سرد رات
ڪاري رات هئي، آسمان تي تار ا اک ڇنڀ ڪري رهيا هئا، ڊسمبر جو مهينو، خوب سردي هئي. ڪمبل ۾ ويڙهجڻ تي دل چاهي رهي هئي. آئون بستر ڏانهن وڌيس ۽ ليٽڻ جو سوچڻ لڳس، پر ههڙي رومان پرور موسم ۾ اڪيلي ننڊ ڪيئن ٿي اچي سگهي. مون بستري تي ليٽڻ جو ارادو ترڪ ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ چيو هلو گهٽيءَ جو هڪ چڪر ٿا لڳايون. ٻيو نه ته طبيعت ئي وندري ويندي.
چادر ويڙهي آئون گهران نڪري پيس. گهٽيءَ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪ عورت ڪنهن شخص سان ڳالهين ۾ مصروف هئي. اونداهي گهٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد گڏجي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. مونکي ڪجهه گڙ ٻڙ محسوس ٿي. آئون ڪجهه دير اُتي بيٺس ۽ وري هلڻ لڳس. جيئن ڪو پاڻيءَ ۾ وهندڙ ڪک ڪنهن شيءِ سان گڏ رڪجي رڪجي وري وهڻ لڳندو آهي. پاڙي جون سڀ گهٽيون سُنسان هيون، تنهنڪري مون بازار جو رُخ ڪيو، اُتي به ڪا گهڻي رونق نه هئي. جيڏانهن ڏسو ماڻهو ايئن هلي رهيا هئا، جيئن سيءَ کان بچڻ خاطر جلدي جلدي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ بيچين هجن. اُنهن جي چهرن ۽ قدمن مان تڪڙ جي جهلڪ نظر اچي رهي هئي. هڪ ڪلاڪ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کانپوءِ مون به پنهنجي گهر جي راهه ورتي. آئون سوچي رهيو هئس ته جيڪڏهن زال گهر ۾ هجي ها ته ڪيترو نه بهتر هو. بهرحال آئون اهڙي مسرور ڪُن سرديءَ ۾ اڪيلو سمهڻ لاءِ گهر طرف روانو ٿيس. گهٽيءَ جي پهرين ئي موڙ تي مونکي هڪ عورت تڪڙي ويندي نظر آئي. هن جي پويان هڪ نوجوان به وڃي رهيو هو. نوجوان بار بار هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻي رهيو هو، جنهن سان خوامخواهه جو شڪ پئي پيدا ٿيو. آئون جلدي جلدي هلي هُن عورت جي ويجهو پهتس. جڏهن هوءَ بجلي جي ٿنڀي جي ويجهو پهتي ته مون هن کي غور سان ڏٺو. هيءَ ته اُها ئي عورت آهي جيڪا ڪجهه دير پهرين هڪ شخص سان نهايت ئي توجهه سان ڳالهائي رهي هئي. هن کي اڇي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي، جنهن تي ٻه وڏيون محرابون ڏسي بي اختيار سجدو ڪرڻ تي دل چاهيندي هجي. حُسن ۽ شباب جون هي محرابون مونکي بي قرار ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون. آئون آهسته آهسته هلڻ لڳس. هوءَ بلڊنگ جي پاسي اچي بيٺي. اهو ميونسپل جو “هارٽ فيئر سينٽر” هو. آئون سمجهي ويس ته هوءَ ڪا نرس آهي. نرسن جي متعلق ڪيترائي افسانه ۽ حادثه منهنجي دماغ ۾ هلڻ لڳا ۽ آئون معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ تيار ٿي ويس. هُن پويان مڙي ڏٺو. هو نوجوان بلڪل قريب اچي پهتو هو. آئون هاڻي هن جي اڳيان اڳيان هلي رهيو هئس. هُن کٽ تي ليٽيل ڇوڪريءَ کي لوڏيندي چيو “اُٿي وليڊا، فيصلو ٿي ويو آهي. وڏي مسجد پويان وڃ.”
هوءَ اُٿي ۽ آئون اڳيان وڌندو ويس ۽ موڙ تي وڃي بيهي رهيس. سنسني خيز انڪشافن جي توقع هئي. مون چاهيو پئي ته مالِ غنيمت مان مونکي به ڪجهه گرم گرم حصو ملي پوي. سرديءَ جي رات ۽ گرم مال جي توقع.
