بلاگخاصنئون

شهيد الله بخش سومرو؛ هڪ تاريخ ساز شخصيت

سنڌ جي زمين ذرخيز ۽ پيداواري صلاحيت ۾ عمده رھي آهي، جنهن ڪري سنڌ سڄي سون آهي، ڇو جو هن جي پيٽ مان اناج جي صورت ۾ ڪڻڪ، چانور، چڻو، جوئر، جوَ، ٻاجھر، داليون ۽ ٻيون جنسون ۽ عمده ميوا پيدا ٿين ٿا، جي سنڌ ۾ رهندڙن جي پيٽ گذر کان وڌيڪ هجڻ ڪري ڏيسارو موڪلي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. ٻئي طرف هن ڌرتي تي رهندڙ پڻ املهه انسان جنم وٺن ٿا، جن ڏينهان ڏيهه پنهنجون صلاحيتون مڃايون آهن. تهڙيءَ ريت ڌرتي تي رهندڙ انسانن سميت ٻين جيوت جھڙوڪ: چوپايو مال (مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ وغيرہ) جي سُک چين ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ ڌارين ۽ ڏيهي حاڪمن سان اکيون اکين ۾ ملائي جنگ جوٽجڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي اٿن. سدائين وطن ۽ قوم لاءِ سوچيندي هر قرباني ڏيڻ ۾ پوئتي نه ھٽيا آھن، پوءِ ڀلي اعظيم مقصد ماڻڻ لاءِ وڏا اعزاز ۽ رياستون ۽ مراعتون ڇڏڻيون پيون ته دريغ نه ڪئي. اهڙن مهان ماڻهن مان هڪ املھ موتي شهيد الله بخش سومرو هڪ هو. جنهن جي ڪردار مان هڪ الله لوڪ ۽ ساده شخص جي جهلڪ نظر ايندي، ته ٻئي طرف اصولن تي هلندڙ پنهنجي ملڪ جي وفاداري ۽ قوم کي غلامي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ، هڪ سپاهي بڻجي ايوان ۾ ويهي اهڙا حڪم نامه جاري ڪرڻ ۽ منصوبا جوڙڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نه ڪئي. جنهن سان سنڌي قوم غلامي مان نڪري آزاد ۽ باوقار قوم بڻجي. هو غريبن ۽ هارين جو مددگار ۽ پڙهيل، سڌريل سماج کي قائم ڪرڻ جا بنيادي قدم کڻندي، حڪومت وقت ۽ برطانوي حڪومت کان مليل خطاب گورنر کي موٽائڻ سان گڏ وزيراعظم جي عهدي کي ٿڏي ڇڏيو.
شهيد الله بخش سومرو جنهن جي زندگي تمام ٿوري (يعني 31 آگسٽ 1900ع بمطابق 19 صفر 1318 هجري شڪارپور شهر ۾ محمد عمر سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 14 مئي 1943ع تي شهيد ڪيو ويو.) سندس ڪل عمر 42 سال 8 مهينا 13 ڏينهن رهي. ھن ننڍي عمر پائيندڙ وڏي قدبت ۽ سياسي سوچ ۽ فڪر رکڻ واري انسان جي بنيادي تعليم يعني پرائمري ٺل ۽ شڪارپور ۽ قرآني تعليم پڻ شڪارپور ۾ ئي ٿي. 1912ع هوپ فل اڪيڊمي ۾ داخلا وٺڻ بعد 1919ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي والد محمد عمر سومرو سان گڏجي ٺيڪيداري ڪيائين ۽ زمينداري جو ڪم ڪرڻ لڳو، کيس ٻيو ڀاءُ مولا بخش به هو، جو پڻ ساڳئي ريت پنهنجي والد سان گڏجي زمينداري جو ڪم ڪندو هو.
