ڪهاڻي: ارڙهين ڪهاڻيءَ جي اداسي
هو ڳالهيون فرض ڪرڻ جي عادت ۾ مبتلا هو.
پر اڳ انهن ۾ ايتري شدت ڪونه هئي. مثال طور اڳ ۾ ڪا ڳالهه فرض ڪندو هو ته بس اها ته رستي ۾ هلندي جي منهنجي پير ۾ ڪنڊو لڳي ته ڇا ٿيندو! گهر ڪيئن پڄندس. منڊڪائي هلندس ته ڪيئن لڳندس!“
منڊڪ منڊڪ گهوڙي. هڪ انڌي ٻي پوڙهي. منڊڪ منڊڪ گهوڙي! منڊڪائي هلندو. ڪجهه ئي دير ۾ ٿڪجي پوندو. ماٺ ڪري ويهي رهندو، پر ان شام ٻڪريون چاري واپس پئي موٽيو ته واهه جي موري وٽان گذرندي چپن ۾ ڀڻڪيو ”فرض ٿا ڪيون ته موريءَ تان گذرندي منهنجي ڇيلي واهه ۾ ڪري پئي ته پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ جڏهن هو فرض ڪيل ڳالهه وساري چڪو ته موريءَ تان گذرندي ڇيلي ”راڻي“ ٺينگ ٽپا ڏيندي وڃي واهه ۾ غپڙاڪ ڪيو. ڌٻڙڪو ٿيو. پاڻيءَ ۾ ڇيليءَ جون ڇڙهيون. ٻيٻڙاٽ. پاڻي جا ڇپڙڪا. لهرون. هو موري کي چو طرف ڦرندو ڦرندو رڙيون ڪندو رهيو.
منهنجي ڇيلي. وارو ڪيو. ڇيلي پاڻي ۾. هوءَ هتان ڪري پئي. او هتان. منهنجي ڇيلي.
آهستي آهستي پاڻيءَ جا ڇپڙڪا گهٽ، لهرون خاموش ۽ ڇيليءَ جا ٻيڪاٽ بند ٿي ويا. هو روئڻهارڪو گهر موٽيو. اکيون، نڪ ۽ منهن ڳاڙهو، ڊنل ڏکارو، وائڙو پريشان ۽ حيران! رات جي ماني به نه کاڌائين. بخار جا مچ، دير تائين روئيندو وڦلندو رهيو.
منهنجي ڇيلي. او هتي. پاڻي ۾. منهنجي. امان. منهنجي ڇيلي. او.
ماڻهس جاڳندي رهي. صبح تائين بخار مان ۽ ڪنهن حد تائين ڊپ مان ته ٻاهر نڪري آيو، پر فرض ڪيل ڳالهه جي ڏک مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. ماڻس ٻڪريون چارڻيءَ تي ڏئي ڇڏيون. هو اسڪول وڃڻ لڳو.
ڇهين درجي واري ڪلاس ٽيچر ڏانهس آڱر اُڀي ڪندي چيو ”سڪندر تنهنجا ڪپڙا ميرا ڇو آهن. هان. ڇو؟ هيڏي ٻڌاءِ. ڇو ماءُ مري وئي اٿئي. ڇورو ڇنو آهين؟؟ ڪپڙا ڌوئڻ وارو ڪونهي. ڪلاس ۾ خاموشي ڇائنجي وئي، ڄڻ ڪنهن جو مرتيو ٿي ويو هجي! هو اهڙو ماٺ جهڙي ڀت، ٻارن ۾ سُس پُس، هڪ ٻئي کي ٺونٺيون. اشارا. اوچتو رسيس جو گهنڊ وڳو. ٽن ٽن ٽن ٽن. ڇوڪرن جا ٽهڪ، هوڪرا ۽ گهنڊ جو آواز پاڻ ۾ رلمل ٿي ويو.
ڪلاس خالي ٿي ويو.
