ادبڪهاڻيوننئون

ڪھاڻي: جينٽلمينن جو برش

ڪھاڻيڪار: سعادت حسن منٽو
اٽڪل ويھارو سال کن پراڻي ڳالھ آھي. منھنجي عمر به اھا ئي ڪا ٻاويھارو سال کن ھوندي يا متان ان کان به ٻه سال کن گھٽ ھجي. ڇو جو تاريخ ۽ سن جي معاملي ۾ منھنجو يادگيرو صفا ٻڙي آھي. منھنجي چؤياري جو دائرو انھن نوجوانن تي مشتمل ھو، جيڪي ڄمار ۾ مون کان گھڻا وڏا ھئا.
حفيظ پينٽر جي دڪان ۾، جيڪو بجليءَ واري چوڪ کان کٻي ھٿ تي، ھال بازار جي ويجھو ھو، اسان سڀ ويھندا ھئاسين ۽ پھرن جا پھر پيا يخي ھڻندا ھئاسين. مان پڙھڻ ڌڙھڻ لڳ ڀڳ ڇڏي ئي چڪو ھئس. ائين ئي مبارڪ به پنھنجي نوڪريءَ کي لت ھنيو، امرتسر موٽي آيو ھو. ھو، ڪنھن رياست ۾ ملازم ھو. حفيظ پينٽر جا وري پنھنجي پيءُ سان ڏند کٽا ٿيل ھئا، تنھنڪري ھن جدارو ھڪڙو وڏو دڪان ورتو ھو. اتي ڳچ وقت اڳي، ھڪڙي ڪميونسٽ سک جو ھٽ ھو، جيڪو گراموفون جو ڊيلر ھو. خيردين جي مسجد جي ڀرسان دڪان ھال بازار ۾ ھو، مگر ماڳَ ڀلي تي ھو. يعني بلڪل ھال بازار جي وچ ۾ ۽ مسجد جي ڇانءَ ھيٺ گُتو، جيڪو رواج مطابق ۽ اصولن تحت ھئڻ گھرجي. ان ڪري، اھو کيس وڻي ويو. ھوڏانھن ٻانگ ايندي ھئي ته ھيڏانھون رڪارڊ وڄڻ شروع ٿي ويندا ھئا. پر ڪو جهيڙو جهٽو، ان ڳالھ تي، اتي ڪڏھن ڪو نه ٿيو. باقي ھا ڪڏھن ڪڏھن ننڍين ننڍين ڳالھين تي سوين خون ٿيندا رھندا ھئا.
لسڙاٽ لونڊن تي، رنڊي بازيءَ تي، غنڊن جي ٻن مخالف ٽولن وچ ۾، ائين مسلمانن جا پاڻ ۾ ۽ مسلمانن جا ھندن سان دنگا فساد عام جام ھئا. جيڪي ھڪ اڌ ڏينھن لاءِ پنھنجو ڌاڪو ويھاري، وري ڦِيڻ وانگر ڦان ٿي ويندا ھئا. اونھاري جي پھرين پھرين ککري ڏينڀن وانگر جيڪي پنھنجي چؤڌاري ڄار اڻندا آھن ۽ ظاھري طور تي ڄڻ بلڪل مري ئي ويندا آھن. پر خبر ناھي ته چڱيرڙي موسم اچڻ تي وري جيئرا به ٿي پوندا آھن ۽ بي ڏوھي ماڻھن کي ڏنگڻ جي شغل ۾ کُپي ويندا آھن.
امرتسر ھڪڙو عجيب ۽ غريب شھر آھي. ھتي ھر قسم جي شيءِ، ان زماني ۾ لڀي ويندي ھئي. ڀنگياڻين جي جهيڙي کان وٺي، سرڪار سان چنبي کيڏڻ تائين. ماڻھو به وڻ وڻ جي ڪاٺي ھئا. لالا، جيڪي پنھنجن ڪپڙن کپائڻ وارن دڪانن تي سڄو ڏينھن ٽٽ ڇڏيندا وتندا ھئا ۽ ڪي وري اھڙا اينٿرا به ھئا جيڪي ننڍڙا ننڍڙا ڦٽاڪا ٺاھي پيا ڇوڙيندا ھئا ته جنھن سان ماڻھن جا ھيانءَ، جهٽ سوا لاءِ ھڄي ويندا ھئا. دھشت پسند به ھئا ۽ امن پسند به ھئا. نمازي ۽ پرھيزگار به ھئا ۽ پھرئين جوڙ جا لچ ۽ لوفر به ھئا. مسجدون به ھيون ۽ مندر به ھئا. منجهن ڏوھ جا ڪم به ٿيندا ھئا ته ثواب جا ڪم به ٿيندا ھئا.
