ڪهاڻي: قرباني
ليوٽالسٽائي
اکين جنگ هلندڙ هئي بلڪه پنهنجي عروج تي هئي اوچتو سامهون جي طرف کان هڪ توپ مان فائر ٿيو ۽ شعلو بلڪل ٽئنڪ مٿي ڪريو ٻه سپاهي هڪدم ختم ٿي ويا. ۽ ٽئنڪ مان گولي جي ڪري باهه جا اُلا اٿڻ لڳا، ڊرائيور ڦڙتيءَ سان ٻاهر ٽپ ڏنو ۽ جلندڙ هڪ سپاهيءَ کي گهلي ٻاهر ڪڍيو. سندس ڪپڙن ۾ باهه لڳي چڪي هئي. منهن، هٿ ۽ بدن جا ٻيا حصا گهڻي قدر متاثر ٿي چڪا هئا. ڊرائيور هڪ ساعت به ضايع ڪرڻ بنا کيس زمين تي ليٽايو ۽ ٻنهي هٿن سان مٽيءَ جون مٺيون ڀري مٿس اڇلايائين. ٿوريءَ دير ۾ باهه ته وسامي وئي. نوجوان سپاهي گهڻيءَ تڪليف جي ڪري ڪِنجهڻ لڳو ۽ کَنَ پل ۾ بيهوش ٿي ويو.
ٽوني ڪيترائي مهينا اسپتال ۾ داخل رهيو. سندس مختلف آپريشن ٿيندا رهيا. جڏهن ڦَٽَ سُڪي ويا. ان کانپوءِ هن جي پلاسٽڪ سرجري ٿي، کيس هٿرادو نڪ، چَپَ ۽ ڪن به آپريشن سان لڳايا ويا. جڏهن هن جي پٽي کولي وئي تڏهن چيائين ته ”مون کي آرسي آڻي ڏيو“ نرس کيس ڊاڪٽر جي اجازت سان آرسي آڻي ڏني ته جيئن هُو پلاسٽڪ سرجريءَ کانپوءِ پنهنجو منهن ڏسي سگهي. هن جي جسم ۾ سڀ کان گهڻو منهن ئي سڙيو هو. جنهن جي پلاسٽڪ سرجري ڪرڻ کانپوءِ به هو عام ماڻهو نه لڳي رهيو هو.
هڪ وجيهه نوجوان جڏهن آرسيءَ ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو ته ڏک ۽ صدمي جي شدت سان سندس اکيون آگمجي ويون، پر بهادر فوجي هئڻ جي حيثيت سان زبان مان هڪ لفظ به نه ڳالهايائين. پنهنجو چهرو ڏسي ڪجهه چوڻ بنا آرسي نرس کي موٽائي ڏنائين. توڻي هو ٺيڪ ته ٿي ويو هو، پر فوج جي طبي بورڊ(Medical Board) کيس ملازمت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
ٽونيءَ کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. هو هڪدم پنهنجي جنرل وٽ ويو ۽ درخواست ڪيائين ته ”آئون هاڻي صحتمند ٿي ويو آهيان. ان ڪري مون کي ٻيهر ريجمينٽ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.“
جنرل جواب ڏنس، ”پر! توکي ته فوجي خدمتن لاءِ نااهل ڪيو ويو آهي“.
”ڇو؟ منهنجو منهن جي خراب ٿيو آهي ته ڇا ٿيو؟ ان سان منهنجي قوت ۽ تجربي تي ته ڪو به فرق نه پيو آهي، آئون هر قيمت تي فوج ۾ واپس اچڻ چاهيان ٿو“.
ٽونيءَ جي تمام گهڻي اصرار تي ان کي اجازت ڏني وئي ۽ کيس ريجمينٽ ۾ وڃڻ کان اڳ ٿورن ڏينهن جي موڪل ڏيئي، گهر موڪليو ويو ته جيئن هو پنهنجي گهر وارن سان ملي اچي.
ريل جيئن ئي اسٽيشن تي بيٺي ته مند جي خرابيءَ جي ڪري کيس ڪابه سواري نه ملي، هو پيادو پنهنجي ڳوٺ جي رستي تي هلڻ شروع ٿي ويو. برفباريءَ جي ڪري سڄي زمين سفيد ٿي رهي هئي. هوا ايتري ته ٿڌي ۽ تيز، ڄڻ جسم ۾ تير وانگر پئي داخل ٿي. ٽوني موسم سان منهن ڏيندو وڏيءَ تڪليف سان پيادو هلي اچي پنهنجي ڳوٺ پهتو.
