بلاگنئون

سيڪيولرازم ۽ افواهون

سيڪيولر ازم ئي اهو نظريو هو جيڪو برابري جي بنياد تي ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ اهڙا موقعا پيدا ڪري پئي سگهيو. سيڪيولر ازم لفظ لاطيني زبان جي لفظ ”سيڪيولم“ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي زمين يا دنيا. لحاظه سيڪيولر رياست جو مقصد اسان جون زميني ۽ دنياوي ضرورتون پوريون ڪرڻ آهي.
پاڪستان ۾ جيئن مذهب جي غلط تشريح ڪري مذهب جي اصل روح کي متاثر ڪيو ويو آهي ساڳي ويڌن سيڪيولر ازم سان به ڪئي وئي آهي. فرق صرف ايترو آهي ته مذهب جو چهرو خود مذهبي ماڻهن بگاڙي ڇڏيو آهي جڏهن ته سيڪيولر ازم سان اهڙي ويڌن سيڪيولر ازم مخالف ماڻهن طرفان ڪئي وئي آهي.
اسان سان مسئلو اهو آهي ته اسان شيون پڙھڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ تحقيقي انداز ۾ پرکڻ بجاءِ پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏيندا آهيون جيڪا مجموعي طور تي سماج ۾ انارڪيءَ جو سبب بڻبي آهي.
سيڪيولر ازم جي متعلق اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هي مذهب دشمني، لادينيت ۽ بي حيائيءَ تي مبني نظريو آهي جيڪو مغرب جي پيداوار آهي. ان ڪري جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ سيڪيولر ازم جي ڳالھه ڪري رهيا آهن اهي مغرب نواز آهن جيڪي سندن پگهار تي پاڪستان ۾ بي حيائي ۽ مذهب دشمنيءَ جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن.
اهڙا ۽ ان طرح جا ٻيا الزام هن ملڪ ۾ انهن ماڻهن تي لڳندا رهندا آهن جيڪي سيڪيولر فڪر جي آبياريءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز تي ماڻهن الزام لڳايا ته اهي مذهب دشمن، ملڪ جا غدار ۽ بي حيائي پکيڙيندڙ آهن.
جيڪي ماڻهو سيڪيولر ازم متعلق ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي ماڻهن کي گمراھ ڪري رهيا آهن انهن جي رهنمائيءَ لاءِ هتي سيڪيولر ازم جي مختصر تشريح رکجي ٿي اميد ته اهي مذهب جو ماسڪ لاهي هن عظيم نظريي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا.
دراصل سيڪيلر ازم انساني معاشري جي تنظيم جو هڪ رياستي (سياسي) نظام آهي جيڪو هڪ مخصوص طئي ٿيل جاگرافيائي حدن ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ رهندڙ تمام شهرين جي بنا فرق جي تحفظ، بهبود ۽ ترقيءَ جي ذميواري قبول ڪري ٿو. سيڪيولر رياست اهڙن مقصدن جي حاصلات لاءِ اجتماعي مشاورت ۽ انصاف جي اصولن کي ڪتب آڻيندي آهي. تاريخ ۾ معاشري کي منعظم ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختلف رياستي نظام اختيار ڪيا ويا. مثال طور: هڪ دور ۾ حڪمرانيءَ جو حق فقط ڪنهن خاص مذهب ۽ عقيدي وارن ماڻهن کي هوندو هو، ڪڏهن ڪنهن خاص قوم يا نسل سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي حڪمرانيءَ جو منصب بخشيو ويندو هو. اهڙن نظامن ۾ رياست جو مقصد مذهب ۽ عقيدي جو فروغ هوندو هو يا سمورا فائدا ان قوم کي ڏنا ويندا هئا جنهن جي حڪومت هوندي هئي.
انسان جي خوبي اها آهي ته هُو تبديلي پسند آهي هونئن به تبديلي (ارتقا) هن ڪائنات جو بنيادي اصول آهي اها سماجي، فطري، ڪائناتي هجي يا انسان سوچ (شعور) جي هجي، انسان ڪڏهن به ڪنهن هڪ شيءَ تي گذارو نٿو ڪري سگهي. هزارين سالن جي تجربن انسان کي اهو سمجهايو ته مٿيان سمورا رياستي نظام معاشري جي ترقي، امن ۽ انصاف جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. ان ڪري هڪ اهڙو رياستي نظام هجي جيڪو معاشري جي اقتصادي ترقيءَ تي زور ڏئي جنهن جو مقصد ڪنهن به مذهب، عقيدي، نظريي ۽ سوچ جي فائدي ڏيڻ بدران اهڙا موقعا پيدا ڪرڻ هجي جن سان اقتصادي ترقي ممڪن بڻجي.
سيڪيولر رياست هر ماڻهوءَ لاءِ برابريءَ جا موقعا پيدا ڪندي آهي بغير ڪنهن مذهبي، قومي، نسلي، لساني، صنفي ۽ طبقاتي فرق جي، اوهان جي تحفظ، تعليم صحت ۽ روزگار جي ذميواري رياست مٿان فرض هوندي آهي.
سيڪيولر رياست اوهان کي مڪمل مذهبي آزادي ڏئي ٿي ته اوهان پنهنجي مذهبي عقيدي مطابق نه صرف عبادت ڪري سگهو ٿا، پر ان جي ترويج به ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن ڪو فرد يا ادارو توهان جي مذهبي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي رهيو آهي ته رياست ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندي. البته اوهان پنهنجي مذهب جي آڙ ۾ ڪابه اهڙي سرگرمي نٿا ڪري سگهو جيڪا سماج ۾ ڏڦيڙ جو سبب بڻجي يا ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي.  ڇا ان کان وڌيڪ به ڪا مذهبي ۽ سماجي آزادي ٿي سگهي ٿي؟ ڪاش عقل جا انڌا ماڻهو هن ڳالھه کي سمجهي سگهن.
سو دوستو سيڪيولر ازم اها ئي آهي، اوهان پاڻ به تحقيق ڪيو ڪتاب پڙهو، انهن ماڻهن جي پويان نه لڳو جن جو مقصد فقط ماڻهن کي گمراھ ڪرڻ آهي. مان پنهنجو ايندڙ مضمون سيڪيولر ازم جي مخالفت ۾ پاڪستاني رياست جي ڪردار جي حوالي سان لکندس تيستائين پاڻ به ڪجھه پڙهو ۽ پرکيو.