خانا فرھنگ ايران حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اڄوڪي سيمينار کي موضوع جي حوالي کان منهنجي خيال ۾ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) عطار جي ڪتاب پندنامه جي سنڌي ترجمي جي ڪتاب “نصيحتون عطار جون” جي مهورتي تقريب. (2) “خواجه فريد الدين عطار جا سنڌي ادب تي اثر.”
خواجه فريدالدين عطار ايران جو مشهور صوفي بزرگ شاعر ۽ نثر نويس، جنهن جي ڪيترن ئي ڪتابن جا دنيا جي تمام گهڻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. سنڌي ٻولي ۾ به سندس ڪافي ڪتاب ترجمو ٿيا آهن، جن ۾ پندنامه به شامل آھي، جنهن جي اڄ مهورتي تقريب ٿي رهي آهي. اِن کان اڳ به اِهو ڪتاب سنڌي ۾ 9 ڀيرا ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ ديني مدرسن جي نصاب ۾ پڻ شامل رھيو آهي. مون پندنامه جا سنڌي ۾ اڳ ٿيل ترجما ته نه پڙهيا آهن، پر پندنامه جي موجوده ترجمي نگار سجاد نظاماڻي جي مطابق سندس ڪيل هي ترجمو سادي سلوڻي ٻولي ۾ آهي. ان ۾ ڪو شڪ به نٿو ٿي سگهي، جو وقت گذرڻ سان گڏ ٻولي به ارتقا پذير هوندي آهي ۽ اُن ۾ ايندڙ تبديلي فطري آھي. سماجي بيهڪ، معاشي تبديلي ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي داخلا سبب ٻولين جا ڪافي لفظ به استعمال هيٺ نه رهندا آهن ۽ ماضي جو حصو بڻجي ويندا آهن، جيئن لطيف يا ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري ۾ استعمال ٿيل کوڙ سارا لفظ هن وقت استعمال ۾ ناهن رھيا. سجاد نظاماڻي جو عطار جي فارسي شاعري جي ڪتاب “پندنامه” جو “نصيحتون عطار جون” جي عنوان سان ڪيل ھي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ھِن دور ۾ مروج سادي سلوڻي ٻولي ۾ آهي، جنهن لاءِ هُو بيشڪ جس لهڻي. بهرحال منهنجي ھن ڪتاب جي باري ۾ هڪ راءِ آهي جنهن سان ڪتاب جو مترجم يا ٻيو ڪير به اختلاف ڪري سگهي ٿو ته، اُها اِها آهي ته، جيئن ته هن وقت تائين پندنامه جا جڏهن سنڌي ٻولي ۾ مختلف اديبن جا ترجمو ٿيل 9 ڪتاب اڳ ئي موجود آهن، ته بجاءِ اُن کي ٻيهر ترجمي ڪرڻ جي، ان ڪتاب جي موضوع تي تحقيقي حوالي کان ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪو ڪتاب لکيو وڃي ها، ته اُهو سنڌي ادب ۾ هڪ واڌارو ٿئي ها ۽ ادبي کيتر ۾ هڪ الڳ جاءِ والاري ها. منھنجي ٻي راءِ اِھا آھي ته پندنامه عطار جو فارسي شاعري جو ڪتاب آھي، اُن کي مترجم نثر ۾ آڻڻ جي بجاءِ، جي شاعري جا ويس وڳا پھرائي ھا ته اڃان به بھتر ٿئي ھا. ڇاڪاڻ جو شاعري جو نثري ترجمو ڪڏھن به شاعري جي حسن جو صحيح عڪاس ٿي نٿو سگھي. ھونئن به ڪنھن به ٻيِ ٻولي جي شاعري کي پنھنجي ٻولي جي شاعري ۾ پڙھڻ جو چس ۽ مزو ئي پنھنجو آھي.
