سمرقند
قسط ٽيويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
اصفهان مان نڪرڻ کانپوءِ خيام عملي طور هڪ مفرور ۽ مردود واري زندگي گذاري رهيو هو- جڏهن بغداد پهتو ته خليفي مٿس عوام جي سامهون ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ پنهنجن آرزومندن سان ملڻ تي جيڪي سندس دروازي تي حاضر ٿي ٿيا- جڏهن هو مڪي ويو ته کيس حقير سمجهڻ وارا مٿس دٻيل دٻيل لفظن ۾ کلڻ لڳا: ”غلاماڻو حج!“ جڏهن، واپسيءَ تي بصري مان گذريو ته شهر جي قاضي جو پٽ وٽس آيو ۽ ڏاڍي شائسته لفظن ۾ کيس اها ڳالهه چئي ته پنهنجو قيام هتي گهٽ رکي-
سندس قسمت حد کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ هئي- ڪنهن کي به سندس ذهانت ۽ هنرمندي ۾ شڪ نه هو، هو جتي به ويندو هو، دانشورن جو هڪ اجتماع کيس گهيرو ڪري ويندو هو- کانئس نجوم بابت سوال ڪيا ٿي ويا، الجبرا، طب. جيتوڻيڪ مذهبي معاملن بابت به ۽ سندس ڳالهه کي ڏاڍي شوق ۽ گرم جوشيءَ سان ٻڌو ٿي ويو- ان هوندي به، چاهي هو ڪجهه به هو، هن جي اچڻ جي ڪجهه ڏينهن يا هفتن کانپوءِ ۽ پوءِ مخصوص ٽولو نڪري ٿي آيو ۽ ان دنيا جهان جو ڪوڙ ٿي پکيڙيو-
کيس ڪافر چيو ٿي ويو يا بدعتي، ۽ حسن صباح سان سندس دوستيءَ جو ذڪر ڪيو ٿي ويو- ڪيترائي ڀيرا ڪيترو ئي وقت اڳ سمرقند ۾ لڳايل ڪيمياگر هجڻ وارن تهمتن جا مردا کوٽي ٻاهر ٿي ڪڍيا ويا، جوشيلا مخالف سندس مباحثن ۾ خلل اندازي وجهڻ لاءِ اماڻيا ٿي ويا ۽ جنهن به کيس پناهه ڏيڻ جي جسارت ٿي ڪئي، ان کي بدلي وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ٿي ويون- عام طور تي هن انهن جي ڪابه مخالفت نٿي ڪئي، ماحول جي ڪدورت کي محسوس ڪندي، هن طبيعت جي ناسازي جو بهانو ٿي ڪيو، ته جيئن هو ٻيهر عوام جي سامهون نه اچي ۽ پوءِ هو اتي وڌيڪ نٿي ٽڪيو ۽ ڪنهن نئين منزل ڏانهن روانو ٿي ٿيو، جتي قيام اوترو ئي مختصر ۽ غير محفوظ ٿي رهيو-
معظم ۽ مردود، سواءِ ورطان جي صحبت جي هر دوست کان آجو، هو مسلسل پناهه جو متلاشي هو، ڪنهن امان ڏيڻ واري ۽ ڪنهن سرپرست جو، اهو فياضيءَ وارو وظيفو جيڪو نظام مقرر ڪيو هو، سندس موت کانپوءِ هاڻي کيس نٿي ڏنو ويو، ۽ هاڻي هو ان ڳالهه تي مجبور ٿي ويو هو ته اميرن ۽ صوبائي انتظام سنڀالڻ وارن وٽ وڃي ۽ سندن ماهوار زائچه تيار ڪري- ان جي باوجود به هو اڪثر ضرورتمند رهندو هو، هو نه ڪنهن طريقي سان بنا سر جهڪائڻ جي روزي ڪمائي وٺندو هو-
