”رستا ۽ واسطا“
سيد زوار نقوي سان تعلق جا مون کي ڪيترائي رستا ۽ وسطا آهن. هڪ شخص ۽ هڪ ليکڪ سان دلي وابستگي ۾ رستن ۽ واسطن کي ڪوشش ڪريون ٿا، ته بيان ڪريون،
اهو رات جو پهريون پهر هو مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي عمارت ۾ پرفارمنگ آرٽ سان لاڳاپيل شخصيت مصطفيٰ قريشي سان رهاڻ جي تقريب هئي. جيئن ئي مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي وسيع عمارت ۾ داخل ٿياسين ته تڏهن انهيءَ مهل ليکڪ زوار نقوي پنهنجي ڪار مان لٿو. آئون ساڻس مليس ته لڳو ته پاڻ مصروف هو شايد ۽ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي انتظامي ڪمن ۾ ڪجهه ڪم شايد سندس حوالي هئا.
مون رات جي انهيءَ پهر جي شروع ٿيڻ کي محسوس ڪيو ۽ حيدرآباد جي انهيءَ رات هوا کي به لڳو ٿي ته مستي ۾ آڻي ڇڏيو هو. انهيءَ تقريب جي شرڪت لاءِ آئون دوست محمد ايوب وساڻ ۽ وزير ميمڻ سان گڏ هئس. اڳتي موجود هئا اديب، شاعر، فنڪار ۽ فن دوست ماڻهو جن جو چڱو تعداد اتي موجود هو. سيد زوار نقوي سان انهي تقريب جي شروعات ۾ ملاقات منهنجي لاءِ سٺو سنئوڻ هو. سيد زوار نقوي سان انهيءَ ڪري به انهيءَ ملاقات مون ۾ هڪ خصوصي تاثر قائم ڪيو، جو سندس ٻه ڪتاب “ڳالهه هڪ دور جي” ۽ وفا مولا بخش جو ترتيب ڏنل ڪتاب “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي زير مطالعي هئا. هيءَ تحرير ائين چئون ته ڪتابن مان شخص جي شناس ۽ تلاش ۽ شخص مان ڪتاب جي علميت ۽ ادبيت جو ظهور ۽ تخليقيت کي ٻن طرفن کان ڏسڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هڪ ليکڪ ۽ تخليقڪار پنهنجي زندگيءَ جي وهنوار ۾ هڪ الڳ ماڻهو. سيد زوار نقوي هڪ دوست نواز شخص آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کيس ائين ڏٺو آهي. سڀ کان پهرين ٽنڊو محمد خان ۾، پوءِ حيدرآباد ۾، ٽنڊو جهانيان ۾. دادن شاهه واري سندن درگاهه جنهن جي سالياني ڏهاڙي تي آئون ڪجهه ڀيرا اتي حاضر رهيو آهيان. فقيريءَ جي سفر ۾ به مون هن کي ڏٺو آهي. فقيري پنهنجي پنڌ ۾ پنهنجو الڳ پيچرو ٺاهي ٿي. انهيءَ پنڌ ۽ پيچري ادب ۽ تخليق، شخص ۽ شناس جي ڳالهه هن تحرير جي لکڻ جو سبب بڻي آهي.
سندس ٻه ڪتاب “ڳالهه هڪ دور جي” ۽ وفا مولا بخش جي سهيڙيل اينٿالاجي “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” مون مطالع ڪيا آهن. ليکڪ کي سامهون ڏسڻ، ساڻس گفتگو ڪرڻ جا موقعا رهيا آهن. ويجهڙ ۾ سندس مذڪوره ڪتاب “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” جو مهورت بزم روح رهاڻ ۾ ٿيو. انهيءَ تقريب ۾ ئي کيس ڪجهه ڪلاڪ لاڳيتو ڏسڻ ۽ سندس گفتگو ٻڌڻ جو موقعو مون کي نصيب ٿيو آهي.
