ڪهاڻي: آئون نه جيئندي اُن ريءِ
اکين تي پوندڙ تيز روشني تي هن جون اکيون ايئن کلي ويون، جيئن اڪثر گهري ننڊ مان اوچتو ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيڻ تي ٿيندو آهي ۽ گهڙي پل لاءِ آس پاس جي ماحول بابت ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هينئر هو ڪٿي هو ۽ هِتي ڪيئن پهتو هو؟ آخري گهڙي جنهن جو ڌنڌلو عڪس هن جي ذهن ۾ موجود هو، اهو هڪ اسپتال جي وارڊ جو بسترو هو، جنهن تي هو بيماري جي حالت ۾ ليٽيل هو. هن جي آس پاس به مختلف بسترن تي مريض ليٽيل هئا، ڊاڪٽر ۽ نرسون وارڊ ۾ ڪم ڪندي هيڏي هوڏي هلي رهيا هئا ۽ هاڻي؟ هن چوطرف نظر ڦيرائي. هن پاڻ کي 6×6 جي ڪچي مٽي مان ٺهيل سڀني پاسن کان بند ڪمري نما خولي ۾ محسوس ڪيو ۽ هن کي هڪ سفيد لباس پهريل شخص سندس سيراندي ڀرسان ويٺل نظر آيو. هاڻي آهستي آهستي هن جو ذهن ڪم ڪرڻ لڳو هو ۽ هن کي معاملو سمجهه ۾ اچي رهيو هو. هن کي محسوس ٿيو ته هو هاڻ مري چڪو آهي ۽ جنهن سوڙهي ۽ هر طرف کان بند ڪمري ۾ ليٽيل آهي، اصل ۾ اهو ڪو ڪمرو نه، پر هڪ قبر آهي.
هو اڃا پنهنجين سوچن ۾ ئي غلطان هو ۽ ان کان اڳ جو هو ڳالهائي سندس سيراندي کان ويٺل سفيد پوش شخص ڳالهايو:
”مونکي توهان کي وٺي اچڻ لاءِ حڪم ٿيل آهي. هاڻ توهان هلڻ جي تياري ڪريو.“
هاڻي هن کي سمجهه ۾ اچڻ لڳو هو ته هو جنهن شخص کي هڪ عام ماڻهو سمجهي رهيو هو، سو دراصل هڪ فرشتو هو ۽ قبر ۾ تجلا ڪندڙ روشني به هن مان ئي نڪري رهي هئي.
هو بروقت اٿي بيٺو ۽ فرشتي سان گڏ هلڻ لڳو. هن کي ياد آيو ته هن مقدس ڪتابن ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته ازل جي راھ ڏي وڃڻ لاءِ ماڻهو کي رستي ۾ سنهي نوڪ کان به تيز ڌار مٿان هلڻو پوندو آهي. نه صرف ايترو پر ان کانسواءِ رستي ۾ ٻين کوڙ سارين مشڪلاتن ۽ آزمائشن مان پڻ لنگهي پار پئڻو پوندو آهي، پر هن کي رستي ۾ ڪٿي به اهڙو ڪجهه نظر نه آيو. هن جو تجسس اڃا به وڌندو ويو ۽ پاڻ سان گڏ هلندڙ فرشتي کان نيٺ پڇي ورتائين:
”هي جو مقدس ڪتابن ۾ نيزي کان به تيز ۽ سنھي ڌار ۽ ٻين تڪليفن جو ذڪر آهي، اهو سڀ…..؟“
فرشتي هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”اهو سڀ ڪجھ گنهگارن لاءِ آهي. توهان کي نيڪين جي ڪري جنت عطا ڪئي وئي آهي، توهان تي انهن عذابن جو قانون لاڳو نٿو ٿئي.“
”گنهگارن لاءِ؟“ هن ذهن تي ٿورڙو زور ڏنو. هن کي اهو لفظ (گنھگار) ٻڌل ٻڌل محسوس ٿيو، پر ڪٿي؟ هاڻي هن کي اُھو سڀ ڪجھ ياد اچڻ لڳو ھو. هن کي پنهنجي ڇڏي آيل دنيا ۾ ڪجھ ماڻھن طرفان انهي لقب سان ئي نوازيو ويندو هو. اهي کيس عبادت ڪرڻ جي باوجود به گنھگار، ملحد ۽ ڪافر ڪوٺيندا هئا. چوندا هئا، ”تنهنجي عبادت ڪرڻ جو انداز عام بندن کان الڳ آهي ۽ روز محشر لاءِ ناقابل قبول آهي.“ اهي خيراتي ڪم ڪرڻ ۽ بيمارن جي تيمارداري ڪرڻ تي کيس پالڻهار جي رضا جي خلاف ورزي ڪرڻ جو ميهڻو ڏيندا هئا. لاوارث سماج ۾ همٿ نه ساريندڙ جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي جنسي تعلق مان جنم وٺندڙ ٻارڙن جي مالڪي ڪرڻ تي اهي کيس حرامي ڪري ڪوٺيندا هئا. رنگ نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ ماڻهن جي پرگهور ۽ سارسنڀال لهڻ تي اهي کيس لادين جو لقب ڏيندا هئا ۽ هن جي لاءِ سندس عبادت ڪڏهن به قبول نه پوڻ جي فتوا صادر ڪندا هئا.
