بلاگنئون

اسان جي تبديل ٿيندڙ معاشري ۾ سماجي دوريون ۽ ان جا ڪارڻ

انسان، جنھن کي اشرف المخلوقات چيو ويندو آھي، بنيادي طور ھڪ سماجي جاندار آھي. ھونئن ته دنيا ۾ ھر جاندار کي سماجي جاندار چئي سگھجي ٿو. مثال طور: اڪثر جانور ٽولن جي صورت ۾ رھڻ پسند ڪندا آھن، جنھن ۾ ھو پاڻ کي اڪيلو رھڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ محفوظ سمجھندا آھن. جيڪڏھن نباتات جي ڳالھه ڪجي ته وڻ ۽ ٻوٽا ان جڳھه تي وڌيڪ وڌندا ۽ ويجھندا آھن جتي اھي گھڻائيءَ ۾ ھجن. ان جو ڪارڻ اھو ھوندو آھي ته انھن وڻن ۽ ٻوٽن مان جيڪي پن ۽ ٻيو نامياتي مواد ڪرندو آھي اھو وقت سان گڏ ڳري سڙي قدرتي ڀاڻ جي شڪل اختيار ڪندو آھي ۽ زمين کي زرخيز رکندو آھي. وقت گذرڻ سان گڏ انسان، جيڪو ھڪ سماجي جانور طور سڃاتو ويندو ھو، ھڪ ٻئي کان دور ٿيڻ شروع ٿيو. اولهه وارن ملڪن ۾ ته اھي دوريون گھڻو اڳ ۾ شروع ٿي چڪيون ھيون، پر اوڀر وارن ملڪن، خاص طور پاڪستان ۾ سماجي دوريون ڪجھه ڏھاڪا اڳ شروع ٿيون. 1990 واري ڏهاڪي تائين سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ شام ٿيندي ئي اوطاقن تي رونق ٿيڻ شروع ٿي ويندي ھئي جتي نه صرف ڏک سک ھڪ ٻئي سان ونڊيا ويندا ھئا، پر گڏوگڏ تفريحي پروگرام جن ۾ مختلف رانديون، ڏور، بيت، ڳجھارتون ۽ راڳ رنگ وغيره شامل ھوندا ھئا، سان ماڻھو پاڻ کي مصروف رکندا ھئا. شادين غمين ۾ اڪثر ھڪ طعام، گوشت جو پلاءُ تيار ڪيو ويندو ھو جيڪو مھمانن کي وڏن ٿالھن يا ٺڪر جي پاٽڙن ۾ پيش ڪيو ويندو ھو ۽ 6-7 مھمان گڏجي انھيءَ ھڪ ٿانو ۾ ئي کائيندا ھئا جنھن سان ھڪطرف پاڻ ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ ٿيندي ھئي ته ٻئي طرف کاڌو ضايع به نه ٿيندو ھو. جيئن ته ٻھراڙيءَ سان تعلق رکندڙن مان اڪثر ماڻھن جو روزگار زراعت سان لاڳاپيل ھوندو ھو، ان حوالي سان به زمين جي تياريءَ کان وٺي، لابارن تائين ھارين جا ٽولا زمينن تي گڏجي ڪم ڪندي ۽ ماني کائيندي نظر ايندا ھئا. زرعي مشينن مثال طور: ٽريڪٽرن ۽ ٿريشرن جي اچڻ کانپوءِ زمينن تي اھي گڏجاڻيون ۽ رونقون گھٽ ٿينديون ويون. شھرن ۾ وري ادبي گڏجاڻيون، راڳ رنگ جا پروگرام ڪنھن اسڪول جي گرائونڊ تي، ڪلب يا ڪنھن جي گھر منعقد ڪيا ويندا ھئا. اھي پروگرام نه صرف تفريح جو ذريعو ھوندا ھئا، گڏوگڏ ماڻھن ۾ ذھني ھم آھنگي ۽ پيار محبت ۾ واڌ جو سبب بڻجندا ھئا. ٻارن جو گھڻو وقت پاڻ ۾ ملي، گھٽي يا گھر ۾ کيڏڻ ۾ گذرندو ھو، جتي ھو ھڪٻئي کان رسندا به ھئا ته پرچندا به ھئا. اسڪولن ۾ تعليم سان گڏ صحتمند غير نصابي سرگرمين تي پڻ توجهه ڏني ويندي ھئي جنھن ۾ تقريري ۽ راندين جا مقابلا، اسڪائوٽنگ، جمناسٽڪ وغيره جھڙيون سرگرميون شامل ھونديون ھيون جيڪي ذھني نشونما سان گڏ جسماني نشونما لاءِ پڻ ڪارآمد ھونديون ھيون. اسڪول ۾ موڪلن دوران، والدين اڪثر ٻارن کي ڪٿي نه ڪٿي گھمائڻ لاءِ وٺي ويندا ھئا. ھر مذھب ۾ مسجدن، مندرن، ڪليسائن ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ اچڻ جو درس ڏنو ويندو آهي، جنھن جو مقصد پڻ انسانن ۾ ذھني ھم آھنگيءَ جو فروغ آھي.