مطلب ته انساني زندگيءَ جون اھي سموريون ڌارائون گڏوگڏ، لڳاتار پيون وھنديون ھيون. ڪيتريون ئي سياسي تحريڪون اڀريون، ڪيترن ئي غنڊن جون پاڻ ۾ خون ريزيون ٿيون. مسلمانن ۽ قاديانين ۾ مباھله ٿيا، جن ۾ وڏن جغادري عالمن بھرو ورتو. ڏڪار پيا، مھا ماريون آيون. جڙيان والا جو تاريخي ھاڃو ٿيو. ھزارين ماڻھو، جن ۾ مسلمان، سک ۽ ھندو سڀ شامل ھئا، موت جي منھن ۾ ڌڪيا ويا. پر امرتسر، اُھڙي جو اُھڙو ئي رھيو.
حفيظ پينٽر جي دڪان تي، ائين ته جڳ جھان جي سياسي، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ بحث مباحثا پيا ٿيندا ھئا، پر اجائي ڊَڪَ ۾. اصل ۾ اھي سموري جا سمورا، آرٽسٽ ھئا. ائين کڻي چئو ته بي چسا ھئا… کين دراصل موسيقيءَ سان شوق ھو. ڪو طبلن جو جوڙو کڻي وٺندو، ڪو سِتار، ڪو سارنگي ۽ ڪو تنبورو ھٿ ۾ کڻي، ميان جي ٽوڊي، مالڪوس يا ڀاڳيريءَ جو آلاپ شروع ڪندو ھو.
ھتي ڀنگ به گهوٽبي ھئي، چرس سان ڀريل سگريٽن جا سوٽا به لڳندا ھئا، شراب جا دور ته اڻيھي ھلندا ھئا. ان ڪري جو تن ڏينھين ايڏو مھانگُ نه ھو. ساڍن اٺن روپين ۾ ته پوري بوتل، اوچي ۾ اوچي اسڪاچ وسڪيءَ جي ملي ويندي ھئي. حفيظ، شام ڌاري پنھنجي دڪان جا ڳؤرا طاق بند ڪندو ھو ۽ اسان تڏين تي ويھي انھيءَ مشروب مان، ھوريان ھوريان ڪري، پيا مزڙو وٺندا ھئاسين. پوءِ اڌ رات ڌاري، جڏھن اوسي پاسي جا ھڙئي ھٽ بند ٿي ويندا ھئا، اسان موسيقيءَ کي وارو وٺائيندا ھئاسين.
اتي ڪڻي گھٽ سڀئي ڳائڻا، وڏا توڙي ننڍا، فن جو مظاھرو ڪري چڪا ھئا. ان ڪري جو زندھ دل نوجوانن جي ڪچھري ھوندي ھئي. گار گند به ٿيندو ھو ۽ ڪير دل ۾به نه ڪندو ھو.
ھڪڙي ڏھاڙي، مان صبح جو ڏھين وڳي، حفيظ پينٽر جي دڪان اڳيان لنگهيو ٿي ويس. ڇو جو مون کي ٿورو اڳيان وڃي ڪيمسٽ جي دڪان تان پنھنجي ڪن جي لاءِ دوا وٺڻي ھئي. حفيظ کي برش ڪن ۾ ٽنگيل ھو. مون کي وڏي سڏ سڏيائين ۽ ڪن مان ٽنگيل برش ڪڍي، مون کي اشارو ڏنائين. جنھن جو مطلب ھيءُ ھو ته مان سندس ڳالھ ٻڌندو وڃان.