چيو ٿو وڃي ته هڪ وزير، ان ڳالهه تي تنگ ٿي، ته عمر پنج هزار سونا دينار گهري رهيو آهي، چيو:
”خبر اٿئي ايتري رقم ته مون کي به ڪونه ٿي ملي؟“
”ها اهو بلڪل معمول مطابق آهي،“ خيام به جواب مٿان جواب ڏنو-
”اهو ڪيئن؟“
”ان ڪري ته ڪنهن به صديءَ ۾ مون جهڙا دانشور ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا آهن، جڏهن ته تو جهڙن پنج سئو وزيرن جا نالا هر سال ڳڻائي سگهجن ٿا-“
واقعي لکڻ وارن لکيو آهي ته اهو جواب ان وزير کي ڏاڍو مزيدار لڳو، ۽ هن خيام جو مطالبو پورو ڪيو، اهڙي گستاخيءَ واري جانچ جي درستگيءَ کي نهايت شائستگيءَ سان سڃاتو-
”ڪو سلطان مون کان وڌيڪ خوش نه هوندو، نه وري ڪو فقير مون کان وڌيڪ ڏکويل،“ عمر ان دور ۾ لکيو هو-
سال گذرندا ويا ۽ هڪ هزار هڪ سئو چوڏنهن ۾ ۽ هو اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مَروَ ۾ نظر ٿو اچي، خراسان جو پراڻو گاديءَ جو هنڌ صدر مقام، پنهنجي ريشم ۽ ڏهن ڪتبخانن جي لاءِ هاڻي به مشهور، پر هاڻي ڪجهه سالن کان ڪنهن به سياسي ڪردار جي ادائگيءَ کان محروم- مقامي حڪمران درٻار جي گذريل رونق بحال ڪرڻ لاءِ، ان دور جي مشهور ۽ معروف هستين کي اتي جمع ڪرڻ لاءِ ڪشش ڏياري رهيا هئا- هن کي خيام کي ريجهائڻ جي ترڪيب آئي ٿي- هو سندس لاءِ هوبهو اصفهان جهڙي رصدگاهه تعمير ڪرائي ڏيندو- 66 سالن جي عمر ۾ عمر کي ڪنهن شئي جي خواهش نه رهي هئي ۽ هن ان پيشڪش کي نوجوانن واري جذبي سان قبول ڪيو ۽ هڪدم ئي تعمير ۾ جنبي ويو- جلد ئي ”بابِ سنجان“ جي علائقي ۾ رصدگاهه هڪ ٽڪريءَ مٿان نرگس ۽ اڇن توتن جي باغ جي وچ ۾ بلند ٿيڻ لڳي-
ٻن سالن تائين عمر خوش رهيو ۽ ڏاڍي سرگرميءَ سان ڪم ڪندو ر هيو- اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هن موسمي پيشنگوئين جي ميدان ۾ عقل کي حيران ڪندڙ تجربا ڪيا، فلڪيات جي علم ۾ مهارت سبب هن اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو ته لڳاتار پنجن ڏينهن ۾ ٿوري گهٽ وڌائي سان موسمي تبديلين جو حساب لڳائي سگهي- هن پنهنجي رياضيءَ جي نظرين جي به واڌ ويجهه ڪئي، جيڪا سندس وقت کان اڃا تمام اڳيان جي شئي هئي، 19هين صدي ۾ وڃي ڪري يورپي محققن ان غير اقليدسي انگ جي بيحد ذهين پيش رو جي حيثيت سان ان کي سڃاتو- هن رباعيون به چيون، مَروَ جي انگور جي باغن جي امتيازي وصف کان متاثر ٿي، اسان کي ڀروسو ڪرڻ کپي-
