موسيقي، سنڌي ثقافت جو هڪ اهم شعبو آهي. سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ثقافتي رنگن جي نسبت سان پنهنجي انفراديت رکي ٿي ۽ هتان جا ماڻهو سر جا ايترا مشتاق آهن، جو سونهن ۽ سُر تي سِر ڏيئي ڄاڻن، دنيا ۾ اهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي، جو هڪ راجا (سنڌ جو راءِ ڏياچ) ساز تي پنهنجو سِرُ قربان ڪري ڇڏي!
راڳ سنڌي ماڻهن جي روح ۾ رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي راڳين ۾ پنهنجي آواز توڙي ڏيک جي نسبت سان انفراديت رکندڙ راڳي سهراب فقير، صوفين جي هن ديس جي سڃاڻپ هو. صوفياڻي راڳ ۾ ڪلاسيڪي رنگ سان، هم آهنگ ٿي، جڏهن به سهراب فقير جون صدائون گونجيون ته ٻڌندڙن تي وجد جي ڪيفيت سان گڏ هڪ سحر ڇانئجي ويندو هو.
هُنَ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ پنهنجي آواز جي معرفت اُنهن جي فڪر کي جهر جهنگ پکيڙيو. ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ جي ثقافتي سفير طور هُن، پنهنجي ديس جو نالو روشن ڪيو. هو هڪ گڻائتو فنڪار ۽ يار ويس انسان هو. مزاج ۾ صوفي هو، تنهنڪري هر قسم جي لوڀ لالچ کان پري هو. پنهنجي فن سان سچو هو ۽ آخر تائين پنهنجي فن سان نڀائيندو آيو. ڏات هن کي ڏک به ڏنا، پر هن وٽ شڪايت ڪنهن لاءِ ڪانه هئي. هن سنڌ جي ثقافت کي گھڻو ڪجهه ڏنو، موٽ ۾ سنڌ جي ماڻهن هن کي عزت ۽ محبت ڏني. اهو ئي هن جو سرمايو ۽ پونجي هئي.
”ڏات اسان تي ڇانو نه ڪئي، پر نانوَ ٿيا مشهور“
سهراب فقير ولد حمل فقير ولد سهراب فقير جا وڏا اصل راجسٿان ۾، جيسلمير شهر کان 50 ڪلو ميٽر ٻاهر تعلقي کڏار جا رهواسي هئا ۽ اتي ڀيا ۽ مهر قبيلن جا راڄوڻي فقير هوندا هئا. سهراب فقير جي خاندان جو دارومدار سڪار ۽ ڏڪار جي حالتن مٿان هوندو هو. جڏهن راجسٿان ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي هئي ته هو سنڌ طرف هليا ايندا هئا ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ مزو نه ايندو هئن ته راجسٿان هليا ويندا هئا. آخرڪار اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ سندس خاندان راڻيپور ڀرسان ڀيلارن جي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ سندس مٽ مائٽ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ رهندا هئا ان ڪري سهراب فقير جا وڏا ڪڏهن ڀيلارن ۾ ته ڪڏهن ٽالپر وڏا ۾ رهندا هئا ۽ راڄن جون شاديون ۽ خوشيون ڳائيندا وڄائيندا هئا. سندس همعصر ماڻهن جو ته اهو به چوڻ آهي ته سهراب فقير جو جنم به ڀيلارن ۾ ئي ٿيو هو، پر فقير پاڻ ٻڌائيندو هو ته هو ٽالپر وڏا ۾ 1937ع ڌاران ڄائو هو. سهراب فقير جو والد حمل فقير ۽ سندس چاچا اهي سڀ قبلا طالب الموليٰ جن جا مريد هوندا هئا، پر پاڻ سهراب فقير تعلقي فيض گنج ضلعي خيرپور جي هڪ درويش خوش خير محمد فقير جي فرزند دُر محمد فقير هيسباڻيءَ جو نه رُڳو مريد ٿيو، پر خاص طالب بڻجي ويو.