جيئن جيئن هو سوچيندو ويو، هن کي پنهنجي ڌرتي تي گهاريل جيون جا پل شفاف آئيني جيان بلڪل واضح ۽ چٽا نظر اچڻ لڳا. هن پنهنجي جيون جا سڄا سارا 92 سال ڌرتي تي گذاريا هئا. هن کي ياد آيو ته هو تڪليفون، مصيبتون ۽ ميهڻا سهندي، حتاڪه مارجي وڃڻ جون ڌمڪيون ملندي به ڪيئن نه اورچائي سان ڪم ڪندو هو ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو هو.
آڪاش منڊل ۾ چنڊ ستارا پنهنجي جوڀن ۽ جلوي سان ھن جي پاسن کان رقص ڪندي ھن سان گڏ ھلي رهيا هئا. سرهاڻ سان ڀريل رنگ به رنگي گلن جا جهڳٽا ۽ ٿڌڙي هير هن جي بدن کي ڇهي رهي هئي، پر هو اُنھن سڀني حسناڪين کان بي نياز پنهنجي ئي ڌن ۾ مگهن هلي رهيو هو ۽ خيالن ئي خيالن ۾ واپس پنهنجي اصلوڪي دنيا ۾ پهچي چڪو هو.
اوچتو هن جي ڪنن تائين پهچندڙ زوردار آوازن هن جي خيالي سلسلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ هن ٻيهر پاڻ کي فرشتي سان گڏ هلندي پاتو. هن کي پريان هڪ وڏي عاليشان محل نما خوبصورت عمارت جي ٻاهران ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم جلوس جي شڪل ۾ نظر آيو، جن مان ڪن جون اڇيون، ڪن جون سايون ته وري ڪن جون ڪاريون ۽ مختلف قسمن جي ڊزائنن جون ننڍيون وڏيون ڏاڙهيون هيون ۽ ڪي ته وري ڪلين شيو هئا. هنن جا لباس پڻ مختلف رنگن ۽ قسمن جا ھئا. ڪن کي اڇا، ڪارا ۽ ٻين رنگن جا پٽاپٽي جبا ۽ وري ڪن کي گيڙو رتا ڪپڙا پهريل هئا. ڪن جو بدن اُگهاڙو ته وري ڪن کي لنگهوٽيون ۽ ڌوتيون پاتل هيون. ڪن کي مٿي تي وارن جي ننڍڙي چوٽي ته وري ڪن کي مٿي تي مختلف نمونن جا ور ڏئي ٺاهيل مختلف رنگن جا پٽڪا، ته وري ڪن کي مختلف نمونن ۽ رنگن جون ٽوپيون پاتل هيون. ڪن کي مٿي تي تلڪ ته وري ڪن کي گلي ۾ مالائون پاتل هيون ته وري ڪن کي هٿن ۾ تسبيحون.