انهن سڀني ڳالهين سوڌو، هڪ منفي رخ به هو- عمر مجبور هو ته محل ۾ هر ٻئي ڏينهن ٿيندڙ تقريبن ۾ شريڪ ٿئي ۽ هر تقريب ۾ يا جڏهن به ڪنهن شهزادي جا طهر هجن، جڏهن حڪمران شڪار يا ڪنهن اوسي پاسي جو دورو ڪري موٽي ته کيس خراجِ عقيدت پيش ڪري، ۽ گهڻو ڪري ديوان ۾ حاضر رهي، ڪا کل ڀوڳ جي ڳالهه ڪري، ڪنهن قول کي نقل ڪري، يا حسبِ حال شاعري ٻڌائڻ لاءِ چاڪ و چوبند هجي، اهي مجلسون ان عمر جو ڦوڳ ڪڍي ڇڏينديون هيون- اهو خيال ته هو ڪنهن تماشي جي رڇ جي نقل ڪري رهيو آهي، هن کي هميشه محل ۾ قيمتي وقت ضايع ڪرڻ جو احساس به ستائندو، وقت جيڪو هو پنهنجي ميز تي ويهي وڌيڪ مفيد انداز ۾ خرچ ڪري سگهيو ٿي، ان کان علاوه اڻوڻندڙ مخالفن جا ٽنگ ڇڪڻ وارا رويا به کيس اضافي محسوس ٿيندا هئا- مثال طور جيئن اها ڇڪتاڻ جيڪا فيبروريءَ جي ان خشڪ ۽ سرد ڏينهن رونما ٿي، جڏهن ڪو شخص ان مشهور واقعي تي ساڻس وڙهي پيو، جيڪا ڳالهه سندس حاسدن جي ڪنن تائين وڃي پهتي- ان ڏينهن درٻار دستارپوش دانشورن سان ٽٻٽار هئي ۽ حڪمران پنهنجي درٻار کي ڏسي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو-
جڏهن عمر اتي پهتو ته مذهبي ماڻهن جي پسنديده موضوع تي گرماگرم بحث هلي رهيو هو: ”ڇا عالم کي ان کان وڌيڪ بهتر طور تي ٺاهي سگهجي ٿو؟“ جنهن جو جواب ”ها ۾ هو“ انهن پنهنجو پاڻ کي بي دينيءَ جي الزام لاءِ کليو ڇڏي ڏنو هو، ڇو ته انهن جي جواب ۾ اهو نقطو لڪل هو ته خدا پنهنجي ڪم ۾ مناسب احتياط ناهي ورتو-
جن ماڻهن ”نه ۾ جواب ڏنو انهن تي به بي دينيءَ جو الزام ٿي لڳو، ڇو ته هو اها ڳالهه ڪري رهيا هئا ته خدا ۾ ان کان بهتر ڪم ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي-“
ڏاڍي زور و شور سان بحث جاري هو، ٽيڪاٽپڻي هلي رهي هئي، خيام خالي ذهن سان هر ڪنهن جي تاثر جي مشاهدي ۾ خوش ٿي رهيو هو، تان جو هڪ مذهبي معاملن جي ماهر کيس مخاطب ٿي چيو، سندس علم ۽ مھارت تي تحسين جا ڏونڪا هڻندي سندس راءِ گهري- عمر کنگهندي گلو صاف ڪيو- هن اڃا پنهنجي وات مان هڪ لفظ به نه ڪڍيو هو، جو مَروَ جي قاضي القضات- جنهن کي شهر ۾ عمر جي موجودگي بلڪل به پسند نه هئي، ۽ نه ئي اهو ادب ۽ احترام جيڪو کيس هميشه پيش ڪيو ٿي ويو- يڪدم پنهنجي جاءِ تان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ڏانهس تهمت ڀري آڱر کنيائين-
”مان نٿو سمجهان ته هڪ لادين اسان جي ديني معاملن ۾ راءِ ڏئي سگهي ٿو!“