مان سندس دڪان جي ٿلهي آڏو بيھي رھيس ۽ کانئس پڇيم؛ ”ڇا ڳالھ آھي حفيظ صاحب!؟؟
حفيظ وري برش ڪن ۾ ٽنگيو ۽ ورندي ڏنائين؛ ”ڳالھ ھيءَ آھي منھنجا سائين ته اڄ ته ڪالھوڪو گانو ٿيندو. ان سان گڏ مڇر خان ۽ بسي خان پڻ ھوندا…. اھو ساڳيو معاملو به ھوندو…. ڇھين بجي کان اڳي اڳي پھچي وڃجانءِ… مون سڄي سنگت کي ٻڌائي ڇڏيو آھي. توڪل کي مون ٻڌو ته ناھي، پر نون خيالن وارا ماڻھو کيس گهڻو پسند ڪن ٿا. نوجوان آهي. چون ٿا ته خان صاحب عاشق وانگر بي ڌڙڪ ڳائي ٿو ۽ ڳائڻ جو حق ادا ڪري ٿو.“
مان ڏاڍو خوش ٿيس؛ ”ايندس ۽ ضرور ايندس. مگر اھو مڇر خان ڪھڙي بلا آھي…. توھان کيس ڪنھن مڇردانيءَ منجھ ويھاريندئو ڇا؟“
حفيظ پينٽر ٽھڪ ڏئي کليو؛ ”اڙي نه يار! سندس عادت آھي، جڏھن ڪا تانَّ کڻندو آھي ۽ پوءِ موٽي سَمَّ تي آڻيندو آهي ته وڏي زور سان پنھنجي سٿرن تي ٻئي ٿڦڙون وھائي ڪڍندو آھي…. ان ڪري مٿس نالو مڇر خان پئجي ويو آھي. ڄڻ ھو ڳائيندو نه ھجي، بلڪه پنھنجي بت جا ڏنگيدڙ مڇر ماريندو ھجي.“
مون کيس چيو؛ ”ھلو! ان جو به تماشڙو ڏسي وٺنداسين… پر جيڪڏھن ان اڄ رات ڪو مڇر نه ماريو ته اھو طئي آھي ته تو واري آرٽ اسٽوڊيو منجهان ھو جيئرو ٻاھر نه ويندو.“
حفيظ کجڪار ڪري ٽھڪ ڏيڻ لڳو. ڪن منجھان اٽڪيل برش ڪڍيائين ۽ سائين بورڊ پينٽ ڪرڻ لڳو؛ ”وڃ يار وڃ!…. منھنجو وقت نه وڃاءِ!…. مون کي ھيءُ ڪم وقت تي پورو ڪرڻو آھي.“
مان ته اتان ھليو ويس…. ڪيمسٽ جي دڪان تان دوا ورتم…. ٻاھر نڪتس ته شيخ صاحب، جيڪو اتان جو وڏو رئيس آھي، ساڻس ٻه ماڻھو دڪان جي لڳ ڪچھري ڪري رھيا هئا. مون شيخ صاحب کي سلام ڪيو…. ھن، جيئن سندس عادت ھئي، لٺ بجليءَ جي پول ۾ ٻَڙڪائي ڪڍي. جڏھن آواز ٿيو ته کيس اطمينان ٿيو ته ھن مون ڏانھن ڌيان ڌريندي چيو؛ ”ٻڌاءِ ڀاءُ سعادت، ڇا حال اٿئي؟“
مون موٽ ۾ چيو؛ ”سائينءَ جن جي دعا سان سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي.“
جن ٻن ھمراھن سان شيخ صاحب ڪچھري لايو بيٺو ھو، اھي رنگ جا ڪارا ھئا، پر پاتل شيروانيءَ جو رنگ سندن رنگ کان اڃا وڌيڪ ڪارو.
سنھڙا سيپڪڙا، پر چھري جا وَصَفَ تکا. شيخ صاحب ھلڻ لڳو ته منجھانئن ھڪڙي آبنوسي گوشت پوست جي ٽڪري، ڦڙتيءَ سان وڌي وڃي شيخ صاحب جي ڪوٽ جي پٺي ڇنڊڻ شروع ڪئي، وڏي نفاست سان، شيخ صاحب گهمي کانئس پڇيو؛ ”ڇا ھو؟“
انھيءَ تي آبنوسي ھمراھ تمام سنھڙي آواز ۾ مِيڪٽڙو ڪري جواب ڏنس؛ ”ٿورڙا وارڙا ھا ۽ ٿورڙي دَزي ھئي.“
شيخ صاحب، سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ چيائينس؛ ”چڱو! تون سڀاڻي صبح جو گهر اچجانءِ!“ ائين چئي ھو بجليءَ جي پول کي پنھنجي لٺ سان کڙڪائيندو، گهڻو ڪري ڪمپني باغ ڏانھن نڪري ويو.
ھڪڙي ڏھاڙي مون وري کيس ڏسي ورتو. پنھنجي پاڙي واري بازار ۾، ھو ٻن سکين ستابن جي صحبت ۾ ويٺو ھو. ھن، صاف سٿرن ڪوٽن جي مٿان ڪئي دفعا، نظر نه ايندڙ شيون ھٽايون. ان ڏھاڙي به کيس ڪاري شيرواني پاتل ھئي. حالانڪه ڪاري ڪپڙي تي مٽي مر، چٽي نظر ايندي آھي. مگر مون غور سان ڏٺو ته مٿس اھڙي ڪا به شيءِ نه ھئي. منھنجو خيال آھي ته ھو جينٽلمينن جو برش ھجڻ کان علاوه پنھنجو برش به پاڻ ھو.
