ڪهاڻي: ويڳو پيءُ
شارمين جو جنم شهر جي هڪ امير گهر ۾ ٿيو. هن جو پيءُ اياز شهر جو هڪ وڏو بزنس مين هو، هُن شارمين جي پيدا ٿيڻ جي ٽن ڏينهن بعد ئي سندس ماءُ کي طلاق جا ڪاغذ هٿ ۾ ڏيئي مائٽن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. سبب اهو ڪونه هو ته زاهده کي نياڻي پيدا ٿي هئي ۽ اياز کي پٽ گهرجيو پئي، پر سندن جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ عام جهيڙن ۽ تلخين اهو ڏينهن آندو جو زاهده معصوم نياڻيءَ جي وجود سميت ڀاءُ عابد جي در تي اچي پهتي. ڀاڻس سچ پچ وڏو ڀاءُ ٿي ڏيکاريو. سموري ڳالهه دِل سان ٻڌندي ڀيڻ کي همٿ ڏياريائين، کيس آرامده ڪمرو ۽ نياڻيءَ لاءِ ڪم واري مائي به رکي ڏنائين. هو هن جي هر سک ۽ سهنج جو خيال ڪندو هو. زاهده کي سندس اهو قرب ڏسي ماءُ جو ٻڌايل محاورو ياد ايندو هو، جيڪا چوندي هئس ته “اڃيون وينديون تڙين، بکيون وينديون پيهرين” مطلب ته اڃايل کوهه تڙ تي ويندي ته ڏکي بکي ڇوڪري نيٺ نگهبانن (مائيٽن) جي در تي ايندي، ۽ اهو ئي ٿيو. ماڻس ۽ پڻس دنيا ۾ موجود نه هوندي به ڀاءُ هن جي لاءِ پيڪن جا در کولي رکيا، هن ڏکئي وقت ۾ هوءَ دل سان ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي دعائون ڏيندي رهي. وسان ڀاڄائيءَ به ڪونه گهٽايو، سڀ شارمين کي گهڻو پيار ڪندا ۽ ڀائيندا هئا.
وقت گذرندو رهيو زاهده گهر جي ڪم ڪار ۾ ڀاڄائيءَ جو هٿ ونڊائڻ لڳي، سندس ٻارن کي به سنڀاليندي هئي. شارمين هاڻي ڪافي سمجهه ڀري ٿي ويئي هئي. عابد کيس ساڳئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي هن جا ٻار ڌيءَ ۽ پٽ پڙهڻ ويندا هئا. عابد انهيءَ فڪر ۾ ضرور هوندو هو ته زاهده جي جواني ضايع ٿي رهي آهي، پٽ جو اولاد به ڪونهيس، ائين نه ٿئي ته سڀاڻي هن کان پوءِ هوءَ ويچاري ڏکي ٿئي. ان ڪري هڪ دوست جي صلاح مشوري سان ڀيڻ جو نڪاح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيائين. قسمت سٺي هئي، قدرت جي ڪرڻي؛ هڪ تمام شريف ٻن نياڻين جو پيءُ مليو، جنهن جي گهرواري ٽي سال اڳ ڪينسر سبب فوت ٿي وئي هئي. عابد وڃي اشرف سان ملاقات ڪئي کيس هو ذميدار سمجهدار ۽ شريف ماڻهو لڳو. پنهنجو پولٽري فارم جو ڌنڌو هئس، پڙهيل ڳڙهيل هو، زال جي بيماريءَ سبب بئنڪ مان گولڊن هينڊ شيڪ وٺي ڪاروبار ڪرڻ لڳو هو. ٻنهي پاسن جون ڳالهيون هليون ۽ جلدي زاهده جي رضامنديءَ سان سندس نڪاح اشرف سان ٿيو. عابد اطمينان محسوس ڪيو.