عمر جي چپن تي هڪ تکي تکي پريشان مسڪراهٽ اچي وئي-
”مون کي لادين بنائڻ جي اجازت اوهان کي ڪنهن ڏني؟ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ڳالهه ٻڌڻ جو انتظار ته ڪرين ها!“
”مون کي تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ جي ضرورت ڪونهي، ڇا اهو شعر تو سان منسوب ناهي: من بد کونم و توبت مقافات دہی/پس فرق ميان من و تو چيست بگو؟“ هي جيڪو ڪجهه چوي ٿو بي دينو ڪونهي،
عمر پنهنجا ڪلها مٿي ڪندي جواب ڏنو،
”جيڪڏهن منهنجي ويجهو خدا جو وجود نه هجي ها، ته مان ان سان ڳالهايان ئي نه ها!“
ته تون ساڻس ان لهجي ۾ ڳالهائيندو آهين؟ قاضي هلڪي هلڪي کل کلندي چيو
”بڪواس سلطانن ۽ قاضين سان ڪئي ويندي آهي- خالق سان نه- خدا برتر آهي، اسانجي ناز و ادا سان کيس ڪو سروڪار ڪونهي- هن مون کي هڪ مفڪر بڻايو، سو مان سوچيندو آهيان ۽ پنهنجي سوچ جو ثمر بغير ڪنهن ميل ملاوٽ جي سندس حوالي ڪندو آهيان-“ ويٺل ماڻهن جي تائيد ۾ قاضي بڙ بڙ ڪندو هولناڪ ڌمڪيون ڏيندو پٺيان هٽيو- جڏهن حڪمران جي کِل بند ٿي ته کيس پريشاني وٺي وئي، ڪجهه مخصوص حلقن ۾ ان جا جيڪي نتيجا برآمد ٿيڻا هئا، ان کان خوفزده- سندس چهري تي فڪر جا ڪڪر ظاهر ٿيڻ لڳا، ملاقاتي هڪ هڪ ڪندي موڪلائيندا ويا.
عمر جڏهن ورطان سان گڏ گهر واپس وريو ته درٻاري زندگي جي ڪوڙڪين ۽ وقت جي ذيان ڪرڻ تي کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، ۽ اهو واعدو ڪيو ته جلد کان جلد مَروَ ڇڏي ويندو، سندس چيلو بهرڪيف ان ڳالهه لاءِ گهڻو فڪرمند نه هو، ڇو ته اهو ستون ڀيرو هو، جو سندس آقا هتان کان ڪوچ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، گهڻو ڪري، ٻئي ڏينهن هو پنهنجي تحقيق ۾ گم ٿي ٿي ويو ۽ ڪافي پرسڪون ٿي پي ويو ۽ کيس تسلي ڏيڻ لاءِ اهو ئي سڀ کان وڌيڪ مناسب وقت هوندو هو.
ان شام، ڪمري ۾ واپسي تي عمر پنهنجي بياض ۾ هڪ ڏک جهڙي ٻن بيتن وارو نظم لکيو، جيڪو ڪجهه هيئن ختم ٿي ٿيو:
پنهنجي دستار جي بدلي ڪجهه شراب وٺي وٺ
۽ بنا ڪنهن پڇتاءُ جي اوني ٽوپي پاءِ ڇڏ
ان کانپوءِ هن پنهنجي بياض کي ڀت ۽ پلنگ جي وچ ۾ ان جي مخصوص لڪل جاءِ تي رکي ڇڏيو. جڏهن هو ننڊ مان جاڳيو، ته ان هن بيت کي ٻيهر پڙهڻ چاهيو، ڇو جو ان ۾ هڪ لفظ بيجا معلوم ٿيو ٿي. هن هٿ سان کوليندي بياض ڪڍي، کوليندي وقت کيس حسن صباح جو خط نظر آيو، جيڪو سندس سُتل هجڻ دوران ٻن صفحن جي وچ ۾ رکيو ويو هو.