وقت گذرڻ سان گڏ جيئن دنيا ۾ ڪمپيوٽرائيزيشن ۽ آٽوميشن تمام گھڻي ترقي ڪئي، انسانن جي طرز زندگيءَ ۾ پڻ تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون. اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم انسانن کي ملڻ شروع ٿيا، انسان ۾ گڏ ويھڻ جو رجحان گھٽ ٿيندو ويو. سوشل ميڊيا جو اھو فائدو ضرور ٿيو ته ڪافي وڇڙيل دوستن ۽ مائٽن جا ان تي رابطا شروع ٿيا، پر ھنن رابطن ۾ اھا ڪشش نه ھئي جيڪا روبرو ملاقاتن ۾ ٿيندي ھئي. سوشل ميڊيا وارا لاڳاپا صرف رسمي حد تائين رھن ٿا، جيڪي گرمجوشيءَ کان وانجھيل ھوندا آھن. سماجي دورين جو ھڪ ٻيو وڏو ۽ اھم ڪارڻ ڪووڊ جي بيماري ھئي جنھن جي نتيجي ۾ گھر ۾ ويھي آفيس جا ڪم ڪرڻ جو رواج پيو. ھن ڪم ڪرڻ واري ماڊل مان ڪافي ادارن کي مالي طور تمام گھڻو فائدو رسيو. ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان آفيسن تي ٿيندڙ خرچن ۾ واضح طور ڪمي آئي. ھن وقت حالت اھا ٿي وئي آھي جو ھڪ گھر ۾ رھندڙ گھرڀاتي ويجھو ھوندي به ھڪ ٻئي کان پري ٿي چڪا آھن. ھر گھرڀاتي پنھنجي پنھنجي ڪمري ۾ بند آھي. جيڪڏھن اھي گھرڀاتي ڪٿي گڏ به ويھن ٿا ته ھر ماڻھو پنھنجي ليپ ٽاپ يا موبائل تي راند کيڏڻ يا وڊيوز ڏسڻ ۾ مصروف ھوندو آھي. ساڳيو حال شادين ۽ دعوتن ۾ نظر اچي ٿو، جتي ڪوبه ماڻھو ھڪٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونهي. اھا صورتحال مستقبل ۾ معاشري جي لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. ھن صورتحال کي قابو ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، جنھن لاءِ حڪومت ۽ عوام ٻنھي کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حڪومتي سطح تي اسڪولن ۾ صحتمند غير نصابي سرگرميون شروع ڪيو وڃن، جنھن ۾ ھر ٻار کي پنھنجي پسند جي سرگرميءَ ۾ حصو وٺڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. والدين گھرن ۾ وڌ ۾ وقت پنھنجي ٻارن کي ڏين. تمام گھرڀاتي ماني ھڪ دسترخوان تي ويھي گڏ کائين جنھن دوران سڀني گھرڀاتين تي موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر وغيره جي استعمال تي پابندي ھجي. والدين کي، ٻارن کي وقت بوقت خاص طور اسڪولن ۾ موڪلن دوران، پنھنجي بجيٽ جي اندر رھندي تفريحي يا تاريخي ماڳن جي سير لاءِ وٺي وڃڻ گھرجي.