شيخ فريدالدين عطار 1145ع ۾ ايران جي شھر نيشاپور ۾ ڄائو ۽ 1221ع ۾ چنگيز خان جي سپاھين طرفان نيشاپور ۾ برپا ڪيل بربريت ۾ قتل ڪيو ويو. ايران جي ھِن وڏي صوفي شاعر پنھنجي زندگي جو وڏو عرصو نيشاپور ۾ گذاريو ۽ ھُن جو مقبرو به نيشاپور ۾ واقع آھي. شيخ فريدالدين عطار حڪمت جو ڪم ڪندو هو ۽ عطر جو دڪان به هلائيندو هو، جيڪو سندس مائيٽاڻو پيشو به ھو. عطر جي ڪاروبار پويان ئي سندس نالي سان عطار ڳنڍجي ويو. هُن جي هڪ درويش جي ڪيل نصيحت اهڙي ڪايا پلٽي جو هُو پنهنجو دنياوي ڪاروبار تياڳ ڪري حق ۽ سچ جي راهه تي نڪري پيو، بلڪل ائين ئي جيئن برصغير ۾ صوفي ازم جي وڏي مفڪر گرونانڪ پنهنجو مال ملڪيت ۽ ڪاروبار تياڳي فقيري اختيار ڪئي. شيخ فريدالدين عطار پنھنجي جنم ڀومي ايران کان علاوہ سعودي عرب، شام، عراق، مصر، انڊيا ۽ وچ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ اُتي جي صوفين سان ميل ميلاپ ڪري مشاھدو ماڻيو. ھڪ اندازي موجب ھُن نثر توڙي شاعري ۾ ڪُل ملائي 114 ڪتاب لکيا جن مان 30 ڪتاب ھن وقت منظر عام تي آيل آھن، جن ۾ منطق الطير، اسرار نامه، شرح القلب، مصيبت نامه، جواھر نامه، الاھي نامه، تذڪرت الاولياءُ، خسرو نامه، مختيار نامه، ديوان ۽ ٻيا مشھور ڪتاب شامل آھن. حيرت جي ڳالھ اِها آهي ته هيڏو وڏو عالم ۽ ناليوارو شاعر شيخ عطار، تنهن کي به اسان جي خطي متعارف ڪونه ڪرايو ۽ هُن جو قلمي پورهيو ڪافي وقت تائين دنيا جي نظرن کان اوجھل رهيو. 12 صدي جي هيڏي وڏي شاعر کي جڏهن اوڻيهين صدي ۾ ايڊورڊ فريڊ جيوارڊ سندس ڪتاب “منطق الطير” جوConference of Birds جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ته سڄي دنيا ۾ سندس هاڪ مچي وئي ۽ اُن کانپوءِ سندس ڪيترائي ڪتاب دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا. اسان جي ڌرتي تي به لطيف، سچل ۽ خليفي نبي بخش جهڙا ان پايي جا اعلىٰ شاعر موجود آهن، پر افسوس جو اُنهن کي دنيا ۾ اُها فني مڃتا ناهي ملي سگھي، جنھن جا اُھي حقدار آهن. اُن ڪوتاھي ۾ جتي بطور فرد جي اسان جو ڏوهه به آهي ته اُن کان وڌيڪ ان ۾ اسان جي ٻولي ۽ ادب جي ادارن جي نااهلي به شامل آهي جنھن کان قطعي انڪار ڪري نٿو سگھجي. حيرت ۽ افسوس جي ڳالھ اِھا آھي ته انھن ٻولي ۽ ادب جي ادارن وٽ پاڻ وڻائڻ ۽ فضول پروگرام ڪرائي پنھنجي معتبري جتائڻ لاءِ ته فنڊ موجود آهن، پر ٻولي ۽ ادب جي فروغ لاءِ ڪابه منصوبابندي موجود ناهي.
عطار جي پندنامه ۾ آيل شاعري جا بند جن جو مترجم سادي سلوڻي نثري ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي، اُنهن مان ڪجهه حوالي طور عرض رکجن ٿا:
1. جيڪو به نفس جو پيٽ ڀريندو آهي،
کيس گناهه ڪرڻ ۾ دلير ڪندو آهي.
2. جيڪو به عطار جي ويجهو گهمندو آهي،
اُهو خوشبو مان حصو حاصل ڪندو آهي.
3. عقلمند جو ڪم ئي چپ رهڻ آهي،
جاهلن جو ڪم نظر اندازي ۽ ويسر آھي.
4. جنهن به ڪنهن انسان جو دل زخمي ڪيو،
ڄڻ ته پنهنجي ئي وجود کي وڍي ڦٽ ڪيائين.