هو هڪ گهٽيءَ ۾ مڙيو هن جي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي. گهٽيءَ جي ڪنڊ کان هن جو گهر ڇهون نمبر هو. هن جي مَنَ چاهيو ته هڪ ئي ٽپ ۾ گهر جي اڱڻ ۾ پُڄي وڃي، پر ڪجهه سوچي. سندس پير بيهي رهيا ۽ نراڙ تي سَرَ پئجي ويس. پوءِ آهستي آهستي پير کڻندو گهر ڏانهن هلڻ لڳو. ويجهو پهچي هن هڪ دريءَ مان اندر جهاتي پاتي، پڌر ۾ بتي ٻري رهي هئي، ۽ ماڻس هلڪي سوجهري ۾ مانيءَ لاءِ دستر خوان وڇائي رهي هئي. هن جي دِل ۾ اُمنگ جاڳي ته ماءُ کي ڀاڪر پائي چهٽي پوي، پر هو سهپ سان بيٺو رهيو. ماءُ ڪجهه وڌيڪ پوڙهي ٿي چڪي هئي. هاڻي ته هن جي ڪلهن جون هڏيون به ڏسجي رهيون هيون. هن سوچيو، پوءِ اڳيان وڌي دروازي تي هلڪو ٺڪاءُ ڪيائين.
”ڪير آهي؟“ اندران ماءُ جو آواز آيو.
”مان ليفٽيننٽ آهيان، جنگ جي ميدان مان آيو آهيان“
دروازو کليو ته ماءُ چيو، ”ڇا ڳالهه آهي پٽ!“
ٽونيءَ جي دل تي ڄڻ ڪنهن چير وڌا هجن کيس لڳو ته ڄڻ ڪنهن هن کي نپوڙي ڇڏيو هجي ماءُ ٿي به هوءَ هن کي سڃاڻي نه سگهي هئي. هو پنهنجي پاڻ تي ضبط ڪندي چوڻ لڳو.
”مان ٽونيءَ جو دوست آهيان هن مون کي توهان جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي“.
”ويهه پٽ ويهه هيءُ تنهنجو گهر آهي، الله جو شڪر آهي ته منهنجي پٽ جي خيريت جي خبر ته پئي“. ماءُ خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳي، ٽوني خاموشيءَ سان ان بينچ تي ويهي رهيو، جنهن پراڻيءَ بينچ تي هو ننڍپڻ ۾ ويهندو هو. انهن ڏينهن ۾ هو ايترو ته ننڍو هو جو سندس پير به زمين تائين ڪونه پهچندا هئا.
”پٽ تو ٽوني متعلق ڪجهه نه ٻڌايو؟“ ماءُ کيس چپ ڏسي سوال ڪيو، ٽوني هڪدم کيس سندس پٽ جي بهادريءَ جون داستانون ٻڌائڻ لڳو.
ايتريءَ دير ۾ هن جو پيءُ اچي ويو، هو به پهرين کان وڌيڪ پوڙهو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هن ٽونيءَ سان هٿ ملايو ٽوني حيران ٿي ويو ته هن جي پيءُ به کيس بلڪل نه سڃاتو. هن اهو به نه پڇيو ته، ”اي نوجوان! تون ڪير آهين ۽ ڪنهن جي لاءِ آيو آهين؟ شايد هو کيس يونيفارم ۾ ڏسي سمجهي ويو هجي ته هو هن جي پٽ جو ڪو دوست هوندو. ٽونيءَ جي دل چاهيو ته هو پيءُ کي ڀاڪر پائي رڙيون ڪري، روئي ۽ فرياد ڪري ته ”توهين مون کي سڃاڻو ڇو نٿا؟“.
پر هن پنهنجا چپ سختيءَ سان ڀڪوڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي ئي گهر ۾ مهمان ٿي گهر وارن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. وڏين آپريشنن کانپوءِ سندس آواز ۾ پڻ ڪافي تبديلي اچي چڪي هئي نه سڃاڻڻ جو سبب اهو پڻ هو، پر وري به اُهي سندس سڳا ماءُ پيءُ هئا.
رات جي مانيءَ جو وقت ٿيو ماءُ کيس کاڌي جي وچ ۾ وري وري ڏسڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي ته اهو جوان فوجي به منهنجي پٽ وانگر چمچي کي جهلي ٿو ۽ ان ئي نموني کائي پيو، مانيءَ جي وچ ۾ ٽونيءَ تمام گهڻا سوال پڇيا ته ”فصل ڪيئن ٿيو آهي؟ لڻڻ لاءِ هاريءَ جو بندوبست ٿيو آهي يا نه؟ اناج جون قيمتون ڪهڙيءَ ريت آهن؟ پيءُ به کانئس ڪافي ڳالهيون پڇيون، ”جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي؟“ ڪهڙو ملڪ جنگ ۾ مٿي آهي؟“ منهنجي پٽ کي موڪل ڪڏهن ملندي؟“ هو اسان سان ملڻ ڪڏهن ايندو؟ گهران ويو هو تڏهن نرم دل هو، پر جنگ ۾ جوان پٿر دل ٿي ويندا آهن. هاڻي ته منهنجو پٽ به بدلجي ويو هوندو!!“
ٽوني چوڻ لڳو، ”ها امان! تون هن کي ڏسين ته شايد سڃاڻي به نه سگهين“ اهي لفظ اندر جي اُڌمن سان چوندي اکين مان لڙڪ ڪري يونيفارم ۾ جذب ٿي ويس. جيڪي هلڪي سوجهري جي ڪري ماڻس ڏسي نه سگهي، هن سندس لاءِ بسترو ٺاهي ڇڏيو هو. جيئن ئي کٽ تي ليٽيو ننڊ اکين کان موڪلائي ويس. لڙڪ لارون ڪري وهاڻو ڀڄائيندا رهيا. هو حيرت ۾ هو ته ”ڇا ! اهو ممڪن آهي ته هڪ سڳي ماءُ پنهنجي اڪيلي پٽ کي سڃاڻي نه سگهي؟ دنيا جي رشتن تان سندس اعتبار ئي کڄي ويو، سوچيندي سوچيندي کيس ننڊ اچي وئي. صبح جو اک کليس ته ڏٺائين امڙ ڪاٺيون وجهي چلهه ٻاري چڪي هئي. ٽونيءَ جي يونيفارم جو چيلهه سان ٻڌڻ وارو پٽو ڌوتو صاف ٿيو پيو هو ته هن جا بوٽ به پالش ٿيل هئا. شايد ماڻس اهو ڪم سندس ننڊ جي دوران ڪيو هو. کيس جاڳندو ڏسي چيائين، ”مٺي ماني کائيندين؟“ ”ها ضرور کائيندس“ ٽونيءَ بوٽ پائيندي چيو.
ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائين ته، ”امان هتي ڳوٺ ۾ هڪ ڇوڪرو ڪيِٽو رهندو هو ڇا اهو اڃا به هتي آهي؟“.
”ها پٽ اُهو بلڪل هتي آهي هاڻي ته پڙهي لکي ماستر ٿي ويو آهي. هن ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائي ٿو، لڳي ٿو ته منهنجي ٽونيءَ توکي سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي“. ماءُ جواب ڏنو.
ٽونيءَ چيو ته، ”تو بلڪل ٺيڪ چيو امان مون کي ٽونيءَ سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي ڇا ڪِيٽو هتي اچي سگهي ٿو؟“
ماءُ هڪدم پاڙي جي هڪ ٻار کي استاد ڪِيٽو کي گهرائڻ لاءِ موڪليو ٿوريءَ دير ۾ ڪِيٽو ڊوڙندو آيو. هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ هئي، هو بنا ڪنهن تعارف جي ٽونيءَ سان مخاطب ٿيو، ”تون ضرور ٽونيءَ جو ويجهو دوست آهين“ اهو چئي جيئن ئي ويجهو آيو ته هن جي نظر ٽونيءَ جي چهري تي پئي هو ڊڄي ٿورو پوئتي ٿي ويو. ٽونيءَ جي دل ڄڻ ٽُٽي ڀورا ڀورا ٿي وئي.
