ادبڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: گُم ٿي وَيل اپريل! June 10, 2024 Zahida Abro ليکڪ: هاروڪي موراڪامي اپريل جو هڪ خوبصورت صبح، ٽوڪيو جي سڀني کان نئين رنگ ۽ ڍنگ واري علائقي هاروجوڪو مان گُذرندي، مون اُها ڇوڪري ڏٺي جيڪا سئو سيڪڙو منهنجي خوابن جھڙي هئي. سچ چوان ته هوءَ ڏسڻ ۾ ڪا گهڻي سُهڻي ناهي. هوءَ ڪنهن به طرح ٻين کان الڳ نظر نٿي اچي. هُن جا ڪپڙا به اهڙا ڪي خاص ناهن. مٿي جي پُٺئين پاسي ڏانهن هُن جا وار ايئن وَريل آهن ڄڻ ته هاڻ هاڻ ننڊ مان اُٿي هجي. هوءَ ايتري ننڍي ڄَمار جي به نه آهي. پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سالن جي ويجهو ضرور هوندي ته لڳ ڀڳ اهڙي خاص ڇوڪري به ناهي، پر مان، پنجاھ گَز کن پري کان ڏسي ئي چئي سگهان ٿو ته هيءَ اُهائي ڇوڪري آهي جيڪا سئو سيڪڙو منهنجي لاءِ ئي ٺھي آهي. جڏهن مون هُن کي ڏٺو ته منهنجي سيني مان هڪ وڏو ساھ نڪتو ۽ منهنجو وات خُشڪ هو. ڪنهن ڇوڪريءَ جي سُونهن لاءِ ٿي سگهي ٿو ته توهان جو معيار ڪجهه ٻيو هجي. جيئن هُن جا پيرَ نازڪ هُجڻ گُهرجن يا چئجي ته هُن جون اکيون وڏيون هُجن يا سَنهڙيون آڱريون يا توهان بنا ڪنهن اهم سبب جي فقط اهڙين ڇوڪرين ۾ ڇِڪ محسوس ڪندا هُجو، جيڪي هر کاتي سان مُڪمل انصاف ڪنديون آهن. ٺيڪ، هاڻ ظاهر آهي ته منهنجي ڪُجهه پنهنجي به پسند آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مان ڪنهن خوبصورت نَڪ جي ڪري مُڪمل ڇوڪريءَ کي گهوريندي ڏٺو وڃان، پر هاڻ ڪير ٿو چئي سگهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي معيار تي سئو سيڪڙو پوري لهندڙ ڇوڪري اُن سان هُوبَهُو ايئن ڳالهائي، جيئن هُو اڳ ۾ ئي سوچيو ويٺو آهي. ڇو ته عام طور تي منهنجو ڌيان هر طرح جي نَڪ جي بيهڪ تي ئي هوندو آهي. تنهنڪري مان صحيح طرح جسماني هيٺ مَٿانهين تي ڪا به روشني نٿو وجهي سگهان. هُن جو جسم هو به يا نه. ها، جيستائين ياد ٿو اچيم ته هوءَ ڪا خوبصورت نه هئي. “ڪالھ رستي ويندي مون اهڙي ڇوڪري ڏٺي جيڪا سئو سيڪڙو منهنجي خوابن جھڙي هئي.” مون ڪنهن کي چيو. “ڇا؟ هُن چيو، ڇا هوءَ حَسين هئي؟” “نه، هاڻ ايئن به ناهي.” “ته پوءِ ڇا تنهنجي ڪُجهه خاص پسند جو مسئلو هو؟” “مان ڪجهه به چئي نٿو سگهان، بس ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ مون کي اُن مُتعلق ڪجهه به ياد نه هُجي. جيئن هُن جون اکيون ڪهڙيون هُيون يا جيئن هُن جا حَسين جسماني اُڀار ڪهڙا هئا.” “حد ٿي وئي!” “ها آهي ته عجيب ئي” هاڻ هُو خفا ٿيندي چوڻ لڳو، “ٺيڪ آهي پوءِ به تو ڇا ڪيو؟ تو هُن سان ڳالهايو؟ سندس پويان وئين؟” “نه، بس گهٽيءَ مان ايئن ئي هُن جي ڀَر مان گُذريو هُئس.” هوءَ اولھ ڏانهن وڃي پئي ۽ مان اُن پاسي کان پيو اچان. اپريل جو هي صبح واقعي خوبصورت آهي. ڪاش! مان هُن سان ڳالهائي سگهان ها. اَڌ ڪلاڪ ئي کوڙ هو. ڪَرڻو ئي ڇا هو، مان ڪُجهه هُن متعلق پُڇان ها، ڪجهه پنهنجي مُتعلق ٻُڌايان ها. وڌيڪ ٻُڌائي سگهان ها ته اهو ٻُڌايانس ها ته قسمت جي ستم ظريفي ڪيئن نه اپريل 1981ع جي هڪ حسين صبح جو هاراجوڪو ۾ آهيون، رستي ويندي هُن کي ڀَر مان گُذاري ڇڏي ٿي. اُن معاملي ۾ پَڪ سان ڪيترائي راز لِڪل هئا. بلڪل اهوئي سڪون اُن واقعي کان پهرين هو، جهڙو دنيا ۾ گهڙيءَ جي ايجاد کان پهرين هوندو هو. ايئن ئي هو اُهو سڄو معاملو، ڳالهه ٻولھ ڪرڻ کانپوءِ اسان ڪٿي ماني کائون ها يا ووڊي ايلن جي ڪا دلچسپ فلم ڏسي وٺون ها يا رستي مان ڪنهن هوٽل جي بار ۾ ڪجهه پيئڻ لاءِ بيهي رهون ها ۽ پوءِ “ڪيوپڊ ديوتا” جو اهڙو ڪو مهربان تير هلي ها جو هيءَ ملاقات وڃي بستري تي ختم ٿئي ها. اهو سڀ ڪجهه حقيقت ۾ بَدلجڻ جو خيال منهنجي دل ۾ ڌڙڪڻ لڳو. هاڻ اسان جي وچ ۾ صرف پندرهن گَزن جو فاصلو رهجي ويو هو. مان هُن جي ويجهو وڃان ۽ ڇا چوان؟ “صبح جو سلام، ڇا فقط ٿوري ڳالھ ٻولھ ڪرڻ لاءِ صرف اڌ ڪلاڪ جو وقت مون کي ڏئي سگهنديئن؟” حيف آهي، مان بلڪل اهڙو لڳندس جهڙو ويمو پاليسي وڪڻڻ وارو هجي. “معاف ڪَجو، هتي ويجهو اهڙو ڪو ڌوٻيءَ جو دُڪان آهي جيڪو راتو رات ڪپڙا ڌوئي تيار ڪري ڏئي؟.” نه اَبا، اِهو به ڪو بيوقوفاڻو خيال آهي ۽ مون وٽ ته ڪي به ميرا ڪپڙا ئي ناهن. هونئن به ڪنهن ملاقات ۾ پهرين ئي ڳالھ اِن ريت ڪير ڪرڻ چاهيندو. شايد سِڌي سَنئين ڳالھ ڪرڻ ئي سهي رهندي. “صبح جو سلام، توهان سئو سيڪڙو ئي منهنجي خوابن ۾ ايندڙ ڇوڪري آهيو.” نه، هُوءَ اُن تي اعتبار ئي نه ڪندي ۽ جي ڪيائين به ته تڏهن به متان هوءَ مون سان ڳالهائڻ ئي نه چاهي. هوءَ اِهو به چئي سگهي ٿي ته ٺيڪ آهي، مان ئي هُونديَس سئو سيڪڙو تنهنجي خوابن واري ڇوڪري، پر افسوس سان معاف ڪندا، منهنجا توهان مُتعلق ڪي به اهڙا خيال ناهن. ايئن ٿي به سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته مان اُتي ئي وِکري ويندس. مان شايد اُن صدمي مان ڪڏهن به نه نڪري سگهان. هينئر مان ٻٽيهن سالن جو ٿي چُڪو آهيان ۽ بس اِهوئي سڄو معاملو آهي. اسان هڪڙي گُلن جي دُڪان اڳيان گُذرون ٿا. تازي هوا جو هڪ صاف شفاف جُهوٽو مون کي محسوس ٿئي ٿو. رستي جي گُهٽ اوچتو تازي گلاب جي خوشبوءِ اچڻ سان ڪُجهه گَهٽجي وڃي ٿي. مان پنهنجو پاڻ کي هُن سان ڳالهائڻ لاءِ راضي نٿو ڪري سگهان. هُن کي هڪ اَڇو سُئيٽر پاتل آهي ۽ هُن جي ساڄي هٿ ۾ هڪڙو سفيد رنگ جي روشنيءَ جهڙي خط جو لفافو آهي، اُن تي فقط ٽِڪلي لڳل ناهي ته اُن جو مطلب ته هُن ڪنهن کي خط لکيو آهي ۽ ٻيو ته سندس اکين جي خُمارن مان به ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ سڄي رات هُن اِهو خط لکندي گُذاري آهي. اُن لفافي ۾ شايد اُهي سڀئي راز هُجن جيڪي اڄ تائين اظهارجي نه سگهيا آهن. بيچين ٿيندي مان اُتي ئي ڦِرندو رهيس ۽ هڪ ڀيرو جو مُڙي ڏٺم ته هوءَ رَش ۾ گُم ٿي وئي هئي. هاڻ ظاهر آهي ته مان به سمجهي وَيس ته نيٺ به مان هُن سان ڇا ڳالهايان ها. اُها هڪڙي ڊگهي تقرير هجي ها. جِي ها، اُها ايتري ته ڊگهي هُجي ها جو مان اُن کي چڱي نموني پيش به نه ڪري سگهان ها. هاءِ! مون کي جيڪي به خيال ايندا آهن اُهي ڪي گهڻا عمل ڪرڻ جهڙا ناهن هوندا. هاءِ! ياد اچي ويو، “هڪڙي ڀيري جي ڳالھ آهي ته… ڳالھ اُن جُملي سان شروع ٿئي ها ۽ “ڇا اُها واقعي ڪا اُداس ڪهاڻي ناهي؟” جيڪا اُن جملي تي ختم ٿي وڃي ها. هڪڙي ڀيري جي ڳالھ آهي ته هڪڙو ڇوڪرو ۽ هڪڙي ڇوڪري هوندا هئا. ڇوڪرو اَرڙهن سالن جو هو ۽ ڇوڪري سورهن سالن جي. ڇوڪرو ڪو گهڻو سُهڻو نه هو نه ئي وري اُها ڇوڪري ڪا ايڏي وڻندڙ هئي. اُهي فقط عام ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هئا. جيئن ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو، پر اُنهن کي پوري پَڪ هئي ته هِن دنيا ۾ ڪو نه ڪو سندن چاهيندڙ آهي جيڪو سئو سيڪڙو اُنهن جي خوابن جھڙو آهي، جِي ها، کين مُعجزن تي اعتبار هو ۽ اُهو مُعجزو واقعي به ٿي ويو. هڪڙي ڏينهن اُهي ٻئي ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويا. ڇوڪري چيو، “هي ڏاڍي حيران ڪندڙ ڳالھ آهي ته مان سڄي ڄَمار توکي ڳوليندو رهيو آهيان، تون شايد اِن ڳالھ تي اعتبار نه ڪرين، پر تون سئو سيڪڙو اُها ئي ڇوڪري آهين جهڙي منهنجي خوابن ۾ هئي” ڇوڪري کيس چوڻ لڳي ته “تون سئو سيڪڙو منهنجي خوابن جو شهزادو آهين. بلڪل اهڙو ئي جهڙو مون ڪڏهن سوچيو هو. هي سڀ ڪجهه ڪٿي ڪو خواب ته ناهي؟” هُو ٻئي ويجهو ئي ڪنهن باغ ۾ هڪڙي بينچ تي هڪ ٻئي جا هٿ هٿن ۾ وٺي ويهي رهن ٿا ۽ ڪيترائي ڪلاڪ هڪ ٻئي کي پنهنجون ڪهاڻيون ٻُڌائيندا رهن ٿا. هُو هاڻ اڪيلا نه هئا. اُنهن کي پنهنجو خواب پنهنجو سئو سيڪڙو مثالي ساٿ ملي ويو هو. هي ڪيڏي نه سُهڻي ڳالھ آهي ته توهان کي توهان جي پسند ملي به وڃي ۽ توهان به اُن جي پسند هُجو. اِهو ته ڪو مُعجزو ٿيو. ڪائنات جو هڪڙو حيران ڪري ڇڏيندڙ مُعجزو! هاڻ هُو ويٺا هئا ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا، پر هڪڙي تمام نازڪ شَڪ جي سِير سندن ذهنن ۾ موجود هئي. ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جا خواب ايتري سولائي سان ساڀيان ماڻي وٺن؟ ۽ تڏهن کين ڳالهيون ڪندي ساھ کڻڻ جيتري وٿي آئي ته ڇوڪري، ڇوڪريءَ کي چيو “اسان کي فقط هڪڙو ڀيرو اِن ڳالھ تي سوچڻ گُهرجي ته ڇا سچ ۾ اسان سئو سيڪڙو هڪ ٻئي جي لاءِ ئي پيدا ٿيا آهيون؟ جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته اسان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملنداسين ۽ ايئن ٿيو ته اسان ڄاڻندا هونداسين ته اسان سئو سيڪڙو هڪٻئي جي لاءِ پيدا ٿيا آهيون ته اسان اُتي جو اُتي ئي شادي ڪري ڇڏينداسين. تنهنجو ڇا خيال آهي؟” “ها، ڇوڪريءَ وراڻيو، “اسان کي واقعي ايئن ڪرڻ گُهرجي.” ۽ پوءِ هُو ڌار ٿي ويا. ڇوڪري اولھ ڏي ۽ ڇوڪرو اوڀر ڏانهن هليو ويو. هُونئن ته اُن آزمائش، جنهن جي لاءِ هُو ٻئي مُتفق هئا، ڪنهن به طور تي لازمي نه هئي. هُنن کي اِها ڳالھ ڪڏهن به نه مَڃڻ گُهربي هئي ڇو ته حقيقت ۾ هُو ٻئي واقعي به سئو سيڪڙو هڪٻئي لاءِ پيدا ٿيا هئا ۽ اُهو هڪڙو مُعجزو هو جو هُو ايئن ملي ويا هئا، پر اُن گَهٽ ڄَمار ۾ هُنن لاءِ اُهو سَمجهڻ مُمڪن نه هو. ڀاڳن جي سمنڊ جي ٿَڌين ۽ بي پرواھ لهرن کين بي رحميءَ سان اُڇلي ڇڏيو. هڪڙي ڀيري سياري ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ٻنهي کي تمام گهڻو موسمي زُڪام اچي ٿيو. ڪيترائي هفتا هُو ٻئي زندگي ۽ موت جي انتهائي وسيع سَرحدن تي ڀٽڪندا رهيا. ايستائين جو اُنهن کي گُذريل زندگي جا سڀئي واقعا وسري ويا. جڏهن هُو ٺيڪ ٿي ويا ته سندن دماغ بلڪل خالي پٽيءَ جيان ٿي ويا. ايترا خالي جيئن ڪڏهن ننڍپڻ ۾ ويچاري ڊي ايڇ لارنس جو ڀانڊارو هوندو هو. هُو ٻئي مضبوط ارادن وارا ذهين هئا ۽ اُن سان گڏوگڏ پنهنجين اَڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ٻيهر اُن لائق ٿي ويا هئا جو اُهي سڀئي علم ۽ محسوس ڪرڻ وارين حِسن کي ٻيهر سِکي وڃن، جن جي مدد سان هُو سماج ۾ لاڀائتا پئي ٿي سگهيا. خدا پنهنجي ٻاجهه ڪئي. هُو ٻئي واقعي عزت لائق شهري ٿي ويا. هُو اُهو ڄاڻندا هئا ته هڪڙو رستو ڇڏي ٻئي رستي تي ڪيئن چڙهبو آهي. هُو اُهو به ڄاڻندا هئا ته ٽپال ذريعي داخلا ڪهڙي ريت ڪرائي ويندي آهي. ايستائين جو اُنهن کي ٻيهر مُحبت ٿي وڃڻ جو پڻ اتفاق ٿيو جيڪو پنجهتر سيڪڙو ۽ ڪڏهن پنجاسي سيڪڙو تائين به ٿي ويندو هو. وقت يقين نه ڪري سگهندڙ رفتار سان گُذريو، جلد ئي ڇوڪرو ٻٽيهن سالن جو ۽ ڇوڪري ٽيهن سالن جي ٿي وئي. اپريل جو هڪڙو وڻندڙ صبح هو. ڏينهن جي شروعات گرم ڪافيءَ جي هڪ ڪوپ سان ڪرڻ جي خيال ۾ گُم ڇوڪرو اوڀر کان اولھ ڏانهن وڃي رهيو هو. جڏهن ته ڇوڪري اولھ کان اوڀر ڏانهن، اُن خيال ۾ پئي وئي ته هڪ خط ٽپال ذريعي داخلا ڪرائي موڪلي سگهي. پر ٽوڪيو جي ويجهي علائقي ۾ موجود هاروجوڪو جي اُن سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهندي، بلڪل گهٽيءَ جي وچ ۾ هُو ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو کان لنگهيا. هُنن جي دلين ۾ وڃائجي وَيل يادن جو جِهيڻو ڪِرڻو هڪڙي پَل لاءِ ظاهر ٿيو. ٻنهي پنهنجن سينن ۾ هڪڙي ٿڌي آھ محسوس ڪئي ۽ هُو ڄاڻندا هئا ته هوءَ منهنجي خوابن جي شهزادي آهي. ۽ هُو ڇوڪرو سئو سيڪڙو منهنجي خوابن جو شهزادو آهي، پر اُنهن يادن جي چَمڪ تمام جِهيڻي هئي ۽ چوڏهن سال گُذرڻ جي ڪري اُهي سڀ يادون اڳ جيان چِٽيون نه هيون. هڪڙو لفظ به چوڻ کانسواءِ هُو هڪٻئي جي ڀَر مان گُذريا ۽ سدائين لاءِ رَش ۾ گُم ٿي ويا. *** Post Views: 193