ڪهاڻي: مينا جوڳڻ
آئون مزدوري سانگي پنهنجي صوبي سنڌ کان ٻاھر ويل ھئس، ڪجھ مهينن کانپوءِ پنهنجي شهر موٽيو ھئس، سوئي بلوچستان کان سکر ۽ سکر کان بس ۾ چڙھيو ھئس. جيئن ئي بس نون ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ڪنري شهر جي مُک چوڪ تي پھتي ته
اوچتو هڪ وڏي هجوم تي منهنجي نظر پئي
ماڻھن جو وڏو ھجوم زائفائون مرد گڏ آھن،
شهر جي چونڪ تي نغمن جي گونجار ۽ نعرا لڳي رھيا آھن جن ۾ ڌرتيءَ جي دشمن کي للڪار آهي.
دهل وڄن پيا دهلن تي ملوڪ نوجوان سنڌي اجرڪون ڪلهن تي پائي نرڙ تي سنڌي ٽوپيون رکي رقص ڪندي نظر اچن ٿا.
نوجوانن سان گڏ اڌڙوٽ ۽ پوڙها به ٻهڪندي نظر اچن ٿا.
ڪجھ عورتون به نظر اچن ٿيون، جيڪي پڪي عمر ۾ پراڻن چهرن کي استري ڪرائي فيس پائوڊر ۽ نائيٽ ڪريمون. منهن تي لڳائي زوريءَ اڇا منھن ڪري تاڙيون وڄائيندي هجوم جي اڳواڻي ۾ نظر اچن ٿيون.
ڪجھ نوجوان موٽرن تي بيهي ھٿ کان به وڏا موبائل ڪڍيو وڊيوز پيا ٺاهن، ته وري ڪي نوجوان هجوم جي اڳيان ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ ڪيٽ واڪ ڪندي نظر اچن ٿا. وڏو ميلو متل آهي جنهن ۾ ھر ڪو پاڻ کي معتبر محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.
نوجوانن ۾ وڏو جوش آهي.
ائين محسوس ٿئي ٿو ته اڻموٽ اسپاٽن ڌرتي جي دشمنن کي شڪست ڏئي جشن ملائي رهيا آهن.
سندن موٽرسائيڪلن جي اينڊيڪيٽرن تي چي گويرا لکيل آهي.
سندن موٽرسائڪلن جي سائلنسرن جا منهن کليل آهن.
اسانجي بس هجوم جي ڪري سائيڊ تي بيٺل آهي.
ان هجوم ۾ عورتن جي حق جي پاسداري واري تنظيم جي مھندار ۽ اڳواڻ عورت به چشمون نرڙ تي رکي پرس ڪلهي ۾ وجهي هڪ نوجوان ڇوڪري کي ڪن ۾ سس پس ڪندي نظر اچي ٿي، انھن جي پاسي ۾ اهو عظيم ڪوي به ڏسان ٿو، جنهن جوڳين ۽ سامين تي پنج ڪتاب لکي نالو ڪمايو ۽ يارنهن ايوارڊ پڻ ورتا هئا.
۽ پنهنجي نڪمي پٽ لاءِ نوڪري به ورتي هئي.
ان جي کاٻي پاسي هيومن رائٽس جو اهو اڳواڻ به ڏسان ٿو جيڪو سرڪاري زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي راتو رات امير ٿي ويو هو.
۽ گذريل سال کيس عبدالستار ايڌي ايوارڊ به ڏنو ويو هو.
سندس هٿ ۾ گلابن جا هار آهن ۽ گڏ بيٺل ڪلين شيو همراهه سان تاڙيون وڄائيندي کلي رهيو آهي.
اوچتو منهنجي نظر اڇي ويگو گاڏي جي ڊالي تي پئي ٿي، جنهن ۾ اسانجي ڳوٺ جو وڏيرو منهن تان ڌڌڙ اگهندي مڇن کي وٽيندي نظر اچي ٿو.
سندس گوڏن سان گوڏا ملائي ويٺل اهو قومپرست به نظر اچي ٿو جنهن سڄي عمر اسانکي اهو ئي ٻڌايو هو ته جاگيرداري نظام جو خاتمو ضروري آهي، ان ڪري مرڻا مري وڃجو، پر وڏيرن جي اوطاق تي ڪڏهن به نه وڃجو!