هڪ ئي لهزي ۾ عمر تحرير جو انداز ۽ تسميو سڃاڻي ورتو، جو ٻنهي جي وچ ۾ چاليهه سال پهرين ئي مقرر ٿيو هو:
”ڪاشان جي ڪاروان سراءِ جو دوست“. انهيءَ کي پڙهندي ئي هو ٽهڪ ڏئي کلڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪي نه سگهيو. ورطان، جو گڏوگڏ ڪمري ۾ بس اڃا جاڳي رهيو هو، ڏسڻ آيو هو ته گذريل شام جي رنجش کانپوءِ ڪهڙي شئي سندس آقا کي ايترو پُرلطف معلوم ٿي رهي آهي.“
”اسان کي هاڻي هاڻي هڪڙو فياضانه دعوت نامو مليو آهي. اسان کي زندگيءَ جي ختم ٿيڻ تائين رهائش، حفاظت ۽ سڀ خرچ پکي ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي وئي آهي.“
”ڪنهن عظيم امير طرفان آهي؟“
”اميرالاموت.“ ورطان چوڪڙي ڪري ويهي رهيو، پنهنجو پاڻ کي مجرم محسوس ڪيو.
”خط هتي ڪيئن پهتو؟ سمهڻ کان پهرين هن سڀ دروازا ۽ دريون ڏسي اطمينان ڪيو هو!“
”خبر وٺڻ جي ڪوشش نه ڪر. سلطانن ۽ خليفن پنهنجي حفاظت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. جيڪڏهن حسن توکي پيغام يا خنجر جي ڌار موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته توکي ان جي ملڻ جو يقين ڪرڻ کپي، چاهي تنهنجو دروازو کليل هجي، يا هن مٿان تالو لڳل هجي.“
خط کي پنهنجي مُڇن جي ويجهو آندو، ڏاڍي پُرشور آواز سان ان کي سونگهڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هر هر پڙهڻ لڳو.
”هن شيطان شايد ڪم جي ڳالهه چئي آهي،“ هن فيصلي واري انداز ۾ چيو.
”حقيقت ۾ اهو الاموت ئي آهي، جتي اوهانجي سلامتي جي ضمانت بهتر طور ڏيئي سگهجي ٿي.“ ڪجهه به هجي حسن اوهانجو گهڻو تمام پراڻو دوست آهي.“
”في الحال منهنجو قديم ترين دوست مَروَ جو شراب آهي!“
عمر ٻارن وانگر خوش ٿيندي خط کي ڦاڙي ٽڪرا ڪري هوا ۾ اڇلائي ڇڏيو. انهن ٽڪرن کي هيٺ ڪرندي ڏسندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”اسان ۾، ان ماڻهو ۽ مون ۾ ڪهڙي هڪ جهڙائي آهي؟ مان زندگيءَ جو پوڄاري آهيان، ۽ هو موت جو. مان چوان ٿو: ”جيڪڏهن انسان محبت نٿو ڪري سگهي، ته سج جو اڀرڻ ڇا، لهڻ ڇا؟“ حسن پنهنجن ماڻهن کان ان ڳالهه جو طلبگار آهي ته هو محبت، موسيقي، شاعري، شراب ۽ سج کي ترڪ ڪري ڇڏين. هو ڪائنات جي حسين ترين شين کان نفرت ٿو ڪري، ان جي باوجود به هو پالڻهار جي نالي وٺڻ جي همٿ ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي جنت وٺي ڏيڻ جو واعدو! يقين ڪر، جيڪڏهن سندس قلعو جنت جو دروازو هجي ها، ته مان اهڙي جنت کان ئي موڪلاڻي وٺان ها! مان اهڙن دين دار جعلسازن جي ٻِر ۾ ڪڏهن قدم رکڻ وارو ناهيان.“
ورطان بيهي رهيو ۽ پنهنجي ڪنڌ کي کنڻ لڳو ۽ ڏاڍي ٿڪل انداز ۾ چيائين:
”جيڪڏهن اوهان جو جواب اهو ئي آهي ته پوءِ وقت اچي ويو آهي ته مان هڪ زماني کان لڪل راز فاش ڪيان. ڇا اوهان کي ڪڏهن ان ڳالهه تي تعجب نه ٿيو ته جڏهن اسان اصفهان مان نڪري رهيا هئاسين ته سپاهين اسان کي ايتري آساني سان اتان نڪرڻ ڪيئن ڏنو؟“
”ان جو مونکي هميشه تجسس رهيو آهي. پر مون کي توکان هميشه ئي جان نثاري ۽ پٽن جهڙي مهر ۽ وفا ملي آهي، مون تڏهن ماضيءَ کي ڇيڙڻ جي خواهش ئي ناهي ڪئي“
”ان ڏينهن، نظاميه ’نظاميه جي عملدار کي علم هو ته مان اوهان کي بچائڻ وارو آهيان ۽ توهان سان گڏ نڪري ويندس‘. اهو ان حڪمت عملي جو حصو هو جنهن جو خاڪو مون ٺاهيو هو.“
۽ ٻڌائڻ کان پهرين، هن پنهنجي آقا ۽ پنهنجي لاءِ ڏاڙهون جي رس جي مرڪب مان شراب جو هڪ مفيد جام تيار ڪيو.