پر هو ڪلاس مان ٻاهر نه نڪتو، پنهنجي اندر ۾ ڪٿي رهجي ويو. هن سوچيو ”فرض ٿا ڪريون ته جي واقعي امان مري وڃي ته پوءِ فرض ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو حرج آهي“ ان کانپوءِ کيس لڳو ته هو هڪ گدلو. ڪمزور، ٿڪل، ميرن ڪپڙن ۽ ڇڳل جُتي وارو هڪ يتيم ٻار آهي. جنهن جي ماءُ ڪالهه يا ٽيون ڏينهن گذاري وئي آهي. اڃا ته قبر جي مٽي به ڪونه…
هن ساڄي ٻانهن ڊيسڪ تي ۽ منهن ٻانهن تي رکيو ته روئڻ اچي ويس. دير تائين سڏڪا ڀريندو رهيو. رسيس ختم ٿي وئي ۽ ڇوڪرا ڪلاس ۾ ايندا ويا. هن کي روئيندو ڏسي حيرت ۽ ڏک مان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا. هڪڙو ڇوڪرو ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر هيٺ ٻاهر نڪتو ۽ ٽالهيءَ جي ڇانو ۾ ڪرسي تي ويٺل استاد کي وڃي ماجرا ٻڌايائين. ”استاد سائين… استاد سائين…“
”ڇا آهي ڇورا ڇا ٿيو اٿئي، ساهه ٿو وڃئي… ڳالهه ڪر… ”سائين… سائين.. اهو پنهنجو سڪندر سِڪو پيو روئي… ماٺ ئي نٿو ڪري“
استاد محسوس ڪيو ته ڄڻ ماجرا ٻڌائيندڙ ڇوڪري جو لهجو چئي رهيو آهي ته ”توهان ذميوار آهيو انهن سڏڪن جا انهن لڙڪن جا“
استاد ڪلاس ۾ آيو. سڀ شاگرد اٿي بيٺا. هُو به اکين تي ٻانهن ڏئي اٿي بيٺو.
”ڇو سڪندر بابا. ڇا ٿيو آهي“ هو ماٺ. ”مون ته مڙئي ائين چيو بابا منهنجو مطلب اهو نه هو. ”استاد ڪلهي تي هٿ رکيس ته هُو روئڻ ۾ پئجي ويو ۽ دير تائين ماٺ نه ڪري سگهيو.
ان ڏينهن کان چند مهينا پوءِ سندس ماءُ کي فالج جو هڪ شديد حملو ٿيو. حملي ۾ اسپتال جي هڪ اڪيلي ڪمري ۾ گذاري وئي. اهي سرءُ جا ڏينهن هئا.
هن کي پڪ ٿي وئي ته ماءُ جي موت جو ذميوار فالج نه پر، فرض ڪيل ڳالهه آهي. هو پاڻ آهي يا وري پن ڇڻ جي موسم آهي ۽ کيس اها به پڪ ٿي وئي ته جيڪي ڳالهيون فرض ڪبيون آهن، اهي ٿي پونديون آهن.
اسڪول کان موٽڻ ۽ ماءُ جي هٿن جي پڪل، مکڻ سان مکيل دانگيءَ واري ماني نه کائي سگهڻ جو ڏک کڻي هو ڳوٺ جي مهاڙي وٽ بس اسٽاپ جي ڀرسان، نم جي هيٺان پٿراڻيءَ تي ويٺل موچي ڪاڪي ڀيرو ميگهواڙ وٽ سندس ڀر ۾ ويهڻ لڳو.
هن فرض طور يتيم ٿيڻ کان اڳ نه ئي سهي، پر حقيقي طور ڇورو ڇنو ٿيڻ کانپوءِ ڪونه ڪو هنر سکڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو.
سندس نانو اڪثر چوندو هو ”علم بادشاهه آهي ته هنر وزير آهي“ سندس نانو هڪ سياڻو پوڙهو ماڻهو هو. کيس نانهنس جي ڳالهين تي ڀروسو هو!
