ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: قتل جو مقدمو

تحرير: مظهر الاسلام
پهريان ته هوءَ چپ چاپ ويهي هن جون ڳالهيون ٻڌندي رهي، پر پوءِ هن جي اکين ۾ بيزاري ۽ بوريت محسوس ٿيڻ لڳي. هن چيو بس ڪر، ڇڏ انهن ڪهاڻين کي، ڇا تون ڪهاڻيون لکي لکي ٿڪجين نٿو؟ جن پنن تي تون اهي ڪهاڻيون لکين ٿو اهي پنا سواءِ لفافه ٺاهڻ جي ٻئي ڪنهن به ڪم نٿا اچن. تون هڪ قابل رحم ماڻهو آهين، پر مان توتي رحم به نٿي کائي سگهان. مون کي تنهنجي مٿان ترس ايندو آهي، پر مان تنهنجي لاءِ ڪجهه ڪري نٿي سگهان. تون هڪ اذيت پسند انسان آهين، تو جهڙو تنها ماڻهو مون اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏٺو. ڇو ٿو لکين اهي ڪهاڻيون، تو جهڙا ڪهاڻيڪار خود ئي پنهنجي زندگيءَ کي جهنم بڻائي ڇڏيندا آهن.
ايتري سچائي، ايتري ايمانداري، ايترو پيار اهو سڀ هن دور ۾ ناهي ملندو. ڪهاڻيون لکڻ کان مڙي وڃ نه ته توکي نفرت کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو. ڪهاڻيڪار سگريٽ دکايو ۽ هن جي لاتعلق اکين ۾ ليو پائيندي چيو: مان سڌي ۽ سادي نارمل زندگي نٿو گذاري سگهان. مان دنيا جي رشتن ۽ اصولن کي عام ماڻهن وانگر نٿو ڏسان. مان اڃان ڪيتريون ڪهاڻيون لکڻ چاهيان ٿو، جيستائين دنيا قائم آهي ڪهاڻي زنده رهندي ۽ قيامت کانپوءِ هڪ نئين ڪهاڻي شروع ٿي ويندي. تون مون کي بيشڪ فضول ۽ واهيات ماڻهو سمجهه، پر مان ڪهاڻي کان منهن موڙي نٿو سگهان. ڪهاڻي منهنجي سچائي آهي جيڪڏهن آئون ڪهاڻيون نه لکان ها ته هينئر تائين مري چڪو هجان ها. منهنجي اندر تلخي آهي، اداسي آهي، غصو آهي. مان انهن ڳالهين تي پچندو آهيان جن تي ڪير سوچيندو به ناهي.
هن ڪهاڻي نويس جي اکين ۾ غور سان ڏٺو ۽ چيو، تون پيار جو بکيو آهين، پر مان تنهنجي لاءِ ڪجهه ڪري نٿي سگهان. ۽ جڏهن اهو ڄاڻندي ته هو بيحد اداس ۽ اڪيلو ٿي ويو آهي ته ڇوڪري ڳالهه کي ٽاريندي ڪهاڻيڪار کان پڇيو ته اڄڪلهه تون ڪهڙي ڪهاڻي لکڻ چاهين ٿو؟؟