”هي ڪهڙي عمارت آهي؟
”هي جنت آهي.“ فرشتي جواب ڏنو، ”ڪي هِن کي سرڳ ته ڪي پيراڊائز ته ڪي وري هِن کي ٻين نالن سان سڏين ٿا، پر هي جڳهه انهن سڀني انسانن لاءِ آهي، جيڪي دنيا ۾ چڱا ڪم ڪندا آهن يا عبادت گذار ھوندا آھن.“
”هي هيڏو سارو ماڻهن جو هجوم هِتي ٻاھر ڇو گڏ ٿيو آهي ۽ ڇا تي گوڙ ڪري رهيو آهي؟“
”هي توهانجي هِتي آمد جي خلاف آهن.“ فرشتي جواب ڏنو، ”هنن جو مطالبو آهي ته توهان کي جنت نه ڏني وڃي. هي جي توهان کي مختلف لباسن ۽ مختلف طور طريقن جو انداز اپنائيندڙ لڳن ٿا، اهي سڀ پنھنجو پاڻ ۾ روز روز ننڍين ننڍين ڳالھين ۽ مسلڪن تي وڙھندا رھندا آھن ۽ ھڪ ٻئي سان ڀيد ڀاوَ رکندا آھن، پر اُن وقت سڀئي اختلاف وساري پاڻ ۾ گڏ ٿي ويندا آهن ۽ گڏجي احتجاج ڪندا آهن، جڏهن توهان پارن ماڻهن لاءِ جنت تجويز ڪئي ويندي آهي. هنن گرو نانڪ، شاهه لطيف، رومي، ڀڳت ڪبير، بابا بلهي شاهه، مڌر ٽريسيا، مارٽن لوٿر ڪنگ، چي گويرا، مارڪس، برونو، سچل ۽ گئليلو وغيرہ جي آمد جي خلاف به مظاهرا ڪيا هئا. هنن جي نظر ۾ فقط اهي ئي صحيح راهه تي آهن، باقي سڀ ڪفر تي آهن. هنن وٽ انسان جي پرک جي ڪسوٽي دين ڌرم ۽ فرقي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ دين ڌرم ۽ فرقو به اهو، جيڪو هنن جي فڪر سان سهمت هجي. ڀلي کڻي ڪو هنن جي دين ڌرم يا فرقي جو به هجي، پر جي ڪو هنن جي چوڻ تي نٿو هلي، ته اهو به هنن جي نظر ۾ ڪافر آهي ۽ جهنمي آهي. هنن جي نظر ۾ توهان جو ڪيل ڪم ڪفر جي دائري ۾ اچي ٿو. توهان دنيا ۾ مذهب، فرقي ۽ رنگ نسل جي فرق بنا ماڻهن جي خدمت ڪئي، ان کي اهي ڪفر سمجهن ٿا. توهان ظاھري شيطان سان وڙهڻ جي بجاءِ انسان جي اندر جي شيطان کي مارڻ جي ڳالھ ڪريو ٿا ۽ هنن جي نظرن ۾ اها مذهبي حڪمن کان انحرافي آهي. توهان انهن تازن ڄاول ٻارن جن کي محبت يا غلطي ڪندڙ جوڙا سماج کان ڊڄندي پاڻ ۾ همٿ نه ساريندي، بزدلي يا سماج ۾ بي عزتي سبب کين پنهنجو نٿا ڪن، انهن کي پاليو ٿا. هنن جي نظر ۾ اهي حرامي ٻار آهن، جڏهن ته توهان ڪائنات جي سندر تخليق کي حلالي حرامي جي زمري ۾ نٿا آڻيو. انهي ڪري اھي توهان کي به حرامي ڪوٺين ٿا. ان کانسواءِ توهان پاڻ کي ملندڙ عطيئي کي بنا ڀيد ڀاوَ جي ھر مذهب جي ماڻهن تي به خرچ ڪريو ٿا، اهو هنن کي پسند ناهي. هنن جي نظر ۾ مذهب ان جي اجازت نٿو ڏي. انهي ڪري اھي توهان کي لادين ڪوٺين ٿا.“
”۽ ھو جيڪا سامھون عمارت ڏسجي پئي، اُھا ڇا جي آھي؟ ۽ ماڻھو اُن جي مين گيٽ جي اندر ڊگھي لائن ٺاھي چپن تي ھٿ رکيو ڇو بيٺا آھن؟“ ھن سوال ڪيو.