”ڪاڪا ڀيرو“
”جي پٽ“
”ڪاڪا! مون کي موچڪو ڪم سيکار“
ڀيرو ميگهواڙ وڏن شهپرن ۾ ڍڪيل چپن ۾ مرڪڻ لڳو. هڪ لڪل ۽ بي نام مرڪ جيڪا ڏسڻ ۾ سولي سمجهڻ ۾ ڏکي هئي. هن کي ڪنهن به ڪڏهن به گهڻو ڳالهائيندي يا ٽهڪ ڏئي کلندي نه ڏٺو هو.
ڀيرو ميگهواڙ هڪڙو اداس ۽ اڪيلو شخص هو. ڪئي ورهيه اڳ ڪنهن ڳالهه تان پيءُ سان ڪاوڙجي گهران نڪتو هو ته وري ڪڏهن به واپس نه موٽيو هو. ڀيرو جي مرڪ ۾ انڪار نه هو! ڀيرو جي ڀر ۾ ويهي جتيون ڳنڍڻ ۽ پالش ڪرڻ کيس عبادت جيان محسوس ٿيڻ لڳو.
هڪ ڏينهن خدا بخش نالي هڪ هاريءَ جو کيتلو ڳنڍيندي ۽ ٽالهيءَ ۾ ٻوليندڙ ڪوئل جي ڪُو ڪُو ٻڌندي هن آر سان پوليسٽر وارو ڌاڳو چمڙي مان ٽپايو ته دانهن نڪري ويس. دانهن تي موچيءَ جو هانءُ ڇڄي پيو.
”ڇا ٿيو بابا؟“ ڀيرو ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.
”استاد مون کي لڳو آر جتيءَ بدران منهنجي پير مان ٽپي پيئي آهي… هي ڏسو منهنجي هٿ ۾ رت.“ ڀيرو مرڪڻ لڳو. شهپرن جي پٺيان لڪل ساڳي خاموش ۽ اداس مرڪ، جيڪا هميشه وانگر ڏسڻ ۾ سولي سمجهڻ ۾ ڏکي هئي!
”پٽ! اهو رت نه پالش آهي“ ڀيرو موچي چيو،
هو حيرت مان ڳاڙهي پالش وارو هٿ ڏسندي سوچڻ لڳو ”فرض ٿا ڪريون ته اڳتي هلي ڪڏهن نه ڪڏهن آئون به استاد ڀيرو وانگر هڪ اڪيلو ۽ اداس موچي ٿي ويس ته پوءِ“
ان ڏينهن ڀيرو موچي گهڻي دير تائين ڪجهه سوچيندو رهيو. اداس لهجي ۾ ڳالهايائين.
“پٽ!”
“جي استاد!”
“هڪ ڳالهه چوان.”
“جي استاد چئو” هن برش وارو هٿ روڪيندي چيو.
“تنهنجي هٿن ۾ برش پالش نه، پر قلم ڪتاب سونهندو.” ڀيرو موچي ڳنڀيرتا سان ڳالهايو. هو کائنس موڪلائي گهر موٽي آيو. ڪجهه به فرض ڪرڻ بنان ڀيرو موچيءَ وٽان بي دخل ٿيڻ کيس سٺو نه لڳو ۽ سٺو به لڳو. هو هڪ ڀيرو وري پڙهڻ لڳو. اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج ۾ پهتو.
گريجوئيشن کانپوءِ لوڪل بورڊ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. فرصت جي مختصر ۽ اڻ مختصر وقفن ۾ اڇن پنن تي فرض ڪيل ڳالهيون لکندي هڪ ڏينهن مٿس انڪشاف ٿيو ته اهي ڳالهيون دراصل ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻيون جن ۾ ڀيرو موچيءَ جي مُرڪ ۽ پالش جي بُوءِ سان گڏ هٿ ۾ ٽنبي پيل آر جو درد به هو. نم جو وڻ جهونو ٿيندو پئي ويو.