ڪهاڻيڪار موضوع مٽائيندي سگريٽ دکايو ۽ ڇوڪري جي اکين ۾ گهوريندي چيو، مان ان ڇوڪري جي ڪهاڻي لکڻ ٿو چاهيان جيڪا اڄ کان ڪئي سال اڳ رات جو دير سان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي لاري اڏي تي مون کي ملي هئي. دراصل اهو باقاعدي بس جو اڏو نه هو بلڪه مختلف طرف جي ڳوٺن کان ايندڙ بسون اتي پنجن منٽن لاءِ بيهنديون هيون ۽ ڳوٺاڻا هڪ بس مان لهي شهر جي طرف ويندڙ بس ۾ چڙهندا هئا. ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن کان ايندڙ، ڪچن رستن کان ٿينديون کٽارا، بي رنگ ۽ بدصورت بسون اتي اچي بيهنديون هيون ته ڊرائيور ۽ مسافر اتي هڪ ئي هوٽل تي ماني کائيندا حُقي جي وارو وٺندا، چانهه پيئندا اڳتي نڪري ويندا هئا. هوٽل ڇا هئي هڪ تندور هئي جنهن جي چوڌاري هڪ وڏو مٽيءَ جو ٺهيل ٿلهو هو، ٿلهي کان ٿورو پر ڀرو کٽيون پيل هونديون هيون جنهن جي هيٺان مٽي هاڻا آوارا ڪتا سڄو ڏينهن ٽنگون ڊگهيون ڪيو ستا پيا هوندا هئا يا ويٺا هوندا هئا. اڪثر ايئن ٿيندو هو ته بس رستي ۾ ئي خراب ٿي پوندي هئي، يا شهر ويندڙ بس جو ڊرائيور ڳوٺان ئي نه اچي سگهندو هو ته مسافرن کي ان تندور تي جنهن کي هوٽل چيو ٿي ويو، رهڻو پئجي ويندو هو. جتي انهن کي ٿورن پئسن تي بسترو ۽ کٽ ملي ويندي هئي.
ان رات هوءَ شهر وڃي رهي هئي. مگر ڳوٺان ايندي ايندي ان کي دير ٿي وئي هئي ۽ کيس صبح تائين شهر جي بس ملڻ جو امڪان گھٽجي ويو هو. ان سان گڏ ان جو چاچو ۽ ننڍو ڀاءُ هو. اتي مسافر تندور جي چوڌاري ٿلهي تي ويهي ٿي رهيا ۽ هوٽل جو مالڪ گرم گرم مانيون تندور مان ڪڍي گراهڪن جي سامهون رکي رهيو هو. مسافر سڄي ڏينهن جون ڳالهيون ڪندي، ماني کائڻ ۾ مصروف هئا. ڪجهه تپيدار جي رشوت وٺڻ جي ڳالهه ڇيڙيندي، ڪجهه فصلن جي پاڻي ۽ ڪجهه فصلن کي لڳل ڪيڙن جو ذڪر ڪندي ۽ ڪن جي ڳالهين ۾ سياست جي مهڪ به نظر اچڻ لڳندي هئي.
آئون جنهن ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي لکڻ چاهيان ٿو اها به ان وقت کاڌو کائي رهي هئي، پر گرهه سندس گلي مان هيٺ ئي نٿي ٿيا. چڻن جي دال ۽ گرم گرم خوشبودار ڪڙڪ ماني ڏسي منهنجي وات ۾ پاڻي اچي ويو پر ڇوڪريءَ کي ڏسي منهنجي منهن جو ذائقو ڪڙو زهر ٿي ويو هو.
ايتري ۾ هن جي چاچي ڇوڪري کان پڇيو ته وڪيل جي فيس کڻي آئي آهين يا نه. هن بي دليءَ سان گرهه چٻاڙيندي چيو. کڻي آئي آهيان چاچا.