مون کي راھ ويندي ھڪڙو سنگتي مليو. مون کانئس پڇيو؛ ”اھو آبنوسي ھمراھ ڪير آهي؟“
ھُن حيرت منجهان پڇيو؛ ”ڪھڙو آبنوسي ھمراھ…… بن مانس ته ٻڌا آھن، مگر آبنوسي ڪٿان تو گهڙي ورتو؟“
مون کيس ٿورو تکي لھجي ۾ چيو؛ ”اڙي يار اھو ھمراهه، جيڪو اڳيان اڳيان پيو وڃي…. چِٻَ آهين ڪا پھرئين درجي جي. ايتري به خبر نه اٿئي ته آبنوس ھڪڙي ڪاٺي ھوندي آھي.“
”ته پوءِ اھا ڪاٺي آهي، جيڪا اڳيان پئي ھلي؟“
”اڙي يار! نه!… آبنوس جو رنگ ڪارو ھوندو آھي، جيئن ته ھن ڪاري شيرواني پاتي آھي ۽ پنھنجو رنگ به خدا جي فضل سان چڱو خاصو ڪارو اٿس، ته مون کيس آبنوسي چئي ڇڏيو.“
مون وارو سنگتي کليو؛ ”اڙي! تون ان کي نه سڃاڻين! ان جو نالو اٿئي جينٽلمينن جو برش!“
”ايتري ته مون کي به خبر آھي.“
”ته ان کان وڌيڪ تون ٻيو ڇا ٿو ڄاڻڻ چاھين؟“
مون چڙي چيو؛ ”اھو ته سندس ٺام ٺڪاڻو ڪٿي آهي… ڌنڌو ڌاڙي ڪھڙو اٿس؟“
مون وارو سنگتي مرڪيو؛ ”ھيءُ ذات جو رُبابي آھي، جيڪي دربار صاحب ۾ نوبت وڄائيندا آھن…. مگر ھيءُ اتي به نه ويندو آهي…..“
”ڇو؟“
”بس! کيس اميرن جي سنگت ملي ٿي وڃي. انھن سان ئي اٿندو ويھندو آهي ۽ انھن جي ئي ڪوٽن جو برش ڪندو رھندو آهي.“
مون کانئس پڇيو؛ ”کائيندو پيئندو ڪٿان آهي؟“
جواب مليو؛ ”جن جي ٽانڊو ٽوپي ڪندو آهي… ان کان علاوه ڳائيندو به ڏاڍو ڀلو آهي!“
مون پڇيو؛ ”تو ڪڏھن ٻڌو آھي کيس؟“
”نه! البته تعريف ڏاڍي ٻڌي اٿيمانس.“
اسان ڳالھين ۾ ڌُتُ، پوئتي رھجي وياسين ۽ اھو جينٽلمينن جو آبنوسي برش، انھن ٻنھي سکين ستابن جا ڪوٽ ڇنڊيندو، گهڻو پري نڪري چڪو ھو.
جهٽ کان پوءِ، مون وارو سنگتي به مون کان ڪک پن ٿي ويو. کيس ڪو ضروري ڪم ھوندو، ور نه ته مان ان شخص متعلق اڃا حال احوال وٺانس ھا.
اتفاق سان مون کي پنھنجي ڀيڻيويي (جيڪو امرتسر جو آنرري ماجسٽريٽ ھو ۽ خدا ڄاڻي ته ڇا ڇا ھو) سان گڏ ھڪ تقريب ۾ وڃڻو ھو. ھاڻ مون کي چٽيءَ طرح ياد ناھي. بلڪه اھا تقريب، ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽنگ جي سلسلي ۾ ھئي. اھو شخص، ساڳيو ئي ڪاري شيرواني پايو، عزتدار ۽ رئيس ماڻھن جي چؤڌاري ڦيراٽيون ڏئي رھيو ھو. ھُن، بنا وڌاءَ جي ٿي ڳالھ ڪجي ته، اڌ ڪلاڪ جي اندر اندر چونڊي چونڊي ڪيترن ئي رئيسن جا ڪوٽ صاف ڪيا. پنھنجين سنھڙين سنھڙين آڱرين سان، ڪنھن جي ڪالر تان ھن وار کنيا، ڪنھن جي ڪوٽ جي پُٺِ تان…. ڪن جي ته ڪوٽن تان، جڏھن کيس سمجھ ۾ نه آيو، ھن دز پنھنجي رومال سان ڇنڊي ڇڏي ۽ ھر ھڪ کان شاباس به ورتائين.