گڏوگڏ زوار نقوي جا ٻه ڪتاب مطالعي هيٺ رهيا آهن. انهن تحريرن ۾ مختلف وقتن ۾ لکيل نثر پارن ۾ هن جي تخليقيت ۽ تخيل ۽ فڪري پرواز ظاهر آهي. زوار نقوي جي ڪتابن جي ڳالهه ڪبي ۽ انهيءَ سموري عمل جي پٺيان جو شخص آهي، ليکڪ آهي، انهيءَ جي تصوير ڪشي ڪبي. هڪ ئي وقت ٻن ڪتابن ۽ انهيءَ جي ليکڪ جي شخصيت متعلق ڳالهه هڪ تحرير ۾ شايد ئي ممڪن ٿي سگهي. پر عجز ۽ نياز سان عرض ڪجي ته ڪوشش ضرور ڪبي.
سيد زوار نقوي سان تازو 2023-10-14 تي خانه بدوش رائٽرز ڪيفي ۾ ملاقات ٿي. جتي فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڏکوئيندڙ جنگي صورتحال تي هڪ علمي ۽ ادبي ويهڪ هئي. جنهن ۾ امداد چانڊيو، نرنجن، امر سنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح ڳالهائي رهيا هئا. اسين ٻڌندڙ هئاسين آئون زوار سائين سان گڏ ويٺو هئس. پاڻ انهن ڏکوئيندڙ حالتن تي جيڪي وچ اوڀر ۾ ٿي رهيو هيون گهڻو دلگير هو.
واسطا ۽ رابطا ڪنهن اهل دل ماڻهو وٽ پنهنجي معنيٰ رکن ٿا ۽ درد پوري طاقت سان سيد زوار نقوي جي زندگيءَ ۾ هڪ الڳ معنيٰ رکي ٿو. درد جو واسطو ۽ رابطو لڳي ٿو ته زوار نقوي سان سڌو به آهي سنئون به آهي.
سندس ڪتاب “ڳالهه هڪ دور جي” جي صفحي 6 تي هڪ پيراگراف هنن سٽن سان شروع ٿئي ٿو
“زندگيءَ جي درد ڀرين ڏينهن ۾…”
ساڳئي ڪتاب جي انتساب جون هي سٽون ڏسو:
“جڏهن پراون سيني تي ۽ پنهنجن پٺيءَ تي زخم ڏنا، تڏهن هو منهنجي زندگيءَ ۾ مرهم بڻجي آيو.”
اهي زخم ۽ اهو درد ڇا آهي، جو ليکڪ جي شخصيت ۽ تحرير ۾ روڪيو نه ٿو رڪجي. جيئن ته اڄڪلهه سندس ٻئي ڪتاب پڙهان پيو ۽ ادبي تقريبن ۾ ساڻس ملان به پيو. درد پنهنجي مختلف صورتن ۾ هن جي تحريرن ۾ نظر پيو ايندو آهي ۽ هن جي شخصيت ۾ پڻ. ڪجهه سندس تحرير جي اثر ۽ تاثير جي ڳالهه ڪجي ته انهن جو ابلاغ سڌو پڙهندڙ جي من و ذهن تي ٿئي ٿو. ڪنهن به ليکڪ جي اها صلاحيت ئي انهيءَ جي ملڪيت هجي ٿي. سندس ڪتاب “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” ۾ اسان جي دل جي قريب شاعر شيخ اياز تي ٻه مضمون شامل آهن. جنهن کي هو سمنڊ کان وڏو شاعر سمجهي ٿو. انهن تحريرن جا عنوان به شاعرانه آهن. (1) وقت خواب وانگر آ، (2) درد جي ڪهاڻي. ٻنهي تحريرن تي لکبو، پر تنهن کان پهرين اهو چئبو ته درد زوار کي گهڻو ويجهو آهي. لڳي ٿو درد جو گهرو واسطو هن سان آهي ۽ هن جو رستو درد سان آهي. شيخ اياز تي لکيل هڪ مضمون جو عنوان ئي درد جي ڪهاڻي آهي.