مون ڇرڪندي هن ڏانهن ڏٺو هن جون اکيون مون کي انهن جهرڪين وانگر لڳيون جيڪي تيز بارش ۽ طوفان ۾ پنهنجي گهر وڃڻ کانپوءِ بتي جي روشني جي اڳيان اچي ويٺيون هجن. لڳي پيو هوءَ تمام گهڻو روئي چڪي آهي. ايترو جو هن جي اکين ۾ هاڻي هڪ به ڳوڙهو ناهي بچيو، پر پوءِ به مون ڏٺو ته هن جي کاٻي اک ۾ هڪ ڳوڙهو آهستي آهستي پنبڻين جي طرف اچي رهيو هو. پوءِ ڇا ٿيو. خوبصورت اکين واري ڇوڪري ڪهاڻيڪار کان پڇيو، ڪهاڻيڪار هڪ ٻيو سگريٽ دکايو ۽ چيو ته، سٺي ۽ لذيذ کاڌي ۾ ڄڻ ڪنهن وڇڙيل شخص جي اداسي ملي وڃي. جڏهن سڄي ڀاڄيءَ ۾ ڳوڙها ۽ سڄي مانيءَ ۾ ڏک اچي وڃي ته ڇا ٿيندو آهي. ان ڇوڪريءَ سان به اهو ڪجهه ٿيو هو. هوءَ شهر جي وڏي عدالت ۾ حاضري جي لاءِ وڃي رهي هئي، مقدمي جي تاريخ. جنهن کي هو چاهيندي هئي، جنهن سان هوءَ پيار ڪندي هئي، اهو قتل جي مقدمي ۾ ملوث هو. ان ڏينهن فيصلي جي آخري تاريخ هئي. ڇوڪري جي دل ۾ ڊپ هو، پر ان جي چاچي جي ڳالهين ۾ حوصلو هو، تسلي هئي. چاچي ئي مون کي ٻڌايو هو ته دراصل هو ڇوڪري جو چاچو نه آهي، بلڪه قيدي جو چاچو آهي. جنهن تي قتل جو مقدمو هلي رهيو آهي ۽ اها ڳالهه به هن ٻڌائي ته سندس ڀائيٽو شادي شده آهي ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ آهي. اها ڇوڪري هن جي زال نه پر محبوبا آهي. هو هن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي زال، ڀائرن هن کي ڪوڙي قتل جي مقدمي ۾ ڦاسايو آهي ۽ ايترا مضبوط گواهه بيهاريا اٿن جو سندس ڀائيٽو ڳچ تائين ان مقدمي ۾ ڦاسي چڪو آهي. مون چاچي کان پڇيو ته ڇا هن ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏي هئي؟ نه، انهن ٻنهي شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. مون هن کي چيو ته ٻي شادي ڪر، پر هن مڃيو ئي نه. هاڻي ڏس هن جي زال هن کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هيءَ ڇوڪري پوري طاقت سان هن کي زندگيءَ جي طرف ڇڪي رهي آهي. هن جي حالت ڏس ان کان پهريان تو هن کي ڪڏهن ڏٺو ئي نه هو. هوءَ جڏهن ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي ته ڇت لڏي ويندي هئي. ڳوٺ ۾ هن جي حسن جا چرچا هئا ۽ اهو مشهور هو ته هوءَ جڏهن کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي ته پکي هن کي ڏسي کوهه جي ڪپر تي اچي ويهي رهندا هئا. پوءِ چاچي هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ دور بتيءَ جي روشني ۾ نگاهه وجهندي چيو،
مون هن کي ڏاڍو سمجهايو ته قاعدي قانون جي ڳالهه ڪر ۽ هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪر. مگر هينئر هو اهڙي قاعدي قانون جي چڪر ۾ پيو آهي جو ڪوڙا گواهه هن جي موت جي پرواني تي آڱوٺا هڻي رهيا آهن ۽ هو بيوس آهي. هڪدم ڪهاڻيڪار کي اهو محسوس ٿيو ته جنهن ڪهاڻي ٻڌڻ واري ڇوڪري جيڪا ڪجهه وقت پهريان ان کي ڪهاڻيون لکڻ کان منع ڪري رهي هئي، هن جي طرف ايئن ڏسي رهي آهي، جيئن بس جو ڊرائيور شيشي مان پويان ويٺل عورت کي ڏسندو آهي ۽ اهو ڄاڻندي ته هوءَ به کيس ڏسي رهي آهي ته جلدي نظرون پري ڪري ڇڏيندو آهي.