منهنجي مترجم جي ٻولي تي اها تنقيد آهي ته مٿي ڏنل شعر ۾ “انسان جو دل” جي جاءِ تي “انسان جي دل” هئڻ کپي. وري هيٺين سٽ ۾ آهي، “ڄڻ ته پنهنجي ئي وجود کي وڍي ڦٽ ڪيائين” جي جاءِ تي “پنهنجي ئي وجود کي ڦٽي وڌائين” ھئڻ گھرجي. اھڙيون ننڍيون وڏيون گرامر ۽ ٻولي جي استعمال جون غلطيون ترجمي ٿيل ڪتاب ۾ ٻين ھنڌن تي به نظر اچن ٿيون. اھا منهنجي ذاتي راءِ آهي ۽ حرف آخر قطعي ناھي، جنهن سان ڪير چاھي ته اختلاف ڪري سگهي ٿو. منهنجي ٻيِ راءِ اِھا آھي ته، ڪنهن به ٻولي مان جڏهن ترجمو ڪجي ته ضروري ناهي ته هوبهو يا لفظ به لفظ ڪجي، جيئن ھِن ترجمي ۾ محسوس ٿي رھيو آھي. هر ٻولي جو مزاج، محاورا ۽ تشبيهون وغيرہ پنهنجيون هجن ٿيون، جن کي ٻي ٻولي ۾ ساڳيو رکڻ ممڪن ئي ناهي. انهي ڪري ترجمي لاءِ ضروري آهي ته اُن کي پنهنجي ٻولي جا ويس وڳا پارائي ۽ ڪاسٽيوم سجائي سونهن بخشجي.
شيخ فريدالدين عطار جي شاعري سماجي اخلاقيات، مروجه سماجي قدرن سان بغاوت، عاجزي، پاڻ وڃائڻ ۽ حق ۽ سچ جي راهه جي ڀرپور عڪاس آهي. موضوع جي ٻئي حصي تي اچڻ کان اڳ آئون ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته، عطار جي شاعري توڙي صوفياڻي طرز زندگي تي جتي فردوسي، منصور حلاج ۽ بايزيد بسطامي جو اثر آھي، ته اُتي وري ايران جي وڏن شاعرن حافظ شيرازي ۽ جامي جي شاعري ۾ عطار جي شاعري جا اولڙا پسي سگھجن ٿا. مولانا رومي جنھن جو ايران ته ڇا، پر دنيا جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، سو به شيخ عطار کي پنهنجو استاد ڪري مڃي ٿو. اسان جو لطيف سائين به رومي کان گهڻو متاثر رهيو ۽ هُن جا ڪيترائي بيت رومي جي مثنوين جو هوبهو ترجمو آهن. نه صرف اھو، پر اسان جي هِن خطي جا صوفي بزرگ ۽ شاعر ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، خواجه فريد، بابا بلي شاهه وغيره به پنهنجي دور جي اڳ جي درويش شاعرن کان متاثر رهيا آهن ۽ انھن درويشن کان بعد جي شاعرن وري انھن جو اثر قبوليو آھي. جيڪڏھن برصغير، ايران، آزربائيجان ۽ ٻين خطن جي صوفي شاعرن جي شاعري جي پرک يا ڀيٽ ڪجي ته سواءِ مختلف ٻولي، تشبيھن، محاورن ۽ ماحول جي، باقي انهن سڀني جي شاعري جا نه صرف موضوع تقريبن ساڳيا رھيا آهن، بلڪه اُنھن ۾ درد جو پڙلاءُ، من اندر جي خوشي ۽ پوري عالم لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ پيار جو درس ۽ پيغام به ساڳيو رھيو آھي. اسان جو سچل سرمست ته شيخ فريد الدين عطار کان نه صرف ڪافي متاثر هو، پر هُن کي پنهنجو مرشد ڪري مڃيندو هو. سچل سرمست فرمائي ٿو:
عطار نه بود آنکهه خدا بود
او پاڪ وجود، آنکهه بود خدا بود
وري ٻئي ھنڌ چوي ٿو:
گرد عطار گشت مولانا
ما از بھ ثنائي و عطار آنکهين
يا وري سندس هي شعر:
اي دلا خوشبوز شهه عطار جانم رسيد
آن زمانه يڪ بارڪي از، ڪفر دين مارا ڪشيد
ترجمو عطار نه هو، هُو خدا هو، هُو پاڪ وجود هو، هُو يگانو محبوب فريد نالو رکي آيو، پر عشق ڪيائين ته خدا ٿي پيو. عطار جي خوشبو منهنجي جان ۾ پهچي چڪي آهي. هن ڪيترائي ڀيرا مون کي دين ۽ ڪفر کان ڇڪي ورتو آهي.
سنڌي ادب تي صوفي ازم جو وڏو اثر رهيو آهي، جي اسان جو شاهه لطيف، مولانا رومي ۽ سچل سرمست، عطار کان متاثر رهيو آهي ته، موجودہ دور ۾ اسان جا ڪافي اديب ۽ شاعر به صوفياڻي فڪر سان واڳيل آهن. امر جليل جا کوڙ سارا ڪالم ۽ ليڪچر ۽ ڪهاڻيون جن ۾ “سرد لاش جو سفر” شامل آهي، يا وري حسن درس جو هي نظم، “قونيا ۾ ڪيف وارو رومي جو رقص آهي، هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي،” صوفي ازم جي فڪر جو تسلسل آهن. اسان جي نثر توڙي شاعري تي نه صرف ايراني صوفي شاعرن جو اثر آھي، پر اُن تي برصغير جي صوفي شاعرن ڀڳت ڪبير، بابا گرونانڪ، بُلي شاھ، بابا فريد ۽ ٻين صوفي شاعرن جو به ڪافي اثر رھيو آھي. سنڌي ادب جي نثر ۽ خصوصن شاعري تي صوفي ازم جي اثر جي حوالي کان کوڙ سارا ٻيا مثال ۽ حوالا به ڏئي سگھجن ٿا، پر مقالي جي طويل ٿيڻ ڪري في الحال ان تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاھيان. ٻئي ڪنھن ڀيري، ٻئي ڪنھن مقالي ۾ سنڌي ادب تي صوفي ازم جي اثرن تي حوالن ۽ مثالن سان تفصيلي بحث ڪبو. هي ته سڄو تفصيل ٿيو عطار جي قلمي پورهئي ۽ سنڌي ادب تي صوفي ازم جي اثرن جي حوالي کان، پر آئون اِن موضوع جي تسلسل کي اڄ جي دور جي حوالي کان وڌائيندي ڪجهه چوڻ چاهيندس.
ڇا اڄ جو صوفي ازم ماڻهن جي امن آشتي، خوشحالي، روحاني تسڪين ۽ سماجي سيٽ اپ ۾ به پنهنجو اُهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪو شيخ فريد الدين عطار، رومي، بابا بلي شاهه، بابا فريد، گرونانڪ يا شاهه عنايت شهيد وغيرہ پنهنجن دورن ۾ ڪيو؟ آئون اِهو مڃان ٿو ته بيشڪ صوفي ازم انسانن جي وچ ۾ مذهبن جي نالي ۾ نفرتن يا هڪڙي ئي مذهب جي مختلف فرقن ۾ نفرتن کي، نه صرف گهٽ ڪيو، پر انسانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت خلاف ڀرپور آواز به اُٿاريو. اُن کانسواءِ صوفين ماڻھن کي نفرتن کي وساري محبتن جو جهان جوڙڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ماڻهن کي روحاني سڪون پهچائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو، پر ڇا اڄ صوفي ازم ان پوزيشن ۾ آهي جو اُهو انسان ذات جا مسئلا حل ڪري انسان کي ابدي ۽ روحاني سڪون پهچائي سگهي؟ جِن آستانن تان ڪنھن زماني ۾ حق ۽ سچ جي ڳالھ ٿيندي ھئي، اڄ انهن صوفي درويشن جون درگاهون جهالت ۽ ڦر ڦران جا آکاڙا بڻيل آهن ۽ اڄ دنيا تياڳي جو مطلب رڳو پنڻ ۽ ويهي کائڻ وڃي بچيو آهي. صوفي ازم ۽ روحاني سڪون جي نالي ۾ هڪڙو ناڪارا، ٽوٽي، سماج کان ڪٽيل مدي خارج فرد پيدا ٿيو آهي، جيڪو گيڙو ويس ته ڍڪي ٿو، پر جنهن جو هئڻ يا نه هئڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي. ھن وقت صوفي ازم جو ڪارج سواءِ گادي نشينن جي ڀڀ ڀرڻ، جھالت ۽ وھم وسوسا ڦھلائڻ ۽ سماج کي پوئتي ڌِڪڻ جي ٻيو ڪجھ رھيو ئي ناھي.
اوڻيهين صدي ۾ سائنس جي پاڻ ڀرو ٿيڻ (پير کوڙڻ) کانپوءِ ۽ خصوصن ايڪيهين صدي ۾ سائنس جي تيز رفتاري ۽ ترقي سان، سائنس فطرت جي انيڪ رازن تان پردو کڻي چڪي آهي ۽ صوفين جو ڪائنات بابت پراسراريت جو نظريو (نقطهءِ نظر)، يا ايتري قدر جو انساني وجود جي هئڻ نه هئڻ مثلن: “بليا ڪي ڄاڻا مين ڪون” يا “انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بڻايا” وغيره بابت ھاڻي گهڻو ڪجھ معلوم ٿي چڪو آهي. جيئن جيئن سائنس فطرت جي ڳجھن ۾ ھٿ پائيندي اُن جي اصليت ۽ انت کي ڄاڻي، منجھيل سُٽ سُلجھائي رھي آھي، تيئن تيئن ماڻھو صوفي رمزن، روحاني رازن ۽ تصوراتي دنيا کي خير آباد چوندي مادي حقيقتن ڏانھن وڌي رھيو آھي. تنھنڪري اچو ته هاڻي دنيا سان ھم آھنگ نون فڪرن سان هلون ۽ سائنسي سوچ ۽ ڄاڻ جي روشني ۾ خام خيالي مان نڪري نئين دنيا اڏڻ ۾ پنهنجو حصو ملايون.
منهنجي چوڻ جو مقصد اهو قطعي ڪونهي ته انهن درويشن جو پورهيو ڪو مدي خارج ٿي چڪو آهي. منهنجو مطلب اِهو آهي ته بيشڪ اهي درويش پنهنجي دور جا وڏا سماج سڌارڪ (رفارمسٽ) ۽ ترقي پسند هئا. پر اڄ جڏھن سماجي قدر بدلجي چڪا آھن ۽ سماجي معيشت ۽ سيٽ اپ ۾ نوان اصطلاح عام ٿي رھيا آھن ته اسين لڪير جا فقير نه ٿيندي، انهن صوفي درويشن جي فڪر جي تسلسل ۾ سائنسي انداز ۾ سوچڻ جا نوان گس ڳولهيون، بلڪل ائين جيئن اسان ڪنهن دور ۾ سي ڊي استعمال ڪئي، پوءِ فلاپي، هاڻي يو ايس بي ۽ اڳيان جيڪو ڪجهه نئون ايندو، اُهو استعمال ڪبو. اِهي بزرگ جيڪي اسان جو شاندار ماضي آھن، اسان جي سماجي ترقي ۽ اوسر جو بنياد آهن، جن جي پورھئي مان مستفيض ٿيڻ کانسواءِ ترقي ۽ روشن خيالي جي عمارت مٿي کڄڻ جو تصور ئي اجايو آهي، پر ان جو مقصد اھو قطعي ناھي ته اسين اُنھن جي پورھئي ۽ سکيا کي ڪُل مسئلن جو حل سمجھي، اُن تي ھرو ڀرو اڙ (ٽِڪ) ٻڌي بيٺا رھون. تنهنڪري اچو ته شيخ عطار، فريد، بلي شاهه، لطيف، سچل… جي قلمي پورهئي مان ڄاڻ وٺندي سائنس ۽ جديد فڪرن جي روشني ۾ ھِن دور جي قدرن، تقاضائن ۽ ضرورتن کي ذھن ۾ رکندي نئون سماج اڏيون، جيڪو اسان کي مادي توڙي روحاني سڪون بخشيندو ۽ دنيا امن جو گهوارو بڻجي ويندي. اچو ته انڌ وشواس ۽ تقليد پرستي کي خدا حافظ چئي سائنسي سوچ کي اپنائيندي اڳتي وڌون ۽ ماضي جي فڪرن ۽ نظرين مان جيڪي شيون (نُڪتا ۽ نصيحتون) ھلندڙ وقت ۽ حالتن سان ٺھڪي اچن، اُھي ساڻ کڻون ۽ جيڪي شيون (نُڪتا ۽ نصيحتون) ھلندڙ وقت سان ٺھڪي نه اچن، اُنھن کي ڇڏي ڏيون ۽ اھڙي ريت نون قدرن سان آشنا ٿي نوان فڪر ۽ نوان نظريا جوڙيون، جيڪي اسان جي نه صرف رھنمائي ڪري سگھن، بلڪه ھڪ اھڙو نئون سماج جوڙڻ ۾ مدد ڪن، جنھن ۾ سک امن، آشتي ۽ سڄي جڳ جھان جي خوشحالي ۽ ڀلائي ھجي.
(خانا فرھنگ ايران حيدرآباد
۾ ٿيل سيمينار ۾ پڙھيل مقالو)