زاهده هڏڏوکي، سچار ۽ محنتي عورت هن گهر ۾ اچڻ شرط ئي گهر کي صفا نئون ڪري ڇڏيو. اشرف جي ڌيئرن کي شارمين جيان پنهنجو اولاد ڪري سمجهيائين، اهي ساڻس ته وري به ڪجهه صحيح هيون، پر کين شارمين بلڪل پسند ڪانه آئي. ڇوڪرين کي پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي جو پيار اشرف ڏنو هو ته اهي ڪجهه حد تائين لاڏليون هيون. پيءُ ۽ زاهده کين سمجهايو ته هيءَ سندن ڀيڻ آهي، پر انهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته هيءَ اسان جي ويڳي ڀيڻ آهي، سو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان شارمين جي ڪانه ڪا گهٽتائي ڪري ڇڏينديون هيون. پيءُ کان جدا ٿيڻ، مامي جي گهر رهڻ، وري ويڳي پيءُ ۽ ڀينرن سان گڏ رهڻ سان شارمين گهڻي حساس ٿي ويئي هئي. کيس پنهنجو اڻ ڏٺل پيءُ بار بار ياد اچڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن ماءُ کي روئيندي دانهن ڏيندي چوڻ لڳي، “امان هي سڀ ته منهنجا ويڳا آهن، منهنجو هتي ڪو به سڳو رت جو رشتو ڪونهي. جيڪڏهن توکي ڪجهه ٿي ويو ته آئون ته ڪٿي جي ڪانه رهنديس. مون کي ڪير برداشت ڪندو، مون کي پنهنجي پيءُ جو اتو پتو ڇو نٿي ٻڌائين؟” نيٺ سندس گهڻي اصرار تي هڪ ڏينهن زاهده هڪ تصوير آڻي ڏنس، جنهن ۾ هوءَ اياز سان گڏ ڪنوار ٿي ويٺل هئي، پر هدايت ڪيائينس ته، “اها تصوير لڪائي رکجانءِ، تنهنجي پيءُ ته ڪڏهن تنهنجي پڇا به ڪانهي ڪئي، جنهن کي ويڳو ٿي چوين اهو ڪيترو پُرخلوص آهي، توکي اندازو ئي ڪونهي.”
شارمين پنهنجي ڪلاس فيلو ساهيڙي “عمرانه” سان گهڻي ويجهي هئي، هميشه روئي هن کي پنهنجا مسئلا ٻڌائيندي رهندي هئي. عمرانه کي پنهنجي والد جو فوٽو ڏيکاري ٻڌايائين ته هُو سکر ۾ وڏو بزنس مين آهي.
هن کيس تسلي ڏني ته آئون پنهنجي مامي معرفت تنهنجي پيءُ بابت ڄاڻ وٺان ٿي. ان ريت ڪجهه ڏينهن ۾ کيس پنهنجي پيءُ جي گهر جي ايڊريس ملي وئي.
هن به ذرو وقت ڪونه لڳايو، ميرپورخاص مان سکر اڪيلي بنا ماءُ کي ٻڌائڻ جي، چار جوڙا کڻي پيءُ کي ڳولڻ نڪري پئي. ڏس پتو بلڪل صحيح مليو هو، ان ڪري اياز جي بنگلي تي پهتي. هو هڪ مشهور ۽ هوشيار ماڻهو هو. پهرين ته سندس تعارف ڪرائڻ تي حيران ٿيو، پر جڏهن شارمين سڀ پارپتا صحيح ڏنس ۽ ماڻس جو ڏنل فوٽو به ڏيکاريائينس تڏهن پوءِ ڪجهه ڪونه ڪڇيو. کيس رهڻ لاءِ هڪ ڪمرو ڏنو ويو، ماٽيجي ماءُ ۽ ڀيڻن جو سلوڪ ساڻس سٺو هو. هن هتي اچي سچ پچ ته ڏاڍو سڪون محسوس ڪيو. ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي؛ نوڪر چاڪر، کاڌو پيتو هر شيءِ جي گھڻائي هئي. کيس عجب لڳو. سوچڻ لڳي ماڻس ته ڪا بيوقوف هئي جو ههڙيون نعمتون ڇڏي هڪ سادي گهر ۾ شادي ڪيائين، “آخر منهنجي پيءُ امان کي طلاق ڇو ڏني؟” کيس سبب جي ته ڪا خبر نه پئجي سگهي، نه ڪنهن کان پڇڻ مناسب هو، بس هوءَ انهيءَ تي ئي گهڻي خوش هئي ته هي منهنجي پنهنجي پيءُ جو گهر آهي. مٿس ڪا روڪ ٽوڪ به نه هئي.
مهيني کن کان پوءِ شارمين محسوس ڪري ورتو ته پڻس جو رويو هن سان ڪجهه بيزاريءَ وارو ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب ٻيا ڀاتي به پاسيرا پئي ٿيا. وري کيس ڊپريشن ٿيڻ لڳو ته ڪاڏي وڃان؟ هُتي ته ويڳو پيءُ ۽ سڳي ماءُ ٻيئي پيار ته ڪندا هئا، عزت ڏيندا هئا. هتي ته هي مهيني ۾ بيزار پيا ٿين، سڳو پيءُ ئي منهن پيو مٽائي، کيس بار پيو سمجهي. ڀائر ۽ ڀيڻون پڻ هن کي ڪباب ۾ هڏي پيا سمجهن. اتفاق سان ڏاڏي ۽ چاچا ڪراچيءَ مان سکر آيا. کيس ڏسي خوش به ٿيا ۽ گڏ وٺي وڃڻ جي صلاح ڪيائونس. هوءَ خوشيءَ سان ساڻن ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي. بس اسٽاپ تي هن کي پنهنجي سوٽ شهزاد جي دوست “ضمير” هڪ بريف ڪيس ڏنو چيائينس، “انهيءَ کي سنڀالي ۽ لڪائي رکجانءِ، توکان ڪراچيءَ ۾ گهران کڻندس.”
هن ايئن ئي ڪيو، جيئن ضمير چيو هو. چاچا ۽ ڏاڏيءَ وارا هونئن ته ڪار ذريعي ايندا ويندا هئا، پر وٽن اڄ ڊرائيور ڪونه هو، ان ڪري بس ذريعي پئي ويا. شارمين بي سمجهي ڪري ضمير جي چوڻ تي بريف ڪيس جي ڳالهه ڏاڏيءَ کي ڪانه ٻڌائي. ننڍو بريف ڪيس پنهنجي وڏي بئگ ۾ وجهي ڇڏيائين، نه سندس گهڻي تعليم هئي، نه ئي زماني جي سمجهه ۽ شعور هو. سڳن ۽ نِڳن رشتن جو خلوص ڳوليندي هر شيءِ کان بي نياز ٿيندي پئي وئي. ڪراچيءَ پهچي ضمير سندس چاچي جي گهر آيو، جتي هو شهزاد لاءِ ايندڙ ويندڙ هو. کيس ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ويو. چاچي پاڙي ۾ ويل هئي ۽ ڏاڏيءَ نماز پئي پڙهي. ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پئي. هن بريف ڪيس ضمير جي حوالي ڪيو. مٿس هڪڙي ڌن سوار هئي ته ڪيئن شهزاد جو دل کٽان جو ماڻس ٻڌايو هئس ته تنهنجي بابا تنهنجو سڱ شهزاد سان ڪرڻ چاهيو هو. هن شهزاد کي ته پنهنجي خوابن ۾ وسائي ڇڏيو هو. پيءُ جي شفقت ۽ اڻ ڏٺل شهزاد جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ هر قدم کڻڻ لاءِ ڄڻ تيار هئي. ضمير کيس هڪ فارم ڏيئي ويو ته ڀري رکجانءِ ۽ ايندڙ مهيني کڻندس. ان سان تنهنجو بيوٽي پارلر وارو ڪورس سکڻ لاءِ داخلا ٿيندي.
ڏاڏي ۽ چاچيءَ کي بيوٽي پارلر جو ڪورس سکڻ جو ٻڌايائين. ڏاڏيءَ اعتراض واريو ته “الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي ڇو ٿي رلين.” پر چاچيءَ سندس حمايت ڪئي ته هن دور ۾ ڇوڪرين کي هر هنر اچڻ گهرجي، سو کيس پنهنجو ڊرائيور به ڏنائين. ڪڏهن ڊرائيور سان گڏ ته ڪڏهن رڪشا ۾ وڃي هوءَ پارلر تي ڪورس ڪرڻ لڳي. ضمير اڪثر اتي اچي کيس بريف ڪيس ڏيندو هو جو کانئس فون تي پتو پڇي ڪير نه ڪير کڻڻ ايندو هو.