”اوهان کي ضرور معلوم هوندو نظام الملڪ ڏوهارين جي هڪ فهرست ٺاهي هئي اُن ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو نالو شامل هو، جنهن تائين اسان کي ڪنهن به طرح رسائي حاصل نه ٿي سگهي- حسن صباح- ڇا هي ماڻهو پهرئين درجي تي قتل جو ذميوار نه هو؟ منهنجو منصوبو بلڪل سڌو سنئون هو: اوهان جي همراهي اختيار ڪريان انهيءَ اميد سان ته توهان الاموت وڃي پناهه وٺندا. آئون توهان سان گڏ ويو هجان ها ۽ درخواست ڪئي هجي ته منهنجي اصليت آشڪار نه ڪريو ۽ مون مسلمانن ۽ سڄي دنيا کي هن شيطان کان نجات ڏيارڻ جو موقعو ڪڍي ورتو هجي ها، پر توهان نهايت سختيءَ سان هن اونداهي قلعي ۾ قدم رکڻ جا منڪر رهيا آهيو“.
”ان جي باوجود اهو سڄو وقت تون مون سان گڏ ئي رهئين“.
”شروع ۾ مون سوچيو ته صبر ۽ تحمل ڪرڻ گهرجي، جڏهن توهان کي هڪ کانپوءِ هڪ پندرنهن شهرن مان ڪڍي ڀڄائي ڇڏيو ويو هوندو ته توهان الاموت جي راهه وٺڻ تي راضي به رضا ٿي ويندا- پوءِ، جيئن جيئن ماه و سال گذرندا ويا، مون کي اوهان سان قربت محسوس ٿيڻ لڳي. منهنجا ساٿي هتي هتي وڇڙي ويا ۽ منهنجو عزم به لُڏي ويو هو- ڏس، عمر خيام ڪهڙي طرح حسن صباح جي جان ٻئي دفعه بچائي هئي.“
”انهيءَ جو ماتم نه ڪر- ٿي سگهي ٿو هي تنهنجي زندگي آهي جا مون بچائي هئي-“
”يقينن هو پنهنجي پناهه گاهه ۾ خوب محفوظ هوندو.“
ورطان تلخي جي جملي نشانين کي نه دٻائي سگهيو، جنهن سان خيام لطف اندوز ٿيو-
”اهو چوڻ جي باوجود، اگر توهان مون کي پنهنجي منصوبي کان آگاهه ڪري ڇڏيو هان، ته آئون يقينن توهان کي الاموت وٺي اچي وڃا هان-“
چيلو پنهنجي نشست تان بُل کائي اٿيو-
”واقعي؟ ڇا هي سچ آهي؟“
”نه- پنهنجي جڳهه تي ويهي رهو! مون هي تو کي پڇتاءَ ڏيڻ لاءِ چيو هو! هن تمام شر جي باوجود جو حسن کان ٿيو آهي، اگر آئون هن کي ”مرغاب“ جي درياءَ ۾ ٻڏندي ڏسان ها، ته بچائڻ لاءِ هٿ اڳيان ڪري ڇڏيان ها-“
”خير، آئون ته هن جو مٿو پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيان ها! ان جي باوجود، اوهان جي طرز عمل مان مون کي دلاسو ملي رهيو آهي، اوهان جي قول ۽ عمل جي اها ئي رفعت آهي، جنهن سبب مون اوهان سان گڏ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو- ان تي مون کي ڪو ڏک ڪونهي-“