شيخ اياز تي لکيل سندس ٻه مضمون (1) وقت خواب وانگر آ، (2) درد جي ڪهاڻي. شيخ اياز تي لکيل اهي مضمون ڪجهه اهڙي ريت لکيل آهن، ڄڻ شاعر شيخ اياز خود اهي مضمون لکيا هجن. “وقت خواب وانگر آ” مضمون جي پڇاڙي گهڻي تخليقي آهي انهن سٽن ۾ هن شيخ اياز جي زندگي جي آخري لمحن وٽ بيهي جڏهن اهو سوچيو ۽ لکيو آهي تڏهن لڳي ٿو ته زوار نقوي جي احساس جي شدت ۽ تخليق جو جادو غير معمولي آهي. هيٺيون سٽون پڙهي ڏسو:
“هو جيڪو هڪ دور جي تاريخ هيو ۽ پنهنجي سيني ۾ علم جو سمنڊ کڻي هن ڪوڙي دنيا کان هڪ سچي دنيا جي طرف هليو ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن هن کي تعريفن ۽ تنقيدن جي ڪابه ضرورت نه رهي آهي، پر پوءِ به وقت جو مورخ اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته هو شاعريءَ جي ڪائنات جو اهو سج هيو، جنهن جي ڪرڻن جي روشني شاعري جي تاريخ تائين زنده ۽ سلامت رهندي. ان لمحي، مان جيڪو فقط سندس هڪ پاٺڪ آهيان، اهو سندس لحد ۾ لهڻ وقت فقط اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته هن کي پرهه ۽ پاڻي ڇو پسند هوندا هُئا؟ ڇا ڪٿي ائين ته ناهي ته پرهه نئين ڏينهن جي شروعات هوندي آهي ۽ نئون ڏينهن آسن، اميدن ۽ ڪلپائن جي ڪئنواس تي اڀرندو آيو آهي ۽ هن ان پرهه کي اکين سان ڏسي لفظن جي برش سان شاعري ۾ چٽي ڇڏيو هيو! ۽ شايد اهو ئي سٻنڌ هيو، سمنڊ، پرهه ۽ هن جي وچ ۾! مان سوچيان ٿو.
شيخ اياز تي ئي سندس ٻيو مضمون “درد جي ڪهاڻي” شيخ اياز جي ننڍپڻ کي بيان ڪري ٿي. شڪارپور ۾ شاعر جي ٻاراڻي وهيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي، جتي هو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ڪتاب پڙهندو ۽ شاعري ڪندو وڏو ٿيندو رهيو هو. ڪنهن جي ذهن ۾ هوندو جيئن سيد زوار نقوي بيان ڪيو آهي ته ٿورو وقت پوءِ ئي ڪراچي ۾ جڏهن هو پڙهي به پيو ته حشو ڪيولراماڻي جو دوست بڻجي ٿو وڃي ۽ ايم اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽ پارٽي کان متاثر ٿئي ٿو. شيخ صاحب جي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ جو درد زوار نقوي هن مضمون ۾ پڻ بيان ڪيو آهي. درد سان زوار نقوي جي واهه جي سنگت آهي، پوءِ درد پنهنجو هجي يا ڪنهن اهل قلم ۽ اهل علم جو. هو شيخ صاحب کي دوستن جي رويي جي نتيجي ۾ خاموش ٿي وڃڻ کي ڪارونجهر جي خاموش ٿي وڃڻ سان تشبيهه ڏئي ٿو..
”…ائين خاموش ٿي ويو ڄڻ ڪارونجهر!“
هن مضمون جي پڇاڙي به حيران ڪندڙ آهي:
هن جي زخمن تي وقت پنهنجا پها رکندو رهيو ۽ بظاهر هو ڏسڻ ۾ ٺيڪ ايندو هيو پر اصل ۾ هن جو اندر کاڄندو ۽ کامندو ويو. ڪالهه جن هن کي ڏسي ريڊ اينڊ وائيٽ ڇڪڻ شروع ڪيو هيو. جيئن هو فقط محسوس ڪري سگهي ته هن جي ۽ هنن جي پسند هڪ جهڙي آهي، بدلجندڙ وقت سان گڏ هو هڪ هڪ ٿي هن کان الڳ ٿيندا ويا ۽ پوءِ هن سگريٽن کي ڇڏي ڏنو هيو ۽ دوستن هن کي!
