ھند جي سيتا ۽ سنڌ جي مارئي هڪ احساس، پر الڳ داستان
وفاداري، محبت، صبر ۽ پاڪ دامنيءَ جي تاريخ ۾ عورتن جي ڪردار کي هميشه اعليٰ مقام حاصل رهيو آهي. دنيا جي قديم داستانن ۽ مقامي لوڪ ادب ۾ اهڙين عورتن جا نقش مليا آهن، جن پنهنجي محبت، صبر ۽ اخلاص جي بنياد تي پنهنجو نالو تاريخ ۾ اڻمٽ ڪري ڇڏيو. اهڙن ڪردارن مان ٻه نمايان نالا آهن، ھڪ هندومت جي سيتا ۽ ٻي سنڌ جي مارئي.
سيتا، رامائڻ جي مرڪزي ڪردار رام جي زال، وفاداري، پاڪ دامني ۽ استقامت جي مجسم صورت آهي. جڏهن راوڻ کيس اغوا ڪري لنڪا وٺي ويو، تڏهن سيتا قيد ۾ رهي، پر پنهنجي وقار ۽ سچائيءَ تان هٿ نه کنيو. هن اذيت ۽ شڪ جي باوجود به پنهنجو وفا جو رستو نه ڇڏيو. راوڻ جي محلن ۾ رهي به رام جي پيار کان نه هٽي! هي وفا جو اهڙو مثال آهي، جيڪو صدين کان عورتن لاءِ مشعل راهه رهيو آهي.
سنڌ جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي ناري مارئي پڻ سيتا جيان وفاداريءَ جي علامت بڻيل آهي. شاهه لطيف ڀٽائي هن جي قرباني، سچائي ۽ وفا کي پنهنجي بيتن جي ذريعي امر ڪري ڇڏيو. مارئي، جنهن کي عمر سومري اغوا ڪيو، پر هن عمر بادشاهه جي طاقت، لالچ ۽ حرص آڏو پنهنجي عزت، غيرت ۽ وفا تان هٿ نه کنيو. شاهه مارئي جي واتان چورائي ٿو ته:
آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا! تن پهنوارن پچار
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي رء لُهار
ميخون محبت سنديون، هنئڙي منجھ ھزار
پکا ۽ پهُنۡوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
هي بيت وفاداري جي اُن اوچي مقام جو اظهار آهي، جتي عورت پنهنجي زندگيءَ جي قيمت تي به عزت، پيار ۽ وابستگيءَ کي اوليت ڏئي ٿي.
جيئن سيتا ڌرمي ڪردار سان راوڻ جي قيد ۾ به رام سان وفادار رهي، تيئن مارئي به اغوا ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي عزت ۽ جذبي سان سودو نه ڪيو. ٻنهي عورتن جي ڪهاڻين جو نچوڙ هڪ آهي محبت ۾ قرباني، رشتن ۾ وفا ۽ ناري جي عظمت جو اقرار.
سيتا جي وفاداريءَ جا اهم پهلو:
سيتا، رامائڻ جي مشهور ڪردارن مان هڪ آهي، جنهن کي هندستاني ۽ ڏکڻ ايشيائي ادب، ثقافت ۽ ڌرمي حوالن ۾ وفاداري، پاڪ دامني ۽ صبر جي علامت طور ڏٺو وڃي ٿو. سيتا جي وفاداري جو داستان عورت جي عظمت ۽ قربانيءَ جي بلند ترين مثالن مان هڪ آهي.
رام سان وفاداري: سيتا پنهنجي مڙس رام سان اڻ مٽ محبت ۽ وفاداري رکندي، سندس خوشيءَ خاطر محل جي آرام واري زندگيءَ کي ڇڏي، 14 سالن جي جلاوطنيءَ دوران به ساڻس گڏ رهي. هن پنهنجي شاديءَ جي وچ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي مرد طرف نه ڏٺو، نه ئي رام کان بغير جيون جو تصور ڪيو.
راوڻ جي قيد ۾ صبر: جڏهن راوڻ سيتا کي اغوا ڪري لنڪا وٺي ويو، تڏهن به سيتا پنهنجي پاڪ دامنيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو. راوڻ جي محلاتي عياشي ۽ دٻاءُ جي باوجود سيتا راوڻ کي قبول نه ڪيو. هن ڌرتيءَ تي حد کان وڌيڪ صبر ۽ عزم سان پنهنجو وقار برقرار رکيو.
اگني پرڪشا (باھ جي آزمائش): جڏهن رام لنڪا تي فتح حاصل ڪئي ۽ سيتا کي واپس آندو، تڏهن ماڻهن جي شڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سيتا پاڻ اگني پرڪشا (باھ مان گذرڻ) لاءِ تيار ٿي. هن جو باھ مان صحيح سلامت نڪرڻ سندس پاڪ دامنيءَ جو ثبوت هو.
جلاوطني جي وقت به سڪون: جڏهن رام ماڻهن جي چوڻ تي سيتا کي ٻيهر جنهگل ڏانهن موڪلي ڇڏيو، تڏهن به سيتا رام سان ڪابه شڪايت نه ڪئي، نه ئي بغاوت ڪئي. هن پنهنجن ٻارن (لوو ۽ ڪش) جي پرورش اڪيلي سر ڪئي ۽ پنهنجو فرض نڀايو.


وفاداري، محبت، صبر ۽ پاڪ دامنيءَ جي تاريخ ۾ عورتن جي ڪردار کي هميشه اعليٰ مقام حاصل رهيو آهي. دنيا جي قديم داستانن ۽ مقامي لوڪ ادب ۾ اهڙين عورتن جا نقش مليا آهن، جن پنهنجي محبت، صبر ۽ اخلاص جي بنياد تي پنهنجو نالو تاريخ ۾ اڻمٽ ڪري ڇڏيو. اهڙن ڪردارن مان ٻه نمايان نالا آهن، ھڪ هندومت جي سيتا ۽ ٻي سنڌ جي مارئي.