خيام پنهنجي چيلي کي دير تائين ڳچيءَ سان لڳائي رکيو-
”مون کي مسرت آهي ته تو بابت منهنجا شڪ رفع ٿي ويا آهن- آئون هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهيان، ۽ مون کي پنهنجي ويجهو هڪ قابل اعتماد ماڻهو جي حاجت آهي- پنهنجي بياض جي خاطر- اها منهنجي سڀ کان قيمتي شئي آهي- دنيا تي پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ لاءِ حسن الاموت تعمير ڪيو آهي، جڏهن ته مون پنهنجي لاءِ هي ننڍڙو ڪاغذي قلعو ٺاهيو آهي، پر ان يقين سان ته اهو الموت کانپوءِ به زنده رهندو- انهيءَ کان وڌيڪ ڪائي ٻي ڳالهه مون کي خوفزده نٿي ڪري ته منهنجي مرڻ کانپوءِ اها بياض لا پرواهه ۽ بدخواهه هٿن ۾ پهچي وڃي-“
هن ڪجهه سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ ئي خفيه ڪتاب ورطان جي سامهون ڪيو:
”تون چاهين ته ان کي کولي سگهين ٿو، ڇاڪاڻ ته تون ئي هاڻ هن جو محافظ ٿيندين-“
چيلو بيحد متاثر ٿيو-
”ڇا مون کان پهرين به ڪنهن کي اها عزت ۽ شرف حاصل ٿيو آهي؟“
”صرف ٻن ماڻهن کي- جهان کي، سمرقند ۾ اسانجي پرخاش کانپوءِ، ۽ حسن کي جڏهن اسين اصفهان اچڻ کانپوءِ هڪ ئي ڪمري ۾ قيام پذير هئاسين-“
”توهان هن تي ايڏو ڀروسو ڪريو ٿا؟“
”سچ پڇين ته نه- پر ڳالهه اها آهي ته آئون اڪثر ان ۾ لکندو رهندو هئس ۽ ائين ئي اها بياض هن جي توجهه ۾ اچي وئي- تڏهن مون خود ئي انهيءَ جي ڏيکارڻ کي ترجيح ڏني، ڇاڪاڻ ته پوءِ به هو منهنجي غير موجودگي ۾ پڙهي سگهيو ئي ٿي، وڌيڪ ته مون کي اهو اطمينان هو ته هو راز رکي سگهي ٿو-“
”واقعي هو ڄاڻي ٿو ته راز کي ڪيئن محفوظ رکيو ويندو آهي- جيئن بهتر طور تي انهيءَ کي توهان جي خلاف استعمال ڪري سگهي-“
مابعد، بياض ورطان جي ڪمري ۾ پئي رهي- ٿورڙي به آواز تي سابق افسر تير جيان سڌو ٿي ويندو هو، تلوار جهلي وٺندو، ڪن آواز جي طرف، گهر جي هر ڪمري جو معائنو ڪندو ۽ پوءِ وڃي باغ جو دورو- واپسي تي هميشه ئي هن کي ٻيهر ننڊ جلدي نه ايندي هئي، سو هو پنهنجي ميز تي رکيل چراغ کي روشن ڪري وٺندو هو، هڪ رباعي پڙهندو هو، جنهن کي وري حفظ ڪندو ۽ گهڻي جانفشاني سان هن کي پنهنجي ذهن ۾ ورجائندو، جيئن هن جي عميق ترين معنيٰ تائين رسائي حاصل ٿئي ۽ اندازو لڳائيندو ته ڪهڙين حالتن ۾ هن جي آقا هيءَ رباعي چئي هوندي-