ويگو گاڏي جي پاسي ۾ بيٺل سوزڪي نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو جي قد جيڏا ايڪو سائونڊ لڳل آهن.
ايڪو سائونڊ تي پير رکي بيٺل همت ڀريو مڙد ڏسان ٿو، جيڪو گٽڪي جي ڳاڙهي پچڪاري سان گڏ هنبوشون هڻي رهيو آهي. جنھن جي گرمجوشي مان لڳي ٿو ڄڻ سندس ڀاءُ جي پرڻي جو ڪاڄ ھجي.
هيٺ روڊ تي سون جي تعداد ۾ نوجوان عورتون توڙي مڙد جهمريون هڻڻ ۽ نچڻ ۾ مگن آھن.
مونکي پڪ ٿي وڃي ٿي ته منهنجي وئي پڄاڻان انقلاب اچي ويو آهي، تڏھن ئي ھي خوشيون آھن، قومي ڪاڄ آھن.
پر افسوس! آئون پاپي پيٽ جي خاطر هن انقلابي جنگ ۾ پاڻ ملهائڻ کان رهجي ويس.
آئون ٿورو پشيمان ٿي بس مان وائڙو ٿي اتي ئي لهي پوان ٿو…
چونڪ جي بجلي واري ٿنڀي جي ڀرسان هڪ ڪاراٽيل رنگ جو منڊڙو مرد ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل هڪ عورت مايوسين جي سمنڊ ۾ غرق ٿيل نظر اچن ٿا.
آئون ڪپڙن وارو ٿيلهو سندن پاسي ۾ رکي پڇان ٿو.
ڪاڪا نيٺ انقلاب اچڻو هو سو اچي ويو…!
پر تون پريشان ڇو ويٺو آهين؟ رقص ڪر… اٿ خوش ٿي هاڻي ته اوهين ڌرتي جا وارث آهيو. سالن جي غلامي ختم ٿي وئي آهي
منڊو مڙد روئڻهارڪو ٿي چوي ٿو ابا اسين ته جوڳي فقير آھيون. اسان جو ڪهڙو وطن؟ اسانجي ڪهڙي ڌرتي؟
اسان جي ته اٺن سالن جي نياڻي مينا جوڳڻ کي وئي نَو مهينا گذري ويا آهن. سو اسين ته ان معصوم لاءِ احتجاج تي ويٺل آهيون!
جيڪا الائي جنده به آهي ڪِ مري وئي!
آئون حيران ٿي وڃان ٿو،
۽ پڇانس ٿو
ڪاڪا اها مينا جوڳڻ اڃان ناهي ملي؟؟؟
هي جيڪي شاعر اڳواڻ هيومن رائيٽس وارا، وومين فورم وارا ۽ قومپرست آيا پي انهن ڪو تدارڪ ڪون ڪيو ڇا؟
مينا جي جهريل ماءُ پنهنجي مٿي تان لهي ويل ميري پوتي هٿ سان سيريندي چوي ٿي.
ابا پاڻ واري وڏي همراهه کي ته شايد خبر ئي ناهي…
باقي وڏيري وٽ ويا هئاسين، پر چيائون وڏيرو ستو پيو آهي… اوهين هينئر وڃو. تڙي ڪڍيائون
باقي ڪامريٽُ، وومين واري مائي هومن واري ڀائي سان گڏ آيو هو فوٽا ڪڍي هليا ويا.
پر اسانجو ٻچو اسانکي کي اڃان نه مليو… ائين چئي عورت روئي پئي ٿي…
آئون پنهجن ڪپڙن جو ٿيلهو کڻندي پڇان ٿو
ڀلا پوءِ هي هيڏي ريلي ھي خوشيون ڇا جون هيون؟ ۽ ڇا لاءِ هيون؟
ابا اها ريلي ته ان ڪري پي ڪيائون جو چوڌري صاحب ۽ پاڻ وارو وڏيرو جعلي مقابلي ۾ بنا مقابلي چيئرمين نائب چيئرمين ڪامياب ٿيا آهن ان ڪري.
آئون سيني ۾ ڌرتي جي وارثن جو درد محسوس ڪيان ٿو، ٿيلھو کڻان ٿو پر ٿيلھو ڳرو ٿو لڳيم، اکين اڳيان اوندھ اچي ٿي وڃي ۽ آئون وري ويهي رهان ٿو.
***