1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپالٽي ۽ ضلعي لوڪل بورڊ ۽ 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو رڪن چونڊيو ويو،(لاڙڪاڻي جي) ڀٽا خاندان سان وڏن جي گهاٽائپ ڪري، سر شاهنواز ڀٽو سان بمبئي ڪائونسل ۾ ڪم ڪار ۾ گڏوگڏ رهڻ لڳو، گهڻي محنت ۽ دل جي حضور سان ڪم ڪرڻ ڪري ۽ لاڳاپا وڌائڻ سبب کيس ڪيترين ئي سرڪاري ۽ نجي ڪاميٽين ۾ کيس چونڊيو ويو. (1923 کان 1936ع تائين سنڌ بمبئي سان شامل رهي ايتري تائين).1936ع تائين بمبئي ڪائونسل جو رڪن رهيو. اسڪول جي زماني ۾ قرآن پاڪ جو مطالعو جھجھو ڪيو هيائين. والد سان گڏ ڪاروبار ۽ ٺيڪيداري ڪم سبب ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ گھڻو ھجڻ ڪري ڪاروباري، واپاري، پورهيت ۽ زمينداري طبقي سان گهڻي واقفيت حاصل ڪئي. ان ڪري بمبئي ڪائونسل جي رڪنيت ۾ مختلف جي ڪاميٽين جي ميمبرسازي سميت مالي مسئلن تي گهڻي توجهه ڏيندو هو. ٻئي طرف ان وقت گڏيل هندوستان ۾ سياسي تحريڪون ۽ اقتصادي تحريڪون جاري هجڻ ڪري، انهن مان ڪافي ڄاڻ حاصل رهيس.
سنڌ اسيمبلي جو 1938ع ۾ ميمبر چونڊيو ويو. چونڊن بعد 1938ع ۾ ئي سر غلام حسين هدايت الله کي وڏ وزارت ملي. بعد ۾ شھيد الله بخش سومرو کي پهريون دفعو سنڌ جو وزيراعظم بڻايو ويو، پر کيس سياسي وڪڙن ۾ ڦاسائڻ جون ڪوششون بہ تيز ٿيڻ لڳيون. تنهن وقت سندس ناتو ڪانگريس ۽ جمعيت علماءِ هند سان گهڻو هو، جتي وڏن بحث مباحثن ۾ حصو وٺندو هو. جنھن جي ڪري علم ۽ ذهانيت ۾ اضافو حاصل ڪرڻ لاء ڪتابي مطالعو شروع ڪيو، ڇو جو علماءِ هند مذهبي هوندي، ترقي جا خواهان هئا، ٻي طرف مذهبي بحثن ۾ حصو وٺڻ ڪري قرآن پاڪ جي تفسيرن جو مطالعو گھڻو ۽ جهجهو ڪيائين. ساڳي وقت سان ڪانگريس ۾ سرگرم هجڻ ڪري سياسي بصيرت گھڻي حاصل ھئي.
شهيد الله بخش پهريون دفعو 1938ع ۾ سنڌ جو وزيراعظم بڻيو ۽ ٻيو ڀيرو 1941ع ۾ سنڌ جو وزيراعظم ٿيو، شهيد الله بخش سنڌ جو سچو، انقلابي ۽ قومي سياستدان هو. هن جي سوچ هئي ته سنڌ جي ماڻهن جي زندگي ۾ انقلابي سڌارا اچن ۽ سياسي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ٿئي. عام ماڻهن کي تعليمي سهوليت هجڻ گهرجي. سندس خيال هو ته سنڌ جي وڏن مرڪزي شھرن ۾ هاري ڪانفرنسون ڪوٺائي کين پنهنجي حقوق جي ڄاڻ ۽ آگاهي ڏني وڃي. ان ڏس ۾ ۽ پهرين ھاري ڪانفرنس جي شروعات نوابشاهه کان ڪئي. شهيد الله بخش ان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ برڪت آزاد کي اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ذميواري ڏني. ان کان علاوه شهيد الله بخش سومرو، برڪت آزاد کي انهي لاءِ به راضي ڪيو ته هو سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪري، جيئن ماڻهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ۽ ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچيندستان جي مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ سا شھيد الله بخش سومرو کي پنهنجي ڪتاب “India’s Nationalist No: One ۾ The Golden Brain Of Sindh” سڏيو آهي. شهيد الله بخش سومرو جي سوچ هئي ته جتي ڏوهاري رهن ٿا ۽ ڏوھن اضافو ٿو ٿي، اتي اسڪول کولي تعليم عام ڪئي وڃي. هارين کي اڳتي آڻڻ لاءِ سڌارا آڻجن.