”اھا دوزخ آھي.“ فرشتي وراڻيو، ”ڪي ان کي نرڳ، ته ڪي ھيل (Hell) ته ڪي وري ٻيو ڪجھ چوندا آھن. ھتي دنيا جي گنھگار بندن کي رکيو ويندو آھي. جن جا گناھ ٿورا ھوندا آھن، اُھي اُنھن جي سزا ڪاٽي، باقي عرصي لاءِ دنيا ۾ ڪيل ثوابن جي عيوض جنت منتقل ڪيا ويندا آھن. جڏھن ته جن جي کاتي ۾ ڪو به ثواب نه ھوندو آھي، اھي پوري عمر ھتي پيا عذاب ڀوڳيندا آھن.“
”ڀلا ھي گيٽ جي اندر ڊگھي قطار ۾ وات تي ھٿ رکيو خاموش ڇو بيٺا آھن؟“
”ھي گنھگار آھن ۽ ھنن کي گيٽ کان ٻاھر نڪرڻ جو اختيار ناھي. فرشتي وراڻيو، ”رھيو سوال ھنن جي خاموش احتجاج جو ته، ھنن جو چوڻ آھي ته اسانجا دنيا ۾ ڪيل جيڪي به ٿورا گھڻا ثواب آھن، اُھي توھانکي ڏنا وڃن. اُھي سڀ اُنجي عيوض وڌيڪ سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھن.
”آخر اھي ائين ڇو ٿا ڪرڻ چاھين؟“ ھُن تجسس مان سوال ڪيو.
”اھو سڀ ڪجھ ھنن کان ندامت جو احساس ڪرائي ٿو.“ فرشتي جواب ڏنو، ”ھنن جو خيال آھي ته دنيا ۾ ھنن کي چڱا ڪم ڪرڻ گھرجن ھا، جيڪي اُھي لوڀ لالچ ۽ حرص سبب ڪري نه سگھيا. جي اُتي نه صحيح ھِتي ئي اُن جو ڪفارو ادا ڪجي.“
ھُن جي چھري تي انھن جي ندامت جي احساس ۽ واپس سچائي ڏانھن موٽڻ جي جذبي تي گھڙي پل لاءِ مسڪراھٽ اُڀري آئي ۽ ھن کي محسوس ٿيو ته چڱايون اوير يا سوير ماڻھن تي اثر انداز ضرور ٿين ٿيون. ھو ۽ فرشتو ٻئي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا، هاڻي جنت جي دروازي جي بلڪل ويجهو اچي پهتا هئا. هجوم مان اٿندڙ آواز هاڻي بلڪل چٽا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. هو ڪجهه دير لاءِ جنت جي دروازي اڳيان چپ چاپ بيٺو رهيو. جنت جي دروازي تي بيٺل فرشتا هن کي اندر اچڻ لاءِ سڏي رهيا هئا، پر هو ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي چڪو هو ۽ هنن ڏي سندس ڌيان ئي نٿي ويو. ڪجهه گهڙين کانپوءِ- هو پنهنجي ڇڏي آيل دنيا جي خيالن مان واپس موٽي آيو. هاڻي هن کي ٻيهر هجوم مان اٿندڙ آوازن ۽ نعرن جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو ۽ هاڻي هو جنت جي دروازي تي بيٺل فرشتن جي اشارن ۽ آوازن کي ٺيڪ طرح سان ڏسي ۽ ٻڌي سگهيو پي، جيڪي سندس آجيان لاءِ بيٺل ھئا ۽ کيس جنت ۾ اچڻ لاءِ سڏي رهيا هئا.
”اھي ڪيترو به گوڙ گھمسان ڪن، پر اھي توھانکي جنت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي نٿا سگھن. اھي احتجاج ته ڪري سگھن ٿا، پر ھنن جو حڪم ھتي ناھي ھلڻو. ھتي جي اعلىٰ عدالت انھن جي فيصلن يا حڪمن جي تابع ناھي. انھي ڪري توھان بي فڪر ٿي اندر ھليا اچو.“ فرشتن ھڪ آواز ٿي چيو.