چند لڳاتار پريشان راتين جي ختم ٿيڻ تي، هن جي خيال ۾ هڪ تجويز پيدا ٿي جنهن کي عمر جي پرجوش تائيد ملي: رباعين جي حاشيي تي مخطوطي جي تاريخ لکي وڃي ۽ ان طرح، خود خيام جي سرگذشت، نيشاپور ۾ هن جي بچپن جو احوال، سمرقند ۾ جواني جي روداد، اصفهان ۾ هن جي شهرت جا چرچا، ابو طاهر، جهان، نظام ۽ ڪئين ٻين سان هن جي ملاقاتن جو ذڪر- ته اهڙي طرح، خيام جي نگراني ۾ ۽ ڪڏهن هن جي چوڻ تي، وقائع جا اولين صفحا لکيا ويا، ورطان هن ڪم ۾ خود کي جانفشاني سان غرق ڪري ڇڏيو. هو هر فقري کي ڏهه پندرنهن دفعا هڪ جدا ڪاغذ تي لکي مشق ڪندو، پوءِ گهڻي رياضت کانپوءِ انهيءَ کي سنهي خطِ نسخ ۾ بياض ۾ نقل ڪندو. جو هڪ ڏينهن ڏاڍي وحشياڻي طريقي سان هڪ جملي جي وچ ۾ ئي قطع ٿي ويو-
ان ڏينهن عمر آڌيءَ جو ئي اٿي ويهي رهيو. هن ورطان کي سڏ ڪيو. جنهن جواب نه ڏنو. هڪ ٻي رات نقل ڪرڻ ۾ لڳائي هوندئين. خيام پدرانه انداز ۾ خود کي چيو. هن انهيءَ کي ڪجهه دير وڌيڪ آرام ڪرڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ پنهنجي لاءِ صبح جو جام اوتيو. قدح جي تهه ۾ بس ذرڙو شراب جنهن مان هڪ ڍُڪ چاڙهيائين، پوءِ هڪ پورو جام کنيو چهل قدمي لاءِ باغ ۾ نڪري آيو. هن باغ جي چوڌاري چڪر لڳايو ۽ پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ ڦوڪ هڻي، اڃا تائين گلن سان چهٽيل ماڪ کي ڪيرائڻ لڳو. پوءِ ڪجهه رس ڀريا سفيد توت گڏ ڪيائين ۽ شراب جي ڍڪ سان گڏ گڏ انهن کي پنهنجي زبان تي رکي تارون سان مهٽيو.
هو ايترو لطف اندوز ٿي رهيو هو، جو ڪلاڪ کن کانپوءِ ئي هن واپس اندر وڃڻ جو ارادو ڪيو- ورطان جي اٿڻ جو وقت ٿي چڪو هو. هن کيس ٻيهر سڏ ڪيو، بلڪه سڌو ان جي ڪمري ۾ پهتو، ڏٺو ته هو زمين تي پيو آهي، ڳچي رت سان ڪاري، ۽ اکيون کليل جيئن آخري ساهه تي گُهٽجندڙ پڪار جي درميان آڪڙجي ويون هجن.
ميز تي چراغ ۽ پڙهڻ لکڻ جي ميز جي وچ ۾ اهو خنجر پيو هو، جنهن سان ڏوهه جو ارتڪاب ڪيو ويو هو. هڪ ورايل ورق ۾ خط پيو هو. جنهن کي عمر کولي پڙهيو:
”تنهنجي بياض توکان پهرين الاموت پهچي چڪي آهي-“
***