7 جنوري 1941ع تي شهيد الله بخش سومرو پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته“سنڌ ۾ زميندارن ۽ جاگيردارن حڪومت کي چڱي مدد ڪئي آهي. جنهن ڪري سدائين کين انعام پئي مليا آهن، پر سنڌ جون اهي حالتون سماجڪ واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مفيد ناهن. حالتون سڌارڻ لاءِ ضروري آهي ته، هارين کي به ڪي حق ڏجن. هارين جي حالت ۾ سڌارو آڻبو ته، زميندار آسودا ٿيندا. مان نه ٿو سمجهان ته جهوني پراڻي نموني جي زمينداري طريقي سان ڪو پرڳڻي جو سڌارو ايندو، موجوده حالتون پرڳڻي تي داغ آهن.”
شهيد الله بخش سومرو پورهيتن کي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏيڻ لاء عيوضي وڌائي ڏيڻ جي حق ۾ هو. هن جو چوڻ هو ته، هارين جي سيٽن تي هارين بجاءِ زميندار چونڊجن ٿا، جيڪي هاري نه آهن، جنهن ڪري انهن جي حقيقي ڪابه ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. هن جو چوڻ هو ته، “اسيمبلي ۾ ڪيترا زميندار هارين جا عيوضي ٿي آيا آهن، پر هنن هارين جي ڀلي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي. جيڪڏهن هاري پاڻ چونڊجي اچن ها ته، جيڪر پنهنجي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙين ها. جهڙي ريت پورهيتن پاران پورهيت ميمبر چونڊجي ايندا ته، پورهيتن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا.”
ان زماني ۾ هارين جي آواز بلند ڪندڙ فقط هڪ شخص هو، سو ھو محمد امين خان کوسو. ھو چوندو هو ته، “جاگيردارن ۽ ميرن سنڌ سان غداري ۽ انگريز سان وفاداري ڪئي، تنهنڪري هنن جو طرف نه وٺڻ گهرجي.”
سنڌ جي هنرن کي هٿي وٺرائڻ:
اهو ٻڌي عام ماڻھو کي عجيب لڳندو ته، گهر ۾ هر روز پنهنجي زال کي جنڊ پيهائڻ ۽ سٽ ڪتائڻ جو ڪم ڪرائيندو هو. سندس گھرواري جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ مشغول هوندي هئي ته، پاڻ جنڊ پيهندو هو. شھيد الله بخش جي عزيزن کي اهو طريقو پسند نه هو، سو چيائونس ته، “الله بخش تون ظالم آهين جو 8 ٻارن جي ماءٌ کان جنڊ ٿو پيهائين”. سو چوندو هو “ورزش ٿو ڪرايانس”، مٽ چوندا هيس“ ورزش ڪرائڻي اٿئي ته، پردو لهرائي ڇڏينس ڀل خوشي سان هوا ۽ روشني ۾ اچي وڃي”، وراڻيو ھئائين ته، “هائو، پر توهين چوندا ته مان اسلام جي پوئيواري نه ٿو ڪريان. وري مولوين کان پڇيو پردي لاهڻ خلاف ڪهڙا عجيب دليل ٿا پيش ڪن،” چيائونس ته “خوب! ٻڌاءِ ته ڪڏهن کان مولوين جو پوئلڳ ٿيو آهين؟ جو هنن جي راين جي هن معاملي ۾ پرواهه ٿو ڪرين!، وراڻيو ته“مان مولوين جو پوئلڳ ناهيان نه ڪي ٿيڻ چاهيان ٿو, پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي تعليم يافته مسلمانن جي جيسين اها سجاڳي نه آئي، تيسين اڪيلي سر مان قدم کڻڻ کان عاجز آهيان“. شهيد الله بخش جي گهر ۾ 18 ڀاتي، 10 نوڪر ۽ نوڪرياڻيون، بورچي، مرد 2 بورچاڻيون عورتون ۽ موٽرون ۽ 2 گهوڙي گاڏيون هونديون هيون. تنهن هوندي به هن نوڪرن کي پاڻ سان گڏ هڪ ئي دسترخوان تي ويهاري کارائيندو هو. اتفاق سان ڪنهن سبب پاڻ ۾ اڻبڻت يا ناراضپو ٿي ويندو هو ته، مٺو ڳالهائي سرچاءٌ ڪرائيندو هو، ته ڪڏهن زيردستن کي جهڻڪندو نه هو يا منهن ٿلهي سان نہ ڳالھاييندو ھو.. هو هٿ جو سخي ايترو هوندو هو جو ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن کي ٻاهر موڪليندو هو ته ضرورت کان وڌيڪ پئسا ڏيندو هو، ته واپس حساب نه وٺندو هو.