آئون ڪجهه وقت اُتي بيهي وري واپس ٿيس ۽ هڪ دفعو وري هُن کٽ ۽ سينٽر جي ڀرسان لنگهيس. هو نوجوان هڪڙي اڇي چادر ۾ ڪا شيءَ لڪائي وڃي رهيو هو. جڏهن مون هن کي ڏٺو ته هن اها چادر اڃان به پٺيان ڪري ڇڏي… ته جيئن آئون ڏسي نه سگهان. پر جيترو هو اڳيان کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اوترو ئي مونکي پٺيان کان صاف نظر اچي رهيو هو. ايتري ۾ اُها عورت هن نوجوان ڇوڪريءَ سان گڏ منهنجي سامهون گذري. هن مونکي غور سان ڏٺو ۽ مون ٻئي اکيون ڦاڙي هنن کي ڏٺو ۽ منهنجيون نگاهون گهڻي دير تائين سندن پيڇو ڪنديون رهيون.
آسمان ۾ تارا چمڪي رهيا هئا ۽ اُهي به شايد هنن کي ڏسي مسڪرائي رهيا هئا ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪٻئي کي راز جون ڳالهيون سمجهائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئا.
مون گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو. يارنهن لڳي ست منٽ ٿي چڪا هئا. آئون ڪجهه سوچي اڳئين موڙ تان چڪر لڳائي سندن سامهون لنگهيس. هو هڪ دفعو وري منهنجي سامهون گذريون. هن دفعي هنن جون نگاهون مون کي تمام گهرائي ۽ دلبريءَ سان ڏسي رهيون هيون. هو ڪافي دير تائين پٺيان ڏسنديون رهيون. هاڻي مونکي چين ڪٿي هو. منهنجي دل ۾ ڪيترن ئي قسمن جا خيال گهمي رهيا هئا. آئون سوچي رهيو هئس ته هي نرسون به ڪيتريون نه عجيب ۽ معنيٰ خيز هونديون آهن. آئون هڪ دفعو ٻيهر هنن سان ملڻ لاءِ هڪڙو چڪر ڪٽي هنن جي سامهون آيس ۽ جڏهن هو سامهون آيون ته مون پنهنجو رُخ ڦيري ڇڏيو ۽ هنن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳس. هڪڙيءَ قهر جهڙي نگاهه سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو “آخر توهان اسان جو پيڇو ڇو ڪري رهيا آهيو؟” اُف ڪيتري دليري هئي هن جي لهجي ۾ ڪيڏو رُعب هو هن جي آواز ۾، ڪيڏي نه بيباڪي هئي هن جي انداز خطابت ۾.
“جي اوهان کي غلط فهمي ٿي رهي آهي”. مون انهيءَ ساڳئي لهجي ۾ جواب ڏنو.
“ٻئي ڪنهن کي بيوقوف بنائجو.” عورت چوڻ لڳي، جنهن کي سڀ کان پهرين مون ڪنڊ ۾ هڪ شخص سان ڳالهائيندي ڏٺو هو.
“اوهان رستو مٽائي ڪيترائي ڀيرا اسان سان مليا آهيو، ڇا توهان اسان کي چور سمجهيو آهي، آخر توهان ڇا ٿا چاهيو؟”
“بس اُهو ئي چاهيان ٿو جيڪو اوهان وٽ آهي”. آئون جذبات جي وهڪري ۾ نه ڄاڻ ڪيئن اهو چئي ويٺس.
“اڇا ته اها ڳالهه آهي!” هوءَ مُرڪي پئي
مون هن کي هڪ طرف سڏيو. منهنجي جسم ۾ هڪ نامعلوم طاقت اچي ويئي هئي. ڇاڪاڻ ته آئون سمجهي چڪو هئس ته جڏهن کِلي معنيٰ ڦاٿي، مون هن جي هٿ ۾ پنجن رپين جو نوٽ ڏيندي چيو “اڄ اسان جو ڪم ٺاهي ڇڏجئو.”
هن مسڪرائي پئسا ورتا ۽ چيو “ڇا هن وقت اوهان کي ضرورت آهي؟”
“جي ها” سخت سردي هجڻ جي باوجود جسم ۾ ٿوري حرارت اچي ويئي هئي. آئون هن جي قريب ٿيس. هوءَ هئي ته ڪاري، پر عورت هجڻ جون تمام دلفريبيون ۽ جوانيءَ جون انگڙايون ظاهر هنيون.