پوءِ چيو ته جنهن وقت مان چاچي سان ڳالهائي رهيو هئس ته هوءَ چادر جو ٻُڪر هڻي گوڏن ۾ منهن لڪائي ويٺي هئي هن جي ننڍي ڀاءُ هن جو هٿ پڪڙي هن کي سڏ ڪيو ته هن منهن مٿي ڪيو. هن جي ڀاءُ هن کي چيو هن کي پيشاب لڳو آهي ۽ اونداهي ٻني ۾ کيس ڊپ ٿي رهيو آهي ۽ هوءَ اٿي پنهنجي ئي ڀاءُ سان هلڻ لڳي بلڪل ايئن جيئن چانڊوڪين راتين ۾ سفر ڪندي چنڊ به انسانن سان گڏ هلڻ شروع ڪندو آهي.
چاچي ٺيڪ ٿي چيو، هڪدم منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته چاچو ته پاڻ سان گڏ قيامت کڻي هلي رهيو آهي. اها ڇوڪري واقعي انتهائي خوبصورت هئي. ڊگهي، سگهي بلڪل جَٽي. هن کي ڪاري ڏورئي تي قميص پاتل هئي ۽ ڪاري ڏورئي جو ئي رئو پاتل هو. جنهن تي هن جو ميدي جهڙو اڇو رنگ آفت مچائي رهيو هو، پر هوءَ بيحد اداس ۽ غمگين هئي. هن جا وار کلي ڪري پکڙجي ويا هئا ۽ پنهنجي چهري کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هوءَ گرميءَ ۾ ان حسين ۽ اداس ٻنپهرن جهڙي لڳي رهي هئي جو هڪدم ڪڪرن ۾ گهيرجي وڃي ۽ هوا ۾ خشڪي اچي وڃي ۽ شام کان پهريان شام ٿي وڃي. ان کي ڏسي مون کي اهو لوڪ گيت (ماهيا) ياد اچي ويو جنهن ۾ ڪو نوجوان ڇوڪري کي چوندو آهي ته “منهنجو مقدمو تو وٽ آهي مان تنهنجي حسن جي ڪچهري ۾ ملزم وانگر بيٺو آهيان جلدي مون کي سزا ٻڌائي” خود فيصلي جو اختيار رکڻ واري ڇوڪري عدالت جو فيصلو ٻڌڻ وڃي رهي هئي.
ڪهاڻي ٻڌڻ واري ڇوڪري چُپ ٽوڙي ۽ چيو ته اتي ٻيا به ڪيترائي ماڻهو هئا تو ان ڇوڪريءَ ۾ ايتري دلچسپي ڇو ورتي؟
ڪهاڻيڪار پنهنجو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڀوريندي چيو ته هوءَ منهنجي ڪهاڻي هئي، منهنجو ڏک هو، منهنجو جهنم هو، منهنجو عذاب هو. ڪنهن کي ڪهڙي پئي هتي جو منهنجي ڪهاڻيءَ جو ڏک ورهائي ان ڇوڪريءَ جي اداسي کي محسوس ڪري ها. تندور جي ڪڙڪ ماني ۽ چڻن جي دال ۾ زهر وجهي ها.
پوءِ ڇا ٿيو.
هوءَ سڄي رات جاڳندي رهي، مان چاچي سان ڳالهيون ڪندو رهيس. اڌ رات جو جڏهن حقو ٿڌو ٿي ويو ته چاچي پنهنجي چادر (کيس) چڱي نموني پنهنجو پاڻ کي ويڙهي ڇڏي ۽ ديوار سان ٽيڪ ڏيڻ ڇڏي مون هن کي سگريٽ پيش ڪيو. هن چادر مان ئي هٿ ڪڍي سگريٽ دکايو پوءِ چاچي جي اک لڳي وئي ۽ هن کي پنڪي اچي وئي.
جڏهن چاچي جي هٿ ڍرو ٿيو ۽ سگريٽ سندس آڱرين مان سندس چادر ساڙي رهيو هو ته مون سندس هٿ مان سگريٽ ڪڍي ورتو. جنهن تي چاچو ڇرڪي سڌو ٿي ويهي رهيو.
محبت جي ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترو ڏک، انتظار ۽ بيوسي آهي. ڪهاڻي ٻڌڻ واري ڇوڪريءَ چيو.
ها——— محبت جي سڀني ڪهاڻين ۾ ڏک، انتظار ۽ بيوسي هوندي آهي. ان ڇوڪري جي ڪيفيت هڪ ٻي ڇوڪري سان ملندڙ جلندڙ هئي. ان لاءِ مون کي اها ڇوڪري ڏاڍو ياد آئي.
ڇو…؟ ڪهاڻي ٻڌڻ واري ڇوڪريءَ حيرت سان ڪهاڻيڪار طرف ڏٺو.
مون ان کي هڪ ميلي ۾ ڏٺو هو. هوءَ پري پري تائين پکڙيل ننڍن ننڍن دڪانن تي رکيل شيون ڏسي رهي هئي ۽ اها هڪ دڪان تي بيهي رهي. اتي ڪوڙي چاندي، پتل ۽ پلاسٽڪ جا هار، منڊيون، ڪانٽا، واليون ۽ ڪلپ وڪامي رهيا هئا.
ان هڪ ڇلو کنيو جنهن تي گهنگهرو لڳل هئا ۽ پنهنجي آڱر تي پائي ڏٺو، پر پوءِ هڪدم گهٻرائجي وئي، ڇلو ان جي آڱر ۾ ڦاسي پيو هو. مان ٻڌائي نٿو سگهان ته ان وقت ان جي ڪيفيت ڪهڙي هئي ۽ ڇوڪري ڇلي کي زور سان لاهيندي پاڻ سان گڏ آيل ڇوڪريءَ کي سڏ ڪيو. جلدي هيڏانهن اچ. ڏس ڇلو منهنجي آڱر ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هن پوري طاقت سان ڇلو منهنجي آڱر مان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي مان ڊڄي ويس ته ڪٿي آڱر سندس هٿ کان ڌار نه ٿي وڃي.
پر ڇوڪري تيزي سان هن ڏانهن ايندي چيو ت: ٿڪ هڻيس ها. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿي ويندو آهي. ڪهاڻي ٻڌڻ واري ڇوڪري چور نگاهن سان ڪهاڻيڪار طرف ڏٺو.
ان ڇوڪري سان پڻ ايئن ٿيو هو. ڪهاڻيڪار سگريٽ دکائيندي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو. ان جو محبوب به قتل جي مقدمي ۾ قيد هو. ماڻهن جي نظر ۾ هو قاتل هو، مگر هن جي لاءِ…
هڪدم هن سان ڇا مان ڇا ٿي ويو هو، بلڪل ان ڇوڪريءَ وانگر جنهن پنهنجي آڱر ۾ ڇلو پائي ڇڏيو هو. گهران خوشي خريد ڪرڻ لاءِ نڪتي هئي، مگر ڏک جو سودو ڪري آئي هئي.
ڪهاڻي ٻڌڻ واري ڇوڪري هڪدم اٿي ۽ دروازي طرف وڃڻ لڳي مگر پوءِ دروازي جي ڀرسان وڃي بيهي رهي ۽ مڙي ڪهاڻيڪار جي طرف ڏٺائين جيڪو سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش هڻي رهيو هو. ڇوڪري مسلسل هن جي طرف ڏسي رهي هئي. پنهنجي هڪ هٿ سان ٻئي هٿ جي آڱر کي مهٽي رهي هئي جتي منڊي نه هئي. هن کي اهو محسوس ٿيو ته هن بي خيالي ۾ اهڙي منڊي پائي ڇڏي آهي جيڪا سندس آڱر ۾ ڦاسي پئي آهي ۽ هاڻي لهي ئي نٿي. انهيءَ ڪري هوءَ بيوسي مان ڪهاڻيڪار جي طرف ڏسي رهي هئي.
ڪهاڻيڪار کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هن جي مٿان قتل جو مقدمو داخل ٿي ويو آهي.
***