شهيد الله بخش جي مرضي هئي ته، پنهنجي خرچ تي ڪپڙو اڻڻ، اٽي پيهڻ، چانور ڇڻڻ، ڪنبل ٺهڻ جا ننڍا ڪارخانه کولي جن ۾ اٽڪل 500 ماڻهو ڪم ڪري سگهن. پوءِ ڪيترن ماڻهن کان وچن وعدو وٺندو هو ته، شڪارپور جون ٺهيل شيون واپرائيندا ته جيئن شهر ۾ بيروزگاري نه رهي. هو غريبن جو هڏڏوکي هو، جنهن ڪري هو پنهنجي پاڙي جي مسڪين زالن کي مفت اناج ۽ ڪجهه گهرو خرچ لاءِ رقم ڏيندو هو. هن جو هڪڙو ارادو هو ته پنج پير جي مقام جي ڀر ۾ 2 جڳهون ملائي ڇوڪرين جو اسڪول ۽ ويم گهر جوڙائي ۽ شوق هيس ته ڌيءَ کي ڊاڪٽري پڙهائي. هن جو هڪڙو ٻيو خيال به هيو ته، پنهنجي ملڪيت وقف ڪري پاڻ هڪ لانڍي ۾ زندگي بصر ڪري ۽ گهڻي زمين هجڻ ڪري اها هارين ۾ ورهائي ڇڏيان. ان تجويز تي غور ڪري رهيو هو ته، ان سوچ تي عمل ڪندي، اٽڪل 30 هزار روپيه هارين ڏانھن تقاوي جا معاف ڪري ڇڏيا.
تعليم سان چاھ:
شهيد الله بخش کي علم سان وڏو چاهه هو جو ڪيترن هندو توڙي مسلمانن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي هڙان پئسا ڏئي اسڪول موڪليندو هو. هڪ دفعي شڪارپور ڪاليج کي بمبئي رجسٽرار ڌمڪي ڏني ته، جيڪڏهن ٻن سالن جا کٽل 23 هزار نه ٿا جمع ڪرايا وڃن ته ڪاليج جو نالو ڪاٽيو ويندو سو ڪاليج جي سربراهه وٽ لنگهي ويو ۽ هن کي ساڻ ڪري سکر جي ڪلڪيٽر وٽ آيو کوٽ جا پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ پنهنجي زمين جا دستاويز لکي ڏنائين. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اڄ شڪارپور جي ڪاليج جو وجود نه رهي ها.
آزاد اخبار جو اجرا:
الله بخش هڙان 20 هزار روپيا خرچ ڪري آزاد اخبار جاري ڪيائين ۽ ماهانو هڪ هزار روپيا خرچ ڪندو هو ڪڏهن به هن ڪو ناجائز فائدو نه ورتو. سندس واقف ڪار چوندا هيس ته اخبار تي اجايا پئسا ٿو ضايع ڪرين ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڪار پرداز کان پورو حساب ته وٺ پر الله بخش پنهنجي ڪارڪنن تي ويساهه ڪندو هو هر ڪم ويساهه تي هلائجي اڄڪلهه شڪي نگاهه ۽ هڪ ٻئي کي ٺڳڻ ڦرڻ جهڙي بڇڙي بنيادن تي ٻڌل ڌنڌا سدائين ڀڙتي وڃن ٿا، مان ماڻهن تي ويساهه ڪندو آهيان. جنهن ڪري خامخاهه مٿي جي سور پرائڻ کان بچو پيو آهيان.ماڻ ماڻهو چونڊڻ ۾ وقت وٺندو آهيان پر هڪ وار ۾ فيصلو ڪيم ته هن جي ڪم ۾ دست اندازي نه ڪندو آهيان، مون پنهنجي تجربي مان ڏٺو آهي ته اهو صحيح طريقو آهي، هونئن به ويساهه بنا ڪاروبار هلائڻ غير ممڪن آهي.
صاف سٿري ۽ سادي زندگي گذارڻ ۽ عام سان ھمدردي:
هونئن به ڪنهن گهرجائو کي هٿين خالي نه ڇڏيندو هو. روڊ جي فقير تي 4 آنن کان گهٽ نه ڏيندو هو، دستر خوان سدائين کليل هو ڪڏهن به اڪيلي سر ماني نه کائيندو هو. دوستن کي وٺي اچي پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. والد کان ورثي مان مليل ڇهه ست هزار جريب زمين 20 ايڪيهه هزار جريب زمين ڪيائين. هو سوڙ آهر پير ڊگهيريندو هو کيس زمين مان سالياني اپت 2 لک 30 هزار ۽ ٺيڪن مان 50 هزار يعنيٰ گڏ سڏ ڪل 2 لک 80 هزار سالياني آمدني هيس. وزير ٿيڻ کان پوءِ ٺيڪن جا ڪم ڇڏي ڏنا هيائين ۽ سندس پٽ ملٽري ۽ زمين جا ٺيڪا کڻندو هيو. شخصي ريت غير واجبي نموني سان ناڻو ڪمائڻ جي خلاف هيو، پوءِ مٿئين آمدني کي به ناجائز سمجهندي وصول نه ڪندو هو. کيس اپر سنڌ لاءِ پيٽرول وڪڻڻ لاءِ ٺيڪو ٿي مليس. ڪمپني جي مرضي هئي ته الله بخش وزيراعظم جي حيثيت سان فائدو وٺي ۽ ٻي ڪمپني کي تيل وڪرو ڪرڻ جي بندش داخل ڪري پر هن ائين نه ڪيو. مرڳي ٺيڪي کڻڻ کان انڪار ڪيائين. چيائين هڪ هٺي ڪرڻ ماڻڻ کي پيڙهڻ جو عظيم گناهه آهي. هو سائو سکيو ماڻهو هو پر شاهوڪار شاهي جو حامي نه هو چوندو هو ته زميندار ۽ شاهوڪار ظالم آهن. مولوي خوشامتڙا، پيرتن پرست ۽ مفت خور اهو به چوندو هو ته دوستو دولت توهان کي تڪليف ڏيندي. مسڪينن ۽ نادارن مان ناجائز فائدو نه وٺو ڇو ته دولت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اهڙو ڏکيو آهي. جهڙو اٺ سئي جي پاکڙي مان لنگهي بهتر آهي ته اسڪول اسپتالون کولي خلق جي خدمت ڪريو ۽ علم جي روشني سان ماڻهن جي دماغ جا طاق کوليو جيئن سندن زندگي جو احساس پيدا ٿئي.
سيلف ڊفينس جي تربيت ۽ لائبريريون قائم ڪرڻ:
برڪت آزاد پنهنجي مضمون سنڌ جو هيرو ۾ ڄاڻايو آهي ته، 1938ع ڌاري سکر جي ڳوٺن ۾ عام سڌارا ۽ علم جي روشني آڻڻ لاءِ هڪ نئين جماعت نالي“سنڌ ڳوٺاڻي جماعت” يا “سنڌ وليج ورڪرز ايسوسيئشن Sindh Villages Worker’s Association قائم ٿي ۽ ان جو صدر شهيد کي ئي چونڊيو ويو هو،ان جماعت جي بجيٽ هن پنهنجي سر کنئي هئي جا ان سستائي جي وقت اٽڪل 1200 سو روپيا ماهوار هئي. جماعت جو نائب صدر پراڻي سکر جو هڪ رٽائرڊ سپريڊنٽ انجنيئر ديوان پيسو مل چانڊواڻي کي چونڊيو ويو. جنهن جو قائم ڪيل چانڊواڻي گرلس هاءِ اسڪول سکر جي مين پوسٽ آفيس جي سامهون گرلس ڪاليج جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي. جماعت جو جنرل سيڪريٽري پروفيسر اين آر ملڪاڻي چونڊيو ويو، جنهن سان پنهنجي دهلي ۾ ملاقات رهيس. جماعت جو جوائنٽ سيڪريٽري ان وقت ايران مان موٽيل مشهور سنڌي اديب جناب تيرٿ وسنت کي منتخب ڪيو ويو ۽ آرگنائيزر جي ذميواري هن بندي جي حوالي ڪئي وئي، سنڌ جي ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ اسان جي سنڌ ڳوٺاڻي جماعت کي ڪراچي جي مکي جناب پي ڪي شاهاڻي جي پيءُ ديوان ڪيولرام صاحب ڏهن هزارن جا ڪتاب دان (امداد) ڪيا جن جي قيمت اڄوڪي حساب سان ڏهن لکن کان گهٽ نه ٿيندي. جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي هيڊڪواٽرن ۽ ٻين وڏن ڳوٺن ۾ ٻارنهن لائبريريون