وڏي جرئت کان ڪم وٺندي ھو ڊپٽي ڪمشنر بھادر وٽ به پھتو ۽ سندس پينٽ صاف ڪيائين. اھو انگريز ھو. انھيءَ جينٽلمينن جي برش جو دل سان شڪريو ادا ڪيو.
ان کان پوءِ ھڪڙي رات، جڏھن ھلڪي ھلڪي بوند ٿي پئي ۽ حفيظ پينٽر جي دڪان ۾ اسان معشوق علي فوٽوگرافر کان سندس راڳ ٻڌي محظوظ ٿي رھيا ھئاسين، ۽ گڏوگڏ وھسڪي به پي رھيا ھئاسين ته اوچتو دڪان جو ڦاٽڪ نما دروازو کليو ۽ جينٽلمينن جو برش ظاھر ٿيو. ھن اسان مڙني سان مخاطب ٿيندي چيو؛ ”مان ھيڏانھن کان لنگهيس پئي ته راڳ جو آواز ڪنين پيو…. ماشآءَالله ڏاڍو سريلو آواز ھو…. آھي ته اھو تھذيب جي خلاف جو مان ري ڪوٺيو لنگهي آيس….. جيڪڏھن اوھان جي اجازت ھجي ته جهٽ سوا لاءِ اوھان جي محفل ۾ شريڪ ٿي سگهان ٿو.“
حفيظ پينٽر ۽ معشوق علي فوٽوگرافر، ھڪ ئي وقت چيس؛ ”ھا، ھا! ڀلي ڪري آيا! ويھو!“
مبارڪ چيس؛ ”اسان جون اکين ٿڌيون…. ھيڏانھن منھنجي ويجهو ويھو…. اوھان ته پاڻ به چوٽيءَ جا راڳي آھيو… ڪجھ پيئندئو ڪندئو.“
مبارڪ جو اشارو وھسڪيءَ ڏانھن ھو، مگر جينٽلمينن جي برش سھڻي انداز سان چيس؛ ”جي نه…. مان انھيءَ نعمت کان محروم آھيان.“
مڙني جي زور ڀرڻ تي ھن ڳائڻ شروع ڪيو. ’ميان جي ٽوڊي‘ ھئي، جيڪا ھن اھڙي سريلي آواز ۾ ڳاتي جو مزو اچي ويو. ان کان پوءِ ھن اجازت ورتي…. سڀ نشي ۾ ڌُتِ ھئا، جنھن سببان کين خبر نه ھئي ته ڪو ٻاھر وڏڦڙو مينھن پيو وسي…. پر جڏھن جينٽلمينن جي برش دروازو کوليو ته ان پڇيو؛ ”حضور! ٻاھر ته وڏو مينھن پيو وسي، ڪيئن وڃبو.“
آبنوسي برش جي چپن تي وري مرڪ تري آئي؛ ”اوھان ڳڻتي نه ڪيو. ھاڻي لالا جگت نارائڻ ڪمبل واري جي گاڏي مون کي وٺڻ ايندي…. اوھان پنھنجو شغل جاري رکو… مھرباني!“
ائين چئي، ھن دڪان جو ڦاٽڪ نما دروازو ورائي ڇڏيو.
ڪلاڪ کن کان پوءِ مينھن ۾ ٺاپر آئي ته محفل جي به پڄاڻي ڪئيسين… ٻاھر نڪري اسان ڏٺو ته ڪو ماڻھو اڇاڻ ۾ اونڌي منھن ڪريو پيو آھي… مون غور سان جاچي ڏٺو ۽ رڙ ڪيم؛ ”اڙي ھيءُ ته جينٽلمينن جو برش آھي.“
حفيظ، ٿيڙ کائيندڙ لھجي ۾ چيو؛ ”جينٽلمينن جي ايسي جي تيسي… وڃو! پنھنجي پنھنجي گهر.“
مڙني انھيءَ فيصلي کي مڃيو…. جڏھن سمورا ھليا ويا ته جهٽ پڄاڻان، اھو شخص جيڪو بي داغ ڪاري شيرواني پائيندو ھو، ھوش ۾ آيو…. سندس شيرواني گپ چڪ ۾ ٿڦيل ھئي. مگر ان کي صاف ڪرڻ وارو ڪو به نه ھو.
***