”ڳالهه ٻڌ آفيس ۾ ساڻس گڏ نوڪري ڪندڙ سنهڙي سراپا واري ڇوڪريءَ چيس.“
”جي چئو“
”اڄ ڪلهه ايڏو خاموش ڇو رهڻ.“
”اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪونهي“
”آئون ته ائين ٿي محسوس ڪيان“
”ڇا ته“
”ته توتي چپ جو پاڇولو پئجي ويو آهي“
”ها. شايد. تون ڪنهن حد تائين صحيح آهين“
”پوءِ ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو آهي؟“
”ڪهاڻيون لکڻ لڳو آهيان“
”هان! واقعي“
”ها واقعي“
”اڄڪلهه ڪهڙي ڪهاڻي پيو لکين؟“
”توکي ڪونه ٻڌائيندس“
”ڇو ته“
”هو ماٺ“
”ٻڌاءِ نه پليز“
”هڪڙو ڊپ آهي“
”ڪهڙو؟“
”بس ڪوئي آهي“
”مون کي ٻڌائي“
”توکي ٻڌايم ته پوءِ ڪهاڻي لکي ڪونه سگهندس“
”اڙي اها به ڪا ڳالهه آهي“
”ها“
”مطلب ڇو؟“
”ڇو ته مان فرض ڪري چڪو آهيان ته فرض ٿا ڪيون ته ان ڪهاڻيءَ کانپوءِ آئون وري هڪ به ڪهاڻي لکي نه سگهيس ته پوءِ“
”الا وڏو ڪو وهمي آهين“
”نه وهم ناهي حقيقت آهي. خبر اٿئي ته گذريل پن ڇڻ ۾ توکي رنگريز ڪهاڻي لکڻ کان اڳ ٻڌائي هئم“
”ها ٻڌائي ته هيئي، پر ياد نه آهي. ٿوري ٻڌائي“
”اڙي! اها ئي جنهن ۾ هڪ ڇوڪري هڪ نيلگر وٽ روا رڱائڻ ويندي رهندي آهي ۽ روا رڱائيندي رڱائيندي نيلگر جي محبت ۾ رڱجي ويندي آهي“
”اڙي ها. واقعي ٻڌائي هيئي. پوءِ ان ڪهاڻي ۾ ڇا ٿيو هو؟“
”پوءِ سياري جي هڪ منجهند مهل هوءَ رئو کڻڻ دڪان تي پهتي هئي ته نيلگر تار تان رئو لاهڻ لڳو هو، پر نگاهه ڇوڪري ڏي هئس ۽ هوا جي جهوٽي تي رئو هٿ مان ڇڏائجي ويو هو. هو روڊ تي رئي جي پٺيان ڊوڙندي هڪ تيز رفتار ڪار سان ٽڪرائجي رئي وانگر رڱجي ويو هو ۽ پوءِ اها ڇوڪري!
”اڙي ها واقعي ياد اچي وئي. پوءِ ڇا اها ڪهاڻي اڃا لکي نه سگهيو آهين؟“
”نه“
”پر… ڇو…؟“
”ڇو ته اها ڪهاڻي لکڻ کان اڳ تنهنجي اسرار تي توکي ٻڌائي هئم“
”عجيب ڳالهه آهي، ڇا ڪهاڻي ٻڌائبي آهي ته لکي نه سگهبي آهي.“
”ها. ٻين جي ته خبر ناهي، پر مون سان ائين ٿيندو آهي، شايد اڻ لکيل ڪهاڻي به اڻ اظهاريل محبت وانگر هوندي آهي. اظهار ۾ ايندي آهي ته گم ٿي ويندي آهي“
”ڪٿي گم ٿي ويندي آهي“
”الائي ڪٿي. شايد اُن پُراسرار قديم دنيا جي ڪوهيڙي ۾ واپس هلي ويندي آهي جتان ايندي آهي“ پوءِ هو لکڻ کان اڳ ڪهاڻي ٻڌائڻ بجاءِ ڪهاڻيون لکڻ لڳو. هڪ، ٻه، ٽي، پنج، اٺ، ڏهه، ٻارهن، سورهن، ڪتاب جيتريون ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ هڪ دفعو وري هو ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويو.