قائم ڪيون ويون هيون ۽ هي ڪتاب سنڀالي رکڻ لاءِ اسان کي جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي چيف آفيسر سرڳواسي ديوان امر لال پنجواڻي ٻارنهن شاهي ڪٻٽ تيار ڪرائي ڏنا هئا. جماعت طرفان ڪيترن ڳوٺن ۾ مٺو پاڻي ميسر ڪرڻ لاءِ بورنگ نلڪا هڻايا ويا هئا دوائن جون پيتيون (Medical Chess) پڻ رکايون ويون هيون. هارين ۽ ٻين سڀني ڳوٺاڻن لاءِ والي بال ۽ ٻين راندين جو سامان پنهنجي هر مرڪزکي پهچايو ويو هو. ٻارن جي پڙهائي لاءِ ڪتاب ۽ سليٽون وغيره ان کانسواءِ خريد ڪيون ويون هيون. ڳوٺن ۾ پنهنجو بچاءٌ پاڻ ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي پريڊ ۾ سليف ڊفينس Self Defense جي سکيا وٺڻ لاءِ ڊريسون پڻ ڏنيون ويون هيون. يونيفارم سان گڏ مٿو ڍڪڻ لاءِ مسٽر وسنت جي صلاح سان مغربي طرز جون فرينچ ٽوپيون French Caps تيار ڪرايون ويون هيون.
ڳوٺن ۾ تعليم ڦهلائڻ،صفائي، شهريت جا اصول سمجهائڻ لاءِ اسان وٽ هڪ جادو بتي يا ميجڪ لينٽرن ذريعي فلمن ڏيکارڻ جي مشين پڻ هئي جيڪا گاسليٽ تي هلندي هئي ڇاڪاڻ ته بجلي تي هلندڙ فلم پروجيڪٽر Projector ڪونه هئا، هي فلمي جادو به آءُ ئي ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندو هوس. ان کانسواءِ حيدرآباد واري ڪئمپ ۾ جيڪب آباد ضلعي جا اڌ ڊزن گن نوجوان ڳوٺاڻا پاڻ سان گڏ حيدرآباد وٺي ويو هوس.جتي حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ هفتي لاءِ هنن کي فرسٽ ايڊ (First Aid) طور ملم پٽي ڪرڻ جي ابتدائي سکيا وٺڻ جو بندوبست ڪرايو ويو هو،هي نوجوان ڪنڌڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ تنگواڻي لڳ ڳوٺ سانوڻ گبول جا رهاڪو هئا ۽ هن ڳوٺ ۾ اسان جو وڏو مرڪز ۽ لائبريري وغيره به هئي.
هن جي وزارت عظمي جي زماني ۾ سنڌ ۾ عام سڌاري جا ڪيترائي ڪم ٿيا، جهڙوڪ زراعت جي ترقي، بئراج جي پاڻي جي صحيح تقسيم، لوڪل سيلف گورنمينٽ جي ادارن ذريعي عام ڀلائي جا ڪم، لوڪل باڊيز ۾ سرڪار طرفان ٿاڦيل ميمبرن جو خاتمو، ڳوٺاڻن هنرن جي ترقي، اسپتالن جو واڌارو، هندو مسلم اتحاد، آنري مئجسٽريٽن جو خاتمو ۽ ٻيا ڪيترائي عام سڌاري جا ڪم ڪيا. سندس ايام ڪاري ۽ وزارت عظمي جي زماني ۾ ٿيا.
مسجد منزل گاهه بابت اظهار:
منزل گاهه سرڪاري جڳهه آهي، سرڪار مسلمانن کي ڏي ته هندن کي اعتراض نه وٺڻ گهرجي، سرڪار جهڙي ريت هنومان مندر جو پلاٽ سرڪار هندن کي ڏئي سگهي ٿي، تهڙي ريت منزل گاهه بہ ڏئي سگهي ٿي. پوءِ هڪ مهملي جي رٿ تي منزل گاهه فسادن جي باري ۾ پڌرائي ڪڍي ته، “مان قبول ٿو ڪريان ته، سکر ضلعي ۾ هندن جي بي سلامتي آهي ۽ سرڪار جو فرض آهي ته، بنا دير سلامتي ۽ قانون جو انتظام ڪري، حادثا سنڌ تي داغ آهن اهو تمام خراب آهي ته، سياسي معاملن لاءِ بي گناهه ماڻهن جو خون ڪجي. مون کي ارمان آهي جو ڳوٺن ۾ مسلمان پنهنجي هندو ڀائرن جا خون ڪيا، ڌاڙا هنيا ۽ زالن جي بي حرمتي ڪئي. مون منزل گاهه تي غور ڪيو آهي، مون تي الزام آهي ته مامري جي حل ۾ دير پئي ڪئي اٿم، پر هي سوال سولائي سان حل ٿيڻ جهڙو ناهي مون کي اميد آهي ته، هي سوال اهڙي نموني حل ڪبو جو ٻنهي ڌرين کي پسند پوندو.
وزات اعظمي کان عليحدگي:
10 آڪٽوبر 1942ع تي سنڌ جي گورنر الله بخش سومرو کي گھرائي، کيس روبرو “خط پڙهي ٻڌايو ۽ استعيفيٰ طلب ڪئي.” الله بخش سومرو جواب ڏنو, “مان عوام جو چونڊيل عيوضي آهيان ۽ انهن جي چوڻ تي ئي اهڙو قدم کڻي سگهندس مان استعيفيٰ ڪونه ڏيندس, پر جي اوهين مون کان پلئه آجا ٿا ڪرڻ چاهيون ته ڀل اوهان پاڻ قدم کڻو،” گورنر وراڻي ڏنس ته، “اوهين پاڻ کي برطرف سمجهو پنهنجي عهدي جي چارج موٽائي ڏيو،” هن گفتگو ۾ 15 کان 20 منٽ لڳا.
شھادت:
مئي 1943ع ۾ الله بخش کي ڪنھن اچي شڪايت ڪئي، ته شڪارپور شهر جي ٻاهران هڪ نئون پير آيو آهي، جنهن وٽ تعويذن جي بهاني ڪيتريون ئي عورتون وڃي رهيون آهن. سو الله بخش سوچيو ته ڪنهن نموني سان انهي پير کي هتان ڪڍي ڇڏجي، سو 14 مئي جي صبح جو دوستن سان گڏ ناشتو ڪري وڏيري نبي بخش ڦلپوٽو ۽ ميان غلام رسول جهلڻ سان ٽانگي ۾ چڙهي پير سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نڪتو، ٻڌايو وڃي ٿو ته، پاڻ سان گڏ هڪ سو روپين جا نوٽ بہ کنيائين، پير کي ڪجھ ڏوڪڙ ڏئي، کيس رضا خوشي سان راضي ڪري شڪارپور ڇڏي وڃڻ لاءِ آماده ڪبو، پر الله بخش تنهن آستاني تي پهتو ته، پير اڳي ئي وڃي چڪو هو. سو ساڳي ئي ٽانگي تي واپس پئي آيو ته، ھاڻوڪي پوليس هيڊڪواٽر وٽ پوئين ڪنڊ سامهون، رستي تي ڪي اڻ واقف ماڻهو انتظار ۾ بيٺا هئا، تن هنن کي ڏسي گوليون هلائي شهيد ڪري ڇڏيو، ان وقت الله بخش ٽانگي ۾ اخبار پڙهي رهيو هو، گولي لڳڻ شرط بگي جي حودي ۾ ڪري پيو. بندوق جا 3 فائر ٿيا جن مان هڪ الله بخش جي سيني ۾ ۽ ھڪ پٺي ۾ لڳي ۽ هڪ گولي وڏيري نبي بخش ڦلپوٽو جي ٽنگ ۾ لڳي، جڏهن ته ميان رسول بخش جهلڻ ٽانگي ۾ اڳيان ويٺو هو. خونين جي منهن تي ٻٽون ٻڌل هيون، تيڏيءُ مهل پوليس وارن خونين تي ٻه چار گوليون هلايون، پر خوني ڀر واري باغ جي ننڍي ڀت ٽپي ڀڄي هليا ويا. پيري کڻڻ تي 24 ميل پري تائين پيرو مليو، پر پوءِ نشان گم ٿي ويا. شهيد الله بخش سومرو جي شهادت اصل ۾ انگريز سرڪار جي سازش هئي. جنهن سنڌ مان ٻن ماڻهن کي هٽائڻ پئي چاهيو هڪ هيو الله بخش سومرو ۽ ٻيو هو پير صاحب پاڳارو، جن پڻ انگريزن جي سنڌ کان نيڪالي ٿي چاھي.