جنهن امنگ سان هو تن ۽ مَنَ جو تياڳ ڪري، جن پنهنجن لاءِ پهتو هو. اهي ته کيس سڃاڻڻ کان ئي نابري هئا. وڌيڪ سمورن وستيءَ وارن سان ملڻ ۾ مَن جي مونجهه اڃا به وڌي ها. اهو سوچي هن واپس وڃڻ جي تياري ڪئي. ايئن لڳس ڄڻ هڪ ئي ڏينهن ۾ صدين جو سفر ڪيو هجيس. گهڙيءَ گهڙيءَ جا وَڍَ پوڻ لڳس. پنهنجن سان ملڻ جو شوق ۽ انتظار جي آس پَٽِ پئي ويا. ڪنهن کيس رسمي طور ترسڻ جو به نه چيو ۽ نه ئي روڪيو. ماءُ تاڪيد ڪيس ته پهچندي ئي پٽ کي چئج ته خط لکي. پڻس گهوڙي گاڏيءَ جو بندوبست ڪيو، پر هن منع ڪري ڇڏي ۽ پيادل ريلوي اسٽيشن ڏي وڃڻ لڳو. هو سخت مايوسيءَ ۽ مونجهارن سان واپسي ڪرڻ لڳو.
جڏهن پنهنجي ريجمينٽ ۾ پهتو تڏهن سندس اچڻ تي سڀني سپاهين سهڻو استقبال ڪيو. هو هڪ بهترين ليفٽينينٽ آفيسر سان گڏ سٺو سپاهي هو. سندس ماتحت ساڻس گهڻو خوش رهندا هئا. ڪوشش ڪرڻ لڳو ته کيس گهر ياد نه اچي. هن ماءُ کي خط به نه لکيو ۽ ڪِيٽو کي ته هن بلڪل وسارڻ چاهيو ٿي. جيڪو کيس ڏسي ڊڄي پوئتي هٽي ويو هو. ڏينهن گذرڻ لڳا ٽوني ريجمينٽ ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪري ڇڏيو، ڪجهه مهينن کان پوءِ کيس هڪ خط مليو. جنهن ۾ لکيل هو ته:
”جان کان عزيز منهنجا پٽ ٽوني! اميد آهي ته تون خيريت سان هوندين مون کي اهو لکندي پشيماني ٿي رهي آهي، پر ڇا ڪريان ته لکڻ کانسواءِ رهي به ته نٿي سگهان. ڪجهه مهينا اڳ هڪ ماڻهو اسان وٽ تنهنجي خيريت جي خبر ڏيڻ آيو هو. ماڻهو ڏاڍو سٺو هو، پر ان جو چهرو گهڻو خوفناڪ هو. شروع ۾ ته ان ٻڌايو ته هو ڪجهه ڏينهن ترسندو، پر پوءِ خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه ٿي، جو هن پنهنجو ارادو مٽائي ڇڏيو. ۽ ٻئي ڏينهن ئي هليو ويو. ان ڏينهن کان مون کي رات جو ننڊ نٿي اچي هَر هَر دل ۾ اهو خيال ايندو اٿم ته اهو ماڻهو تون ئي هئين شڪ ته مون کي انهيءَ وقت پڻ ٿيو هو، پر تنهنجي بابا جي خوف کان چپ رهيس. پوءِ همٿ ڪري ان سان ذڪر ڪيم تڏهن مون کي چيائين ته، ”تون ته صفا ڪا چري آهين ڀلا اهو ماڻهو پاڻ جو ٽوني ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟ جيڪڏهن ٽونيءَ جو چهرو واقعي ايتري حَدَ تائين خراب ٿي چڪو ته پوءِ به اسان کان لڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هڪ سپاهيءَ لاءِ اها فخر جوڳي ڳالهه آهي ته هو پنهنجو منهن وطن تي قربان ٿو ڪري جنگ ۾ سپاهي اهڙي ”قرباني“ ڏيئي فخر محسوس ڪندا آهن“. اهو چئي تنهنجو بابا ته چپ ٿي ويو، پر منهنجا پٽ! منهنجي دل نٿي مڃي. انهن ڳالهين کي. جڏهن اهو ماڻهو ننڊ پيو هو تڏهن ان جو ڪوٽ کڻي بي اختيار آئون ٻاهر ويس ۽ ان کي چمڻ لڳيس مون کي نه ڄاڻ انهيءَ مان تنهنجي خوشبو پئي محسوس ٿي. آخر هڪ ماءُ جي دل ڇو تڙپي؟ منهنجا پٽ! آئون يقين سان چوان ٿي ته اهو ماڻهو تون هئين فقط تنهنجي امڙ!“
***