“يه فتنه آدمي ڪي خانه ويراني ڪو ڪم ڪيا هي،
هوئي تم دوست جس ڪي، دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو،”
(غالب)
بزمِ روح رهاڻ پاران “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” تي منعقد مهورتي تقريب ۾ ٻين ليکڪن سان گڏ ڪتاب جو مرتب وفا مولا بخش، امداد چانڊيو، جاويد سوز، محترم واحد ڪانڌڙو جو بزمِ روح رهاڻ جو هڪ طرح سان روح روان آهي انهن سڀني ڪتاب ۽ ليکڪ متعلق پنهنجي ڳالهه رکي. خود سائين زوار نقوي جڏهن ڳالهايو لڳو ٿي ته پهريون دفعو هن پنهنجي دل کولي رکي هئي ۽ هن پنهنجي جدوجهد، پنهنجي خاندان، سندس حيدرآباد شهر ۾ علم پرائڻ جي عمل ۽ ادب سان لاڳاپجڻ جي سڄي ڪٿا ٻڌائي. ساڳي تقريب ۾ مون جڏهن ڪتاب ۽ شخص متعلق پنهنجي ڳالهه رکي ته آئون ان نتيجي تي پهتل آهيان ته سيد زوار نقوي سنڌ جو اهڙو ليکڪ آهي جو Urban ماحول ۾ حيدرآباد شهر ۾ نپجي وڏو ٿيو ۽ هن جي شخصيت جو اظهار شهر ۽ سماج ۾ مختلف حيثيتن سان ظاهر ٿيندو رهيو، پر هن جي ادبي حيثيت تي به انهي ماحول جو اثر آهي، پاڻ حيدرآباد شهر جي انهيءَ سادات خاندان مان آهي جن جو شهر ۾ پنهنجو پاڙو آهي ٽنڊوجهانيان. حيدرآباد شهر ۾ ان واضح شناخت سان هن تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صحافت ۽ ادب لاءِ به ڪم ڪيو آهي. پاڻ نئين زندگي جهڙي مشهور ۽ تاريخ ساز رسالي “نئين زندگي” جو ايڊيٽر رهيو آهي. ماڻهو جو ڀاڳ ٿيندو آهي نه، زوار نقوي وڏو بختاور شخص آهي. هو سنڌي زبان، علم ۽ ادب جي ترويج جي مشهور اداري سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو آهي. اهو سندس زندگيءَ جو هڪ ذميواريءَ وارو پاسو آهي، پر سندس اهو پاسو جيڪو علمي ۽ ادبي آهي، اهو گهڻو سگهارو آهي. جيئن اسان مٿي ڳالهه ڪئي آهي ته پاڻ جيئن ته حيدرآباد جو شهري آهي ۽ هن جو اربن پسمنظر آهي. مدد علي سنڌي کان وٺي نصير مرزا تائين هن جون دوستيون آهن، جن جو پسمنظر به حيدرآباد آهي. انهن غير معمولي اديبن سان گڏجي هن پاڻ به ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. سندس ڪتاب “ڳالهه هڪ دور جي” جي فليپ تي نامور ليکڪا نور الهديٰ شاهه هي سِٽون لکيون آهن:
“هڪ ليکڪ جي وجود کي انيڪ جنگيون لڙڻيون پون ٿيون. پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ کان وٺي اجتماعي سطح تي تبديلي آڻڻ واري جنگ تائين ۽ نوجوان سنڌي ليکڪ ۽ شاعر زوار نقوي ان سلسلي ۾ پنهنجي جدوجهد کي سگهارو رکيو آهي. هو هڪ دکي دل ۽ درد رکندڙ انسان آهي”.
جڏهن نور الهديٰ شاