شيخ اياز صدين جي صدا
جون 1970 جي گرم رات نوابشاهه شهر جي ڪلب ۾ فقير عبدالغفور جڏهن شيخ اياز جي وائي “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو… سهندو ڪير ميار او يار” آلاپي ته محفل ۾ ويٺل شيخ مجيب ۽ سائين جي ايم سيد جا عاشق “امار نيتا، تمار نيتا” شيخ مجيب الرحمان شيخ مجيب الرحمان، تنهنجو رهبر منهنجو رهبر جي ايم سيد جي ايم سيد جي نعرن سان جهومي اٿيو. جون جي گرميءَ محفل کي اڃا به وڌيڪ گرمائي ڇڏيو. هي شيخ اياز جو دور هو جڏهن هن جا گيت هوائن سان ٽڪرائجي بمن ۽ گولن جو ڪم ڏيندا هئا.
پَرار تي ڪا پُڪارَ آهي، مگر اڳيان تِکُ تارَ آهي،
ڪٿي اسان جي اُڪارَ آھي، “اياز” ڪيڏانهن ناوَ نِيندي…
شيخ اياز جي انقلابي شاعري ان دور جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن جا گيت انهن تحريڪن ۾ ساھه ڦوڪيندا هئا. هونئن به انقلابي ۽ عوامي شاعر قومن جا ترجمان هوندا آهن. انهن جو اکر اکر لفظ لفظ هنن سياسي، سماجي ۽ قومي آزاديءَ واري واٽ وٺندڙن لاءِ مشعل راھه هوندو آهي. دنيا ڀر جي تاريخ ڀري پئي آهي جنهن ۾ شاعرن جو ڪردار تحريڪن جي اڀار ۾ ڪنھن ديومالائي ڪردار کان گهٽ ناهي هوندو.
دنيا ڀر جي مڪمل ۽ مستند شاعريءَ جو بنياد يونان جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. آسڪائيلس، سوفوڪلس، يوريپيدس ۽ سيفو يونان جا اوائلي شاعر هئا . ارسطو ۽ ان دور جي ٻين همعصر دانشورن انهن جي شاعريءَ تي ادبي تنقيد ڪئي. هنن شاعريءَ جي مقصد ۽ معيار لاءِ ڪجهھ پيمانا ٺاهيا. ان تي ادبي تنقيد ڪئي.
شيخ اياز جي شاعريءَ کي به جڏهن مان تنقيد جي نگاهه سان ڏسان ٿو ته ان کي مان ٻن حصن ۾ ورهايان ٿو. هڪ اياز جي اها شاعري آھي جڏھن ھو بي خوف، بي ڊپو ۽ نڍر هو بي اها شاعري جڏهن هن کي من ۾ ڀئو ويٺو.
شيخ اياز جڏهن نڍر هو ته هن جي شاعريءَ ۾ بيباڪي هئي. هو جيڪڏھن رومانس جو منظر پنهنجي شاعراڻي ڪيفيت ۾ اظهاري پيو ته سماج ۾ موجود ڪنهن به ٽيبو کان لاپرواهه ٿي چئي پيو.
پيئڻ ۽ جيئڻ متو متوالن جو
ڀيري ساڻ ڀرڻ، سرڪيون تنهن جي سونهن جون.
يا
اسان ڪيئن ڪاٽيون، رسي ريجھڻ جون گهڙيون
ڳوڙها ڳراٽيون، چميون چپ چپن تي.
هو جڏهن بي ڊپو هو ته هو آزاد هو. هو ايئن آزاد هو جيئن هوا آزاد هوندي آهي، بنا روڪ ٽوڪ جي دنيا جون سرحدون ٻرانگهون پائي ڪنهن ناٽڪ منڊليءَ ۾ داخل ٿي رقص ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويندي آهي. هو ايترو ته ان رقص ۾ محو ٿي ويندو هو جو هن جي چپن تي اي آزادي! اي آزادي! هو نيٺ ته توکي چاهيندا جا لفظ جهمر هڻندا هئا. ان وقت رقص جي ڪا يوناني ديوي به هن کي سجاڳ نه ڪري سگهندي هئي.
هڪڙي چُپ،
انڌي کوهہَ ۾ ڪُميءَ جي ٽُٻي،
ٻي چُپ،
بلنديءَ تان بازَ جي گهري گهُورَ،
هڪڙي چُپ خانقاهه جا کونگهرا،
۽ آشرم جون اوٻاسيون،
ٻي چُپ،
ٽيپوءَ جو ڪنڌ،
۽ نانا صاحب جو ڳاٽُ،
جو ڪپجي، گهٽجي،
لکين للڪارون بڻجي وڃي ٿو.
چُپ- موت،
چُپ- زندگي…!
اياز جڏهن هن رياست کي هلائڻ وارن کي جلاد جي صورت ۾ ڏٺو. هنن جي مڪارين، چالبازين ۽ بدعنوانين کان واقف ٿيو. هنن جي ٺڳيءَ جي جُڙتو ٺاهن کي سمجهيو ته هي ڊڄيو ڪونه، نه ئي وري لالچ ۾ اچي انهن جو ساٿاري ٿيو، پر هن چيو انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ! هن ته ڀڳت سنگهه تي لکيل اوپيرا ۾ آزاديءَ جي متوالن لاءِ هيئن به چيو…!
هر وقت الر سان اڀرن ٿا،
ڇا اوچي ڪَر سان اڀرن ٿا،
اڄ اٿڻو آهي شينهن جيان،
ڪنھن آنڌيءَ آندل مينهن جيان،
۽ ٻوڙان ٻوڙ اسهڻو آ،
ها تاٻڙ ٽوڙ اسهڻو آ،
۽ گولن سان گهمسان ڪري،
۽ لاشن سان ميدان ڀري،
اڄ ماري ماري ورڻو آ،
۽ ڏاڍا ڏاري ورڻو آ،
ڪا بيک نه آهي آزادي،
جي ڪوئي چاهي آزادي..
ڪنهن هنڌ اياز لکيو آهي “تَمر! تون ڪنڌي ڳولي رهيو آھين.” ڀٽائي چيو،
“ڪنڌي ته رڳو مُئا ڳوليندا آھن، انھن جا لاش لڙھي اچي ٻُوڙن ۾ لڪندا آھن. جيئرا ته ڇوهن جي ڇوھه ۾ هوندا آھن، اُنھن جا سڙھه ڦاٽي پوندا آھن، ۽ لاڄو بند ٽٽي پوندا آھن، پر پوءِ به هو وِيرُن سان وڙھندا رهندا آھن.” اھڙو بهادر ماڻهو پوءِ الائي ڇو آمر جي گوليءَ کان ڊڄي ويو يا ڪنهن ٻئي خوف ۾ اچي “شاعريءَ جو سجدو” لکيائين جيڪو اياز جو سجدو ثابت ٿيو. هونئن به انسان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هڪڙي سفر Transformation ۾ هلندو رهي ٿو. هڪڙي سفر جو ٿڪ ڀڄڻ کانپوءِ ٻئي سفر جي شروعات ڪري ٿو. جنهن شخص “ڀوئنر ڀري آڪاس” ،“ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي” ۽ “ڪي جي ٻيجل ٻوليو” جهڙا ڪتاب لکيا ان پوءِ وري “بڙ جي ڇانو اڳ کان گهاٽي” ۽ “تون ڇپر تون ڇانء” لکيا.
جڏهن اياز تي هي ڪيفيت تاري هئي ته هن دعا جا هٿ کنيا ۽ چيو،
يا رب!
مون کي دارا ۽ سڪندر جي قدر و قامت نه گهرجي! مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر! مون کي شمس تبريز ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر!
مان پاڻ سان حقارت به نه ڪيان ۽ پاڻ کي حقير به نه سمجهان.
بهرحال اياز ويهين صديءَ جو تمام وڏو شاعر هو. هن جي شاعري فڪري ۽ موضوعاتي طور تي ٻين الاقوامي آهي. هو ڀٽائي جو تسلسل آهي جنھن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي شاعري ڏئي ان کي جيئندان بخشيو آهي.