“اوهان رهو ڪٿي ٿا؟”
“پلاٽ نائين جي گهٽي نمبر ڏهين جي پهرين گهر ۾.”
“هو جيڪو آسماني رنگ جو آهي؟”
“بلڪل اُهو”
“آئون هينئر ئي مس ريڊي کي موڪليان ٿي، ليڪن هن کي اُتي ڪيتري دير رهڻو پوندو؟” هن هٿ هلائيندي پڇيو.
هن مڪار ۽ دلال عورت جي ڳالهين مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو. واقعي هنن ماڻهن کي هن پيشي ۾ ڀرپور مهارت حاصل آهي، ڏسو ته ٿوري دير ۾ ڪيترو نه بي تڪلف ٿي ويئي هئي.
“پوري رات رهڻو پوندو.” مون چيو
“پوري رات؟ پوءِ ته پنجاهه روپيه ڏيڻا پوندا”
“ڪا ڳالهه نه آهي، فڪر نه ڪريو اگر آئون خوش ٿي ويس ته پئسا ته هٿ جي مير آهن”
“جي ها.” هوءَ مسڪرائڻ لڳي “آخر ماڻهو ڪمائي ڇاجي لاءِ ٿو، اگر اهڙن موقعن تي خرچ نه ڪجي ته پوءِ ڪڏهن ڪبا.”
“پر مون ته اوهان جي مس ريڊيءَ کي ڏٺو به ناهي.” مون چيو
“اوهان بلڪل فڪر نه ڪريو، هوءَ بلڪل بهتر رهندي. هن جي صفائي، طرز عمل ۽ ٻيون خوبيون ڏسي اوهان حيران ٿي ويندا. پنجاهه روپيه مونکي ڏئي ڇڏيو. آئون اڌ ڪلاڪ ۾ سڀئي انتظام ڪري ٿي ڇڏيان.”
مس ريڊي، طرز عمل، ٻيون ڳالهيون، سڄي رات، پنجاهه روپيه، اڪيلو ڪمرو، سرديءَ جي موسم، هنن سڀني شين مونکي بيچين ڪري ڇڏيو ۽ مون هڪدم پنجاهه روپيه هُن جي هٿ ۾ ڏيندي چيو “دير نه ڪجئو ڇاڪاڻ ته ڪافي وقت….”
“اوهان انهيءَ جو بلڪل ئي فڪر نه ڪريو“ هن ڳالهه ڪٽيندي چيو “هُن کي مسجد جي پويان ڇڏي اوهان لاءِ پورو انتظام فورن ڪري ٿي ڇڏيان.” ۽ آئون واپس اچي ويس. گهر اچي بستري جي چادر درست ڪئي. شين کي ترتيب سان لڳايو ۽ خود هن شُعله حُسن جو انتظار ڪرڻ لڳس. سانوري رنگ جي ڪيترين ئي عيسائي ڇوڪرين سان ڪيترائي ڀيرا آئون اکيون لڙائي چڪو هئس، پر ڪاميابي ڪڏهن به نه ٿي ۽ اڄ رات پورا پنجاهه روپيه ڏيئي آيو هئس.
اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هڪ نوجوان سفيد چادر ۾ ويڙهيل ڪنهن شيءَ سان منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ اندر ايندي ئي اُها چادر ميز تي رکي. اُن کان فورن پوءِ هوءَ عورت ۽ مس ريڊي ڪمري ۾ داخل ٿيون. مون ڏٺو ۽ منهنجي رڙ نڪري وئي. پنجاهه سالن جي موٽي تازي مِس ريڊي، جنهن جي هلڻ مهل پوزيشن اها ٿي ويندي آهي، جو جيئن گهڻي وزن جي ڪري اُٺ جي ٿي ويندي آهي. “مريضه ڪٿي آهي؟” هُن عورت پڇيو.
“مريضه ڪهڙي مريضه؟” مون حيران ٿيندي پڇيو
“ڇا هاڻي هاڻي اوهان پوري رات لاءِ پنجاهه روپيه نه ڏنا هئا، ڇا هتي ڪو ٻار پيدا ٿيڻ وارو ناهي؟ ڇا هن گهر جو نمبر…..؟
مونکي پنهنجي مشاهدي جي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو ۽ چيم “مهرباني ڪري هتان هليا وڃو، اوهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي. اُهو ڪو ٻيو گهر هوندو”
۽ آئون جلدي دروازو بند ڪري بستري ۾ گهڙي ويس پر ننڊ ڪٿي؟”