ڪهاڻي: همزاد جو موت
سوچ ۾ پلجندڙ هن جي تصور کي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان ختم ڪري ڇڏيان. هر پل هن کي مارڻ جا مون منصوبا جوڙيا آهن، ڪنهن مهل خنجر هن جي پٺي ۾ پيوست ڪري ٿو ڇڏيان ته هو موٽ کائي مون ڏي ڏسي ٿو. ٻيو وار هن جي دل مٿان ڪيان ٿو ته هو تڙپي پوي ٿو.
مان خاموش هن جي وجود مان نڪرندڙ رت جي گرم ڦوهاري کي منهن تي لڳندي محسوس ڪيان ٿو. ٽيهر ساڳئي ئي خنجر کي ڪڍي هن جي پيٽ ۾ هڻان ٿو، خنجر جو ڳن زور سان جهلي اندر ۾ گهوماٽا ڏيان ٿو ته جيئن هن کي مان بري طرح ماري سگهان. آخري وار هن جي نڙگهٽ جي شريان کي ڪٽي، هيٺ ڪرايان ٿو، هو ڦٿڪڻ لڳي ٿو. مان هن کي ٻانهن کان ڇڪي ٻاهر پٽ تي اڇلايان ٿو ۽ پوءِ هن کي پنهنجي سوچ، ذهن ۽ ياد مان ڪڍڻ جي بي پناهه ڪوشش ڪيان ٿو.
هو وري هر هر منهنجي سامهون اچي وڃي ٿو، وڏا وڏا ٽهڪ هن جي چهري تي سجايل آهن. مان هن کي ماري به شڪست خورده آهيان ۽ هو هر دفعي منهنجي هٿان مري به فاتحياڻي مرڪ سان ۽ طنز سان مون کي ڏسندو رهي ٿو. منهنجا هٿ رت ۾ لال نظر اچن ٿا، پر اهي ڪير ڏسي نه ٿو سگهي، هو منهنجي سوچ ۾ ڪنهن وقت کان مئل آهي، پر پوءِ به الائي ڇو جت ڪٿ موجود آهي.
هن جي نظرن جي طنز ڪنهن گار جهڙي ٿي لڳي، هو مون تي کلي ٿو، هو مون کي نظرانداز ڪري ٿو، هن وٽ منهنجي پرواهه ناهي، مون هن کي پنهنجي زندگيءَ جو سڄو سرمايو سمجهي سنڀاليو هو، پر هو ته مون کي هر روز پنهنجي فتح ۽ منهنجي شڪست سان همڪنار ڪندو ٿو رهي.
منهنجون رڙيون ڪير نه ٿو ٻڌي، ننڊ هجي جاڳ هجي مان رڙيون ڪري رهيو آهيان، پر ڪنهن کي به منهنجون دانهون ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿيون اچن.
ڌيءَ صبح جي چانهه رکي اٿاري ٿي، بابا اٿو اڄ ڊيوٽي تي وڃڻو نه اٿو ڇا؟
مان ڇرڪ ڀري اٿي پوان ٿو. پاسي ۾ نه ڪو ئي خنجر پيل آهي نه ڪا ئي لوهي وڏي شيٽ. سامهون ٽيبل تي ٽيبل ليمپ پيل آهي، پين جي چهنب کليل آهي جنهن جي ڀرسان بِلو مس جا ٽيپا هاريل آهن، نوٽ پيڊ جا پنج ڇهه پنا ڀريل آهن. سجاڳي منهنجي مٿي تان کيپ ۽ ويڳ هوريان هوريان ختم ڪري رهي آهي، منهن ڌوئڻ جي لاءِ واش بيسن طرف وڃان ٿو. پهرين لپ پاڻي جي ڀري منهن کي هڻان ٿو ته منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، هٿ ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، ڇرڪجي پوئتي ٿيان ٿو، سامهون لڳل آئيني کي غور سان ڏسان ٿو ته اتي ڪجهه به ناهي. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي وري واپس اچي ڪرسي تي ويهان ٿو. چانهه جي چسڪي ڀري بس ڪيان ٿو ته، اوچتو ڌيءَ اندر اچي ٿي.
بابا رات ڇا پيا لکو جو دير تائين توهان جي ڪمري جي ٽيبل ليمپ ٻري پئي.
مان حيران ٿي هن ڏانهن ڏسڻ لڳس شايد خواب ۾ جاڳ اچي وئي ۽ ننڊ ۾ ڪجهه لکي ويس، پر ڇا لکيو ڏسان ته
سامھون رکيل نوٽ پيڊ کي ڏٺو ته ان تي لکيل هو
ھمزاد جو موت ۽ ڪهاڻي وري ساڳي شروعات وٺي ٿي.
ڪنهن کي به دانهون ٻڌڻ ۾ نه ٿيون اچن. هو منهنجي سامهون ڪمزور نظر اچڻ جو ڍونگ به ڪندو آهي ته به شاطر آهي.
جڏهن ته مان هن جي سامهون پوري زندگيءَ جو زهر پي به پيو لوڙيندو رهيو آهيان، هن پاڻ کي مظلوم بڻجي ڏيکارڻ جا سڀ انداز اپنايا آهن، هو منهنجي سامهون ڀڻڪندو رهي ٿو ته
اوچتو هن جي آواز تي آواز اچي ٿو، هو مون تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ٿو.
