏي ويــھُ، اوري اَڏي،

سـاھُ تــوکي سَــڏي، اوءِ سـانگيئڙا!

ڇو ’اياز‘ اڄ وَري ڇانوَ ڳولين پَيو؟

پـنڌ ڏاڍو پَـــري آھ پــــانـــڌيـــئـڙا!

اهڙين شاعراڻين خوبين جي ڪري شيخ اياز جا غزل ڳائجن پيا ۽ گيت گليءَ گليءَ گونجن پيا. اهڙو سفر جاري رهڻو آهي ۽ جاري رهندو. شيخ اياز جو فڪر تمام گهڻو گهرو هو انهيءَ جو سبب هي آهي ته سندس وسيع مطالعو هو جنهن ڪري هُن سنڌي کان علاوه اردو ۽ انگريزي ۾ لکيو آهي ۽ انهيءَ لکڻ جو به هڪ خاص مقصد هي هو ته انسان ذات جو شعور ۽ ذهني ترقي ٿيندي رهي جنهن ڪري سندس لکڻين جا ڪيترائي پاسا آهن. هن سنڌ کانسواءِ هند ۽ دنيا جي معروف ۽ مشهور انسانن جي علمي ڪارنامن ۽ ڪارڪردگين جو ذڪر ڪري تن کي پنهنجي لکڻين جو محور ۽ مرڪز بڻايو آهي. تاريخ جي عظيم ڪردارن کي آڏو رکي تن جي خداداد صلاحيتن کي سموري قوم اڳيان آڏو پڻ رکيو جيئن هرڪو انهن جي ڪارنامن مان فائدو حاصل ڪري سگهي. شيخ اياز لکي ٿو ته: ”هر انسان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي لاءِ بي انتها آزاديءَ سان پنهنجو فلسفهءِ حيات ڳولي، پنهنجا دائمي قدر حاصل ڪري، انهن تي عمل ڪري ۽ انهن جو اظهار ڪري. مون تعجب سان سوچيو آهي ته سنڌ جا زياده تر اديب مون کي اشتراڪي سمجهندا آهن، جيتوڻيڪ مان اشتراڪي نه آهيان. ان ۾ به شڪ نه آهي ته مون کي ان صحافيءَ جي سامراج پرستيءَ کان نفرت آهي، جو ڊالر سان هر قوم جو ضمير خريد ڪري ٿو، جنهن سان مون کي نفرت آهي… مان اديب ۽ فنڪار جي مڪمل آزاديءَ جو چاهيندڙ آهيان ۽ فن ۽ ادب تي ڪابه پابندي برداشت نه ڪري سگهندو آهيان. مان چاهيان ٿو ته هر اديب ۽ فنڪار کي ايتري آزادي ڏني وڃي جو هو پنهنجي برسر اقتدار طبقي، قوم ۽ وطن سان اختلاف راءِ جو اظهار ڪري سگهي“ (ٽماهي ’مهراڻ‘ (ڇاپو ٽيون)، شيخ اياز نمبر، 2005ع، ص: 160). بهرحال شيخ اياز جو فن اوستائين جيئندو ۽ مڃتا ماڻيندو رهندو جيستائين سنڌي زبان ڳالهائيندڙ جو سنڌي زبان سان پيار وارو ڳانڍاپو دائم ۽ قائم رهندو. سندس هيٺئين ڪلام ۾ ڪيڏي نه سونهن ڀري وئي آهي، جا هر دل کي راحت بخشي ٿي:

سَـــکي! پــيا کــي ملين ته چَئجان چاندني تو سَوا نه ٿيندي،

اچــين ته مــنهنجيءَ اُماس ۾ آ، ڇــو ته ٻي رات ڪانه ايندي!

ڪڏهن به تــوتي دُوار دل جا نه ٻوٽبا، تُــــون ڀَــلي هَــلي آ،

ٻه لُڙڪ آلا ڪڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي!

نه ديپَ دونهاٽجي ڪڏهن هِي، لِلاٽ جي لاٽ شال جَرڪي!

پـــرھ پـــري آ، پَـــتو نه آهــي ته رات ڪيسين ڏُهاڳُ ڏيندي!

شيخ اياز لکي ٿو ته: ”اسان ته غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم غزل جو آهي. باقي ان جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو کان مختلف آهن، پر اسان کان اڳ انهيءَ به غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آهي. اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو نهايت محدود هو. هنن اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن، سودا، جرائت، مير درد وغيره مان به ڪنهن کي نه پڙهيو هو ۽ انهن جي پائي جي هڪ سِٽ به نه لکي اٿائون.“ (گيڙو ويس غزل، 2004ع، ص: 13) شيخ اياز هر قسم جي موضوعن تي شعر لکيا آهن ۽ زندگي ۽ موت کي به موضوع بڻايو اٿس مثال:

آءُ حــيات آهيـــان، مـــان ڪــيئن ٿيندس فوت

متان مون کي موت، ڇهندي ئي ڇرڪي وڃي.

وڌيڪ چوي ٿو ته موت سدائين لاءِ نه آهي، پر حياتي ته ڇا به ٿئي کُٽڻي آهي. انهيءَ ڳالھ کان ڪنهن کي شڪ ڪونهي:

ڪو مـوت ســـدائـــين لاءِ نـه آ

ها هـيءَ حياتـــي مـرڻي آ

ان جيءَ جياپـي جـي ليڪن

اڳـــتي به ڪـرڻــي ڀــرڻــــي آ

موت هڪ اهڙي حقيقت آهي جو اهو هر ساهواري کي اچڻو آهي. شيخ اياز چوي ٿو:

ٿي انـــت جــي ڪـا آجـيان

مان ائـــين مــران دل ٿي چـوي

جــئـن مائڪو فــسڪي مــئو

يــا جـــئن مـــــئو هــــيمنگوي

شيخ اياز بابت ولي رام ولڀ لکيو آهي ته: ”اياز مري ويو ۽ مٽيءَ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو. هو پنهنجون نيڪيون بديون پاڻ سان کڻي ويو. جڏهن سندس قبر جي مٽي سُڪي ويندي، سندس جسماني نشان رک سان ملي رک ٿي ويندا ۽ سندس سڄڻ دشمن پنهنجن محبتن ۽ نفرتن سان عدم ڏانهن هليا ويندا ته سندس فن ۽ فڪر پويان رهجي ويندا ۽ جرڪڻ لڳندا. مٿانهن محبتن ۽ نفرتن جي دز هٽي ويندي ۽ مستقبل جي پيڙهين جي اکين تان تعصب جا چشما لهي ويندا، اهي صاف فضا ۾ سندس تحريرن کي صاف ۽ چٽو ڏسي سگهندا ۽ سموري مواد جي تڏهن صحيح ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهندا… تڏهن منهنجو ويساھ آهي ته شيخ اياز جو ڀسم ٿي ويل فِينِڪس پنهنجي رک مان وري نئين روپ ۾ جاڳي اٿندو. جيئن لطيف جي فِينِڪس جي رک مان خود اياز ٿي آيو هو.“ (ٽماهي ’مهراڻ‘ ڇاپو ٽيون: ”شيخ اياز نمبر“ 2005ع، ص: 262)، اڄ اسان وٽان پير حسام الدين راشدي، سائين جي. ايم. سيد، مولانا غلام محمد ’گرامي‘ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ امداد حسيني وغيره جهڙا شاعر ۽ اديب پنهنجو پنهنجو وارو وڄائيندا ويا. اهڙي طرح شيخ اياز به سنڌ وارن کان 28 ڊسمبر 1997ع تي وڇڙي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو آهي. سندس فن ۽ فڪر جيڪو سندس ڪتابن ۾ موجود آهي، سو هميشه لاءِ هر دور ۾ اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.

***