ھو گھڙي پل لاءِ وري سوچن جي عميق سمنڊ ۾ ھليو ويو. ھن کي سمجھ ۾ نٿي آيو تہ ھو ڇا ڪري؟ جڏھن ھن جي من اندر ۾ مچيل مانداڻ ماٺو ٿيو ته هو پنهنجي گهري خاموشي کي ٽوڙيندي فرشتن سان مخاطب ٿيو:
”آئون هن دنيا (ڌرتي) تي پنهنجي مرضي سان نه ويو هئس. ڇو موڪليو ويو هئس؟ ۽ ڪيئن اتي پهتس؟ ڪھڙي ڪٽنب، قبيلي يا فرقي ۾ جنميو ھئس، اهو سڀ ڪجھ آئون نٿو ڄاڻان ۽ نه ئي ان تي منھنجو ڪو اختيار ھو، پر دنيا ۾ رهندي مون جڏهن انسان کي دکي ڏٺو ته منهنجي دل کي جهٻي آئي ۽ منهنجي دل چاهيو ته ڪهڙي ريت به انهن جي درد جو دارون بڻجان. نڪي دوزخ جي خوف کان ۽ نڪي جنت جي لالچ کان مون اهي ڪم ڪيا. بس مون پنهنجي روح جو سڏ ورايو. آئون نٿو ڄاڻان ته ڪهڙي مذهب، طبقي، فرقي يا رنگ نسل جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙي جي نه!؟ مون کي ته سڀني انسانن ۾ ساڳيو ئي رت ڊوڙندي محسوس ٿئي ٿو ۽ سڀني کي جڏهن عضوا به ساڳيا آهن ته پوءِ ڇو ماڻهو انهن ۾ فرق رکن ٿا؟ ۽ ان فرق جي آڌار تي کائن نفرت ڪن ٿا؟ مون ڪڏهن به عبادت يا خدمت عيوض ڪو سلو نه گهريو ۽ نه ئي ان جو سوچيو آهي.
”ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط؟ ان جو فيصلو مون کي ناهي ڪرڻو. منهنجي نظر ۾ ته انسان فقط انسان ئي آهي ۽ خود هڪ انسان هئڻ ناتي نه صرف انسان، پر هر خلقت جو خيال رکڻ ۽ پرگهور لهڻ منهنجين ذميوارين ۾ شامل آهي ۽ آئون اهو ئي ڪجهه ڪري رهيو هئس، جو اوچتو منهنجو سڏ اچي ويو ۽ نه چاهيندي به مون کي هن دنيا کي ڇڏڻو پئجي ويو. مون عبادتن يا خدمتن جي عيوض نه هن دنيا (ڌرتي) ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ گهريو ۽ نه ئي هن دنيا (آخرت) ۾ خدمتن جي عيوض ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو.
”منهنجي بس اها ئي آخري خواهش آهي ته مون کي واپس پنهنجي دنيا (ڌرتي) تي موڪليو وڃي ته جيئن آئون پنهنجا اڌورا ڇڏيل ڪم وري پورا ڪري سگهان. آئون سادو ماڻهو، ڀلا گناهن ۽ ثوابن مان ڇا ڄاڻان؟ هنن جي جنت هنن کي نيبھ. مون گنهگار کي واپس پنهنجي دنيا ۾ موڪليو وڃي، جتي ڪم ڪندي مون کي سڪون ۽ خوشي ملي ٿي.“
ائين چوندي هو خاموش ٿي ويو. فرشتا حيرت ۾ پئجي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته ھيِ ڪھڙو شخص آھي جيڪو سکن سھنجن سان ڀرپور جنت کي ڇڏي، دکن دردن سان ڀرپور دنيا ۾ وڃڻ چاھي ٿو!
ڪجهه دير کانپوءِ فرشتن ڏٺو ته هڪ اڏام کٽولي مٿان کان ھيٺ لٿي ۽ ان شخص کي واپس ڌرتي ڏانهن کڻي وڃي رهي هئي. ھڪ لاٽ تجلا ڪندي جھنم جي گيٽ اندر داخل ٿي گنھگارن جي چھرن کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ ھنن کي محسوس ٿيو ته جنت کان ايندڙ ٿڌڙي ھير جھنم جي باھ کي وسائي ھنن کي سڪون ۽ راحت پھچائي رھي ھئي ۽ ھاڻي ھنن جي جھول ابدي خوشين سان ڀرجي چڪي ھئي. جھنم ۾ ھِن سک ۽ شانتي جي نئين مانڊاڻ جي منڊجڻ تي جنت جي مين گيٽ ٻاھران وري شور و غل برپا ٿي چڪو ھو، پر ان احتجاج جو به ٿيئڻو ڪجھ به نه ھو، جو سڀ کان وڏي عدالت جي فيصلن ۽ حڪمن کي رد ڪرڻ ڪنھن جي به وس ۾ نه ھو.
***