”تو ڇا ڪيو آهي پنهنجي ذات جي خول مان ڪڏهن نڪري ناهين سگهيو، ٻين تي تنقيد، ٻين تي طنز، ٻين سان ٻيائي، تون سدائين خود غرض رهيو آهين“
هن جا چيل لفظ اندر ۾ خنجر جيان پيوست ٿي وڃن ٿا.
”مان خود غرض آهيان، مان تنقيد ڪندو آهيان، اڄ جيڪو تون ڳالهائي رهيو آهين، اها منهنجي تو کي ڏنل زبان آهي، نه ته زندگيءَ ۾ گونگا به گذاريندا آهن، تو کي ته مون پاڻ کان وڌيڪ چاهيو آهي ”ڊگهو ساهه کڻي خاموش ٿي وڃان ٿو“
”تون ۽ چاهين“
”ڪڏهن به نه، تون ڊرامائي آهين، تو وٽ سڃاڻپ جا قدر صرف ٻڌائيندو آهين“
هن جو هڪ هڪ لفظ اندر ۾ ڀالي جيان کپي وڃي ٿو، هن جي ڳالهين جي تسلسل کي ڪٽيندي هن سان مخاطب ٿيان ٿو
”اڙي توکي ڪهڙي خبر ته زندگي جو ٻوجهه اڪيلي سر کڻڻ ڪيڏو ڏکيو آهي“
”هاها هاها، وڏا ٽهڪ ڏئي مخاطب ٿئي ٿو تون انسانن کي ڏاڪڻ بڻائي اڳتي نڪري ويندو آهين“
سموري ڪاوڙ گڏجي اچي منهن ۾ ظاهر ٿئي ٿي، لوندڙي جون رڳون ڇڪجي وڃن ٿيون، ڪياڙي مان پگهر جي هڪ لڪير اڀري ٿي.
”مان توکي اڄ نه ڇڏيندس، مان تنهنجو خون پيئندس.“
”ها ها وڃ مونکي ماريندين. ڪمزور ماڻهو هميشه پاڻ کان وڌيڪ ڪمزور ٻين کي ماريندا آهن،“
هو پٺتي موٽي بيهي رهي ٿو، ساڳي طرح مان به هن جي سامهون بيھان ٿو. خاموشي کي ٽوڙيندي مان هن کي چوان ٿو
”ڪمزور آهين تون، پاڻ کي ڪمزور ٿو چئين، تون بيٺل پاڻي آهين، جنهن هر دفعي مون کي ٻوڙيو آهي، پر مان ڪڏهن به تو کي چئي نه سگهيو آهيان، تون منهنجي زندگيءَ جي هر گهڙي انڌيري بڻائي ڇڏي آهي“
مان پگهر ۾ شل ٿي وڃان ٿو ۽ آهستي سان
سيف جي ڪٻٽ مان روالور ڪڍان ٿو، سيف جي شيشي ۾ نظر پئجي وڃي ٿي ته هو به اتي به موجود آهي، هن جي هٿ ۾ به روالور آهي
مان منهن ورائي چوانس ٿو ”ھمزاد تون زندگيءَ جا سڀ رستا پار ڪري پهتو آهين“
پر مان ”جنگ جوٽي آهي، هر ڏينهن، هر رات فڪر ۾ گذري آهي، پيٽ سان پٿر ٻڌي زنده رهيو آهيان“
همزاد مخاطب ٿي چويس ٿو ”تو زندگيءَ جي جنگ پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ وڙهي آهي، ڪنهن تي به ڪو احسان نه ڪيو اٿئي“
ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، تون مون کي ٿو ٻڌائين، روالور ڪڍي اڳيان تاڻي ٿو ته هو به هن تي پستول تاڻي ٿو
همزاد خاموش ٿي بيٺو آهي روالور تاڻيون.
”تو کي مارڻ ۾ ئي منهنجي نجات آهي، اڄ مان تو کي ختم ڪري ڇڏيندس، تو کي سٿرو ڪو نه ڇڏيندس. هو منهنجي پويان پاڇي جيان رهيو آهي اڄ مان هن کان پاڻ ڇڏائيندس، سامهون نظر ايندڙ همزاد کي ڌمڪائيندي چوي ٿو
”ٺيڪ آهي اها ڳالهه آھي ته پوءِ مان نه ڇڏيندس تو کي، روالور هن جي لوندڙي تي تاڻي شوٽ ڪري ٿو، اکيون پٽجي وڃنس ٿيون، اڳيان ڪجهه ڪو نه ٿي نظر آيس، ٺڪاءُ ٿيو ته سڀ ڪجهه غائب ٿي ويو، هن جون رڙيون، هن جون دانهون، جهيڙا هن جي ذهن ۾ ئي رهجي ويا، همزاد غائب ٿي وڃي ٿو.
ڌيءَ پيءُ جي آخري ڪهاڻي پڙهي پوري ڪري ٿي ته ڳوڙها اکين مان زارو قطار وھڻ لڳنس ٿا.
***