اهو ٽيون ڊپ نه هو. اهو پهرئين ڊپ کان ٿورو الڳ ۽ ٻئي ڊپ جي گهڻو ويجهو هو. معنيٰ اهو ڊپ ٻئي ڊپ جو سڳو ڀاءُ هو. اهو ڊپ ٻئي ڊپ جي ڪک مان نڪتل هو. ڪتاب لاءِ سترهين ڪهاڻي لکندي. جنهن مهل هو پبلشر سان ڪتاب بابت ڳالهائي خوش ٿيو ته اهو ڊپ ورائي ويس ته هيءَ ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ مان انڌو ٿي ويندس. سترهين ڪهاڻي اڌ ۾ رهجي ويندي. ڪتاب به ڇپجي نه سگهندو!
شايد هر ليکڪ کي ڪتاب جي ڪناري تي پهچي اهو ڊپ ورائي ويندو آهي ته هو پنهنجي تخليق مڪمل نه ڪري سگهندو!
انڌو ٿيڻ يا مرڻ جو ڊپ!
ان ڏينهن سترهين ڪهاڻي لکندي جنهن مهل مٿس انڌو ٿيڻ جو ڊپ حاوي ٿي ويو ته هن پين بند ڪري کيسي ۾ ۽ ڪاغذ ويڙهي دراز ۾ رکي ڇڏيا ۽ سوچڻ لڳو “فرض ٿا ڪيون ته جيڪڏهن مان انڌو ٿي ويس ته پوءِ؟
ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڪيئن ٿيندو؟
زندگي ڪيئن گذرندي؟
ڇا ۽ ڪيئن محسوس ڪندس؟
هن اکيون ٻوٽي آس پاس ڏٺو.
ڪجهه به نه هو. رڳو اونداهه هئي. خالي پڻو هو. هڪ ٿلهو سفيد وڏو زمين کان آسمان تائين تاڻيل پردو هو! جنهن جي آر پار ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. سڀ منظر گم. رنگ ختم. آواز انڌا ۽ لهجا گونگا. دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳس. اکيون کولي ڇڏيائين. گم ٿي ويل دنيا موٽي آئي. آواز. رنگ. لهجا ۽ منظر جاڳي پيا. ”او ماءِ گاڊ“ هن ڌڙڪندڙ دل ۽ خشڪ چپن سان چيو.
”روشني زندگي آهي!“
”روشني ناهي ته زندگي ناهي!“
”کيس پنهنجو ڳوٺ ياد آيو. ڳوٺ ۾ رهندڙ اها پڦي ياد آئي، جيڪا هاڻي اکين کان انڌي ٿي وئي آهي. هڪ کٽ تي ويٺي آهي. هلڻ چلڻ کان هلاک آهي. ڪڏهن ان جي رات هوندي هئي! رڳو وڏي گهر جي گهر ڌڄاڻي ئي نه هئي، پر ڄڻ راڄ راڻي هئي. پنج پٽ، ست ڌيئر. اُن جون پليون. مڙس پاڻيءَ واري کاتي ۾ ٽنڊيل. پاڻيءَ جو پيسو لاپا لايون. ٻني ٻارو. هڪڙو باغ. انب ڄمون، ٻيريون، زيتون مالٽا، اوطاق سدائين مهمانن سان ڀريل. چلهه سدائين ٻرندڙ، هر وقت ديڳڙا ۽ دانگيون چڙهيل. چانهين جا هنڊا ڌار ته شربت ٿادلون الڳ. وقت گذريو. حالتون بدليون. مڙس گذاري ويو. اولاد پنهنجي رُد خُد وارو. ڪُنو ڪُني کان ڌار. هوءَ پوڙهي ٿي وئي ته شگر ۾ وٺجي نور کان محروم ٿي وئي. هو جڏهن به ڳوٺ وڃي ته پڦئنس وٽ ضرور وڃي، وڃڻ ۾ دير ڪري ته نياپي مٿان نياپو. هڪڙو ٻار وڃي ته ٻيو اچي. وڃيو ڀاڪر پايو مليس ته صدقو صدقو چيو جيو پيئي.
هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليو پئي ڳالهائيس. ڄڻ هٿ زنده هجنس. آڱر آڱر اک هجيس. جن سان پئي ڏسندي هجيس. جاچيندي هجيس. چهرو ۽ خدوخال پئي ڳوليندي ڦولهيندي هجيس!
اٿڻ مهل هو هڪڙو هٿ سندس هٿ مان ڇڏائي کيسي ۾ وجهندو ۽ سئو سئو جا ڪجهه نوٽ ڪڍي. هٿ تي رکندس.
“اڙي ابا. هي ڇا پيسن جو ڇا ڪريان. مان ڪو توکي پيسن لاءِ ٿورئي سڏرائيندي آهيان. مون کي ته تنهنجي سڪ لڳندي آهي.”
“هائو. پڦي. پيسن جي ڪهڙي اوقات آهي. هيءَ ته مڙئي تو لاءِ خرچي آهي. تون به ته خرچيون ڏيندي هيئن. بٽائي ٿيندي هئي ته اَن جا جهول ڀري ڀري ڏيندي هيئن ته وڃي دڪان تان ڀڳڙا ۽ ريوڙيون يا ڪتل وٺو. هان ياد اٿئي نه پڦي. هُو سندس هٿ کي زور ڏيندي ياد ڏيارڻ جي لاءِ چوندو.
ته هوءَ جنهن يڪو پئي ڳالهايو هوندو. صفا ماٺ ٿي ويندي. جهڙو بوتو.
“ها. ابا. اهو. زمانو ڪو وسرندو ڇا؟” لفظ لفظ ڪري ڳوري آواز ۾ ڳالهائيندي. بي نور اکين مان ٽپ ٽپ ڳوڙها وهي ايندس! ان ڏينهن به هو اکيون اگهندو کائنس موڪلائي ٻاهران نڪري آيو ته دل ۾ سوچيائين “فرض ٿا ڪريون ته ايندڙ عيد کان اڳ پڦي پنهنجي بي نور اکين سميت دنيا مان هلي وڃي ته پوءِ”
۽ پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏنائين “ته پوءِ آئون سندس وڇوڙي تي هڪ اداس ڪهاڻي لکندس” جنهن جو نالو “ارڙهين ڪهاڻي جي اداسي رکندس” کيس فرض ڪيل ڳالهين جو ڪهاڻي بڻجڻ ڏاڍو سٺو پئي لڳو.
هو ڀڻڪڻ لڳو “شايد ماڻهو ڄمندا به ۽ مرندا فرض ڪيل ڳالهين جي نتيجي ۾ آهن، يعني والدين ٻارن جو ڄمڻ فرض ڪندا آهن ۽ ٻار ڄمي پوندا آهن. ٻار والدين جو مرڻ فرض ڪندا آهن ته سندن ماءُ پيءَ مري ويندا آهن”
سترهين ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي استاد ڀيرو موچيءَ جي خود ساخته اڪيلائيءَ ۽ نم جي ٽاريءَ تي ويٺل ڪوئل جو ذڪر ڪندي هُو ان ڳالهه تي پهتو ته ڇڳل جتيون ڳنڍيندي ڳنڍيندي ڪالهه ڀيرو موچي جي ساهه جو سڳو ڇڄي پيو آهي!
کيس نم جي جهوني وڻ جي يادگيري اچي وئي.
هن جي ارڙهين ڪهاڻي لکي پين کيسي ۾ رکندي پاڻ کي نم جي جهوني وڻ هيٺان پٿراڻيءَ تي ويٺل ڏٺو. سندس چپن تي مُرڪ هئي. ساڳي وڏن شهپرن جي اوٽ ۾ لڪل ڀيرو ميگهواڙ واري اداس ۽ پُراسرار مُرڪ!
***