هڪ دفعي ضمير کيس هڪ وڏو لفافو نوٽن سان ڀريل ڏنو.“اهو منهنجي باس ڏنو آهي.” هن کيس چيو، “منهنجو باس تنهنجي ڪم مان گهڻو خوش آهي، اهو انعام ڏنو اٿس ته تون سڄو ڪم رازداريءَ سان ڪري رهي آهين.” هاڻي کيس خبر پيئي ته هوءَ ڪيڏي وڏيءَ کَڏَ ۾ ڪِري رهي آهي.
ضمير هن کي اهو به ٻڌايو ته “تنهنجو سئوٽ شهزاد به منهنجي باس لاءِ ڪم ڪندو آهي.”
اِتي ته شارمين جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. پنهنجي بي عقليءَ ۽ اٻهرائيءَ تي ماتم ڪرڻ تي دل چاهيس، اکريءَ ۾ مٿو وڌو هئائين، هاڻي مهرلا ته لڳڻا هئا.
هن کي پڪ ٿيڻ لڳي ته سندس پيءُ به سمگلر آهي، جنهن لاءِ هوءَ جهر جهنگ جهاڳي ماءُ کي روئيندو ڇڏي اچي پهتي هئي. ماڻس طلاق ڇو ورتي؟ انهيءَ ڳجهارت جو جواب به ملي ويس. هڪ سڌي سنئين نيڪ عورت هن حرام جي دولت کي لَتَ هڻي پاڻ کي گناهه کان ته آجو ڪيو، پر وڏي غلطي اها ڪيائين جو ڌيءَ کي حقيقت کان بي خبر رکيائين. ڀنڀور کي باهه ته شارمين پنهنجي هٿن سان ڏيئي چڪي هئي، اچي ضمير جي پيرين پئي، زارو زار روئڻ لڳي، پر ٿي ڪجهه به نٿي سگهيو. هو مرڳو ويري ٿي بيٺو ۽ کيس ڌمڪيون ڏيڻ لڳو. ضمير جي اهڙي ورتاءَ ته هن جي ڦٽن تي ڄڻ لوڻ ٻرڪيو. سوچيائين “لاچار کي آچار ڪونهي، آئون ته هونئن به هنن رهزنن خلاف ڪري ڪجهه به نٿي سگهان، پر سو دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي به هن کڏ مان نڪرنديس ضرور.”
جيئن ٿي ماءُ جو سوچيائين تيئن وڌيڪ وهلور پئي وئي. لڙڪ جهل ئي نه ڏينس. کيس ڪو وسيلو ڏسڻ ۾ نٿي آيو ته حِيلو ڇا ڪري ها؟ ماڻس جيڪي دڙڪا ڏيندي هيس، اڄ کيس صحيح لڳڻ لڳا. ڪيتري ته نادان هئي. ماءُ وٽ سندس عزت ته محفوظ هئي هوءَ ته هن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هئي، ڇو ڪونه سمجهائين؟
پنهنجي ڪيل نافرمانين ۽ نادانين تي پڇتائيندي گهڙي گهڙيءَ دل ۾ وڍ پوڻ لڳس. اڄ کيس خبر پئي ته سڄي دنيا دشمن ٿي سگهي ٿي، پر پنهنجي ماءُ ڪڏهن به نه! اهو يقين ٿيس ته “امان صحيح چوندي آهي ته خوشبختي هميشه چيو مڃيندڙ ٻار جي نصيب ۾ ايندي آهي، ۽ نافرمان جي نصيب ۾ بدبختي هجي ٿي.”
زاهده ڌيءَ جي گهران اوچتو نڪري وڃڻ تي سخت پريشان ٿي هر وقت روئي ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي هئي ته “رب پاڪ کيس حفاظت ۾ رکجان، سندس وار به ونگو نه ٿئي، الاهي امان ۾ هجي.” اشرف تسلي پئي ڏنس، پر سمجهه ۾ ٻنهي کي نه اچي ته ڪٿي ڳولا ڪن؟ پوليس ۾ رپورٽ لکرائڻ سان ڪنواري نينگريءَ جي ناموس تي ڇنڊا پوندا. مهيني کن کان پوءِ زاهده کي ذهن ۾ آيو ته پڪ هوءَ پيءُ کي ڳولڻ نڪتي آهي. تصوير واري ڳالهه سڄي پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌايائين. هو پٽ کي ساڻ ڪري شارمين جي ڏاڏاڻن ۾ ڪراچيءَ پهتو. شارمين جيئن ئي مامي کي ڏٺو، ڊوڙي اچي ساڻس ملي ۽ پاڻ ئي چيائين “مون کي امان وٽ وٺي هلو.” ڏاڏيءَ کي ته ڪو اعتراض نه هو. ان وقت گهر ۾ ڪو مرد به ڪونه هو. موقعي جو فائدو وٺي شارمين مامي سان گڏ ميرپورخاص پهتي. زاهده تمام گهڻي ناراض ٿيس. جنهن کان پيرين پئي معافي ورتائين. هُن ڪاوڙ ۾ چيس.
“اهو ته منهنجو اخلاق هو جو مون توکي تنهنجي پيءُ جي اصليت ڪانه ٻڌائي. هو نشي جو وڪرو ڪندڙ ڏوهاري آهي. آئون ان کي انهيءَ ڪاروبار کان جهليندي هيس، روز اسان جا انهي ڳالهه تي جهيڙا ٿيندا هئا، نيٺ نوبت طلاق تائين پهتي.”
ماڻس دڙڪا به ڏنس ۽ اهو راز لڪائڻ جو سبب به ٻڌايس. “مون تنهنجي معصوم ذهن ۾ والد لاءِ نفرت نٿي آڻڻ چاهي، ته جيئن تون ڪمتريءَ واري احساس ۾ پئجي وڃين. اڳتي هلي ممڪن هو ته آئون توکي حقيقت ٻڌائي ڇڏيان ها، پر تون صبر کي هٿان وڃائي ويٺينءَ هي گهر ڇڏڻ جو اٻهرو قدم کڻي چڱائي ڪئي اٿئي؟ ڇا انهيءَ جي ڪا معافي ٿي سگهي ٿي؟ ٻڌاءِ! اوڙي پاڙي وارا مٽ عزيز ڇا چوندا ڪجهه سوچيئي! ماءُ جي دل تي ڇا گذرندي؟ ڪوبه خيال توکي ڪونه آيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا خبر ڏنئي، اها ته منهنجي ڪا نيڪي آڏو آئي جو تون مون وٽ صحيح سلامت پهتي آهين…” زاهده لڳاتار روئي رهي هئي.
شارمين حقيقت کان با خبر ٿيڻ کانپوءِ ته هيڪاري ڏکاري ٿي وئي. خدا جو شڪر به پئي ڪيائين، جنهن سوٽ شهزاد کان به بچايس.
اشرف کان ور ور ڏيئي معافي به گهريائين. هاڪاري سوچن واري پرخلوص ماڻهو چڱيءَ پر ڄاتو پئي ته هيءَ ڪنهن غلط مقصد لاءِ گهران ڪانه نڪتي هئي، پر پيءُ جي محبت کانئس هيءَ ڪٺن ۽ غلط ڪم ڪرايو. شارمين جنهن گهر کي پرائو سمجهندي هئي، جنهن پيءُ کي ويڳو ڄاڻي هن کيس ڪڏهن پيءُ جي درجي تي تسليم ئي نه ڪيو هو.
اڄ کيس خبر پئي ته رشتو ويڳو نه هوندو آهي، مايا جي موهه ۽ انڌ سبب ماڻهوءَ جو اخلاق، سوچون ۽ ضمير جڏهن ويڳا ٿين ٿا پوءِ سڳي ۽ ويڳي جي وچ ۾ ڪو به سنڌو ڪونه بچندو آهي.