ساز ۽ سُر سهراب فقير کي ورثي ۾ مليا سندس پيءُ حمل فقيرــ سندس چاچا محرم فقير ۽ زوار پير بخش فقير ڳائيندا به هئا ۽ مختلف ساز به وڄائيندا هئا. حمل فقير طبلو باجو ۽ سارنگي وڄائڻ جو ماهر هوندو هو ۽ ان وقت جي مشهور ڳائڻن سان سنگت ڪندو هو. سهراب فقير پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اهي ساز وڄائڻ لڳو. سندس آواز ڏاڍو سريلو هوندو هو، پر پوءِ به هن ساز وڄائڻ سان شوق رکيو. سهراب فقير طبلي تي مهارت حاصل ڪئي ۽ ٿورا ٿڪا ڳائڻ جا گُر به سکيا، پر هو عنايت علي فقير سان طبلو وڄائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به هو ته وري تراب علي شاهه ساڻس طبلي تي سنگت ڪندو هو. هن اسڪولي تعليم ٻن ٽن درجن تائين حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي راڳ طرف مائل هو. موسيقيءَ سان سهراب فقير جو وڌندڙ شوق ڏسي، سندس والد کيس روهڙيءَ ۾ خانصاحب کيتي خان جي حوالي ڪيو هو، جنهن کان هن راڳ جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي. شروع ۾ سهراب فقير استاد کيتي خان سان گڏ طبلو وڄائيندو هو.
سهراب فقير باقاعدي ڳائڻ شروع ڪيو، باجو ڪلهي تي جِتي به ڪو ميلو مچي سهراب فقير حاضر ٿيندو رهندو هو، ان وقت ايتريون سواريون ڪونه هونديون هيون پوءِ ڀرپاسي جي محفلن ۾ ڪڏهن گهوڙو ته ڪڏهن گڏهه جي سواري. جڏهن عنايت علي فقير وفات ڪئي ته پوءِ سهراب فقير اڪيلي طور ڳائڻ بند ڪري هڪ سنگت جي صورت ۾ ڳائڻ لڳو. شروع ۾ جيڪي فنڪار سهراب فقير سان سنگت ۾ گڏ ڳائيندا هئا ته تن ۾ غلام مصطفيٰ مڱڻهار ۽ سندس ٻه ڀاڻيجا غلام عباس ۽ غلام حسين به شامل هوندا هئا. بعد ۾ قلندر بخش خاصخيلي به سندس شاگرد بڻيو ۽ سندس سنگت ۾ شامل ٿي ويو، اڳتي هلي سهراب فقير ٻيا به ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جن ۾ گلبهار جويو، جمال الدين فقير، اياز ملاح ۽ سيد باقر شاهه تمام گهڻو مشهور ٿيا. ٽالپر وڏا ۾ علي محمد فقير جي ميلي محفل ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ريديو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر الله بخش شاهه بُخاري ۽ ميوزڪ پروڊيوسر نصير سومرو سهراب فقير کي ٻڌو ۽ کيس ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ چونڊي ورتو. سهراب فقير سڀ کان پهرين ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام “سهڻي ڌرتي” ۾ غمدل فقير جي سرائيڪي ڪافي “گليان پريم نگر ديان” رڪارڊ ڪرائي. تنهن کانپوءِ پروڊيوسر جهانگير قريشيءَ سهراب فقير جا ڪيترائي ڪلامَ رڪارڊ ڪيا. سهراب فقير ٽي وي تي نيوز پوڊيوسر اختر ٽالپر معرفت سڀ کان پهرين ڪچهري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڀ کان پهرين ڪافي ڳايائين ان جا ٻولَ هئا “ڌاري ڇڏي ڌار اوهين پنهنجي وطن وڃو ٿا” ۽ ٻيو ڪلام ڳايائين “رخ رانجھن ماهه منير هويا.”
فقير جهڙو سُرن جو سخي تهڙو هٿ جو کليل سندس گهر ڪچو ۽ لوڙها- ڇپر ۽ ڇنا- ته 92-1991 جي ڳالهه آهي، خانڳڙهه ۾ غلام محمد خان مهر جن وٽ محفل متل هئي جنهن ۾ عابده پروين به موجود هئي ان ۾ سهراب فقير جي محفل ايتري ته لڳي جو پنجاهه ۽ سَئوَ جي نوٽن کان گهٽ گھور نه پَئِي پَئَي، سندس چوڻ موجب ان محفل ۾ کيس لڳ ڀڳ پوڻا ٻه لک رپيا گهور پئي، هن اهي سڀ پئسا سازندن ۽ فقرائن ۾ ورهائي پنهنجو حصو کنيو.
ممتاز مرزا صاحب ۽ حميد آخوند صاحب جي پارس نظر کيس ڏسي ورتو. هنن ته سهراب کي سنڌ مان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو. هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ توڙي ملڪ کان ٻاهر لنڊن، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، فرانس، اٽلي، ڊيمنارڪ، سوئيٽزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ هندستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو. کيس شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ قلندر شهباز جي سالياني عرس جي موقعي تي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. سندس فن جي مڃتا ۾ کيس صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، لعل شهباز قلندر ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان خيرپور ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترا ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ مليا.
هو پاڻ سادو هوندو هو، پر کاڌو به سادو کائيندو هو. هو وَڌ ۾ وڌ اڌ ماني کائيندو هو، گوشت سان سندس اصل نه پوندي هئي. ڀينڊيون، ڏارو ۽ مڱن جي دال سندس پسنديده کاڌو هوندو هو. ڳائڻ ۾ محمد جمن کي وڌيڪَ پسند ڪندو هو ۽ سندس ڪيترين ئي ڌنن کي سلام پيش ڪندو هو. اردوءَ ۾ افشان کي شوق سان ٻڌندو هو. سهراب فقير هڪ گلوڪاره سان پيار به ڪيو. کيس سُر سهڻيءَ سان دلي عشق هوندو هو، سورٺ ۽ راڻي کي به پسند ڪندو هو. ڀيرويءَ لاءِ چوندو هو ته اها سدا سهاڳڻ راڳي آهي.
سهراب فقير راڳداريءَ جي جهان کانسواءِ سماجي فلاحي ۽ خدمتي ڪمن جي حوالي کان به پنهنجي تر ۾ مشهور هو. ٽالپر وڏا جي ڪچي گهر ۾ ميراثي برادريءَ جي وچ ۾ گذارڻ دوران پنهنجي ذات وارن مٽن مائٽن جي ٻارن کي پڙهائڻ جو شوق جاڳڻ تي سرڪاري ڪامورن کان وڏي ڪوششن کانپوءِ ميراثي محلي ۾ پرائمري اسڪول کولرايو. جِتي اڄ به ميراثين، مڱڻهارن، چنن ۽ ٽالپرن کانسواءِ ٻين ذاتين جا 200 جي لڳ ڀڳ ٻارَ تعليم پرائي رهيا آهن، انهيءَ اسڪول جو نالو به سهراب فقير پرائمري اسڪول رکيو ويو آهي، جِتي اٺ استاد علم جي جوت جڳائي رهيا آهن. ڪو وقت هو جڏهن هي صوفياڻو بادشاهه گائڪ محفلن کان موٽندو هو ته پئسن جا جھول ڀريل هوندا هئا ۽ فقير غريب، فقرائن ۾ ٿڏي تي ورهائيندو هو. سهراب فقير جي آواز جو موت نه صرف سندس فن ۽ ڪلا جو قاتل ثابت ٿيو، پر تر جي ڪيترين بيواهه عورتن ۽ بيمار ٻڍڙين جي ساهه جو سهارو پڻ کسجي ويو. پئسي جي اڻ هوند جِتي سهراب فقير کي محتاج بڻائي ڇڏيو اتي ئي سوين جڳهن هلندڙ چلهو پڻ اجھامي ويو.
هونئن ته سهراب فقير سان ڪيتريون ئي شامون ۽ رهاڻيون رچايون ويون هيون، پر ساڻس زندگيءَ جي آخري رهاڻ لوڪ ورثا جي ڊائريڪٽر مظهر الاسلام پاران سکر ۾ ملهائي وئي هئي جنهن ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه پاران کيس 3 لک ۽ مظهر الاسلام پاران 2 لک رپيا روڪَ ڏنا ويا هئا. ريڊيو پاڪستان طرفان به کيس 25 هزار روڪ رقم امداد طور ڏني وئي هئي نه رُڳو ايترو، پر ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ هن عظيم صوفي راڳيءَ جي نالي سان هڪ شاندار گيلري به قائم ڪئي وئي جيڪا اڄ تائين قائم آهي.
سهراب فقير ٻه شاديون ڪيون. کيس پهرينءَ گهر واريءَ مان ٻه پٽ رجب فقير، نياز فقير ۽ ٽي نياڻيون هيون. جڏهن ته ٻيءَ گهر واريءَ مان ٽي پٽ حميد علي، اعجاز علي ۽ سلامت علي ۽ ٽي نياڻيون اولاد ٿيس.
زندگيءَ جي آخري باب ۾ سر هن کان رسي ويا هئا ۽ هو پنهنجي گھٽيل آلاپن سان اُنهن کي سڏيندو رهندو هو ۽ پرچائڻ جا جتن ڪندو هو، پر اهي هن وٽ موٽي نه آيا آخرڪار هو به پهنجن سرن جيان، هن ڌرتيءَ کان رسي هليو ويو. سهراب فقير جي بيماريءَ جي ڪهاڻي 1990ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي. هو جڏهن درازا ۾ سچل سائينءَ جي ميلي تي پهريون ڀيرو سچل ايوارڊ وٺي رهيو هو ته کيس دل جو دورو پيو هو، سندس شروعاتي علاج ڊاڪٽر خدا بخش ڀيلار ڪيو ۽ بعد ۾ ڪلچر کاتي پاران کيس لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو، هو کائڻ پيئڻ کان عاجز ۽ هلڻ ڦرڻ کان قاصر ٿي ويو هو، سندس اها ڪيفيت ٻه ٽي مهينا رهي، پر پوءِ فقير صحتياب ٿي آهستي آهستي وري ڳائڻ لڳو، پر ڳائڻ وقت سندس زبان ترڪندي ضرور هئي. وري 1997ع ۾ سندس مٿان فالج جو حملو ٿيو، جڏهن هو اسلام آباد ۾ لوڪ ورثي وارن جو پروگرام ڪري واپس سنڌ اچي رهيو هو.
سهراب فقير مٿان 2009ع ۾ بيماريءَ جو وري حملو ٿيو. پهريان سندس علاج ڊاڪٽر پرڀو مل، پوءِ فضل صديقي ۽ ڊاڪٽر الطاف شيخ سکر ۽ خيرپور جي اسپتالن ۾ ڪيو. بعد ۾ ڪلچر کاتي وارن کيس جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو، جِتي معلوم ٿيو ته فقير سائينءَ کي ڦڦڙن ۾ ڪينسر آهي. سندس بي بقا زندگيءَ جو خاتمو 23 آڪٽوبر جمعي ڏينهن 2009ع ۾ ٿيو.
سنڌ جي گيڙو رنگ ثقافتي اتهاس ۾ سهراب فقير جو نالو سدائين امر رهندو. سهراب فقير جي پٽن مان رجب فقير اعجاز علي ۽ سلامت علي راڳ سان دلچسپي رکن ٿا. جيستائين ڪائنات ۾ سُر سلامت آهن ۽ صوفياڻو راڳ زنده آهي هن عظيم صوفي راڳيءَ جو نالو زنده رهندو.
زندگيءَ جي جيتَ آ هر حالَ ۾، جيسين ڪو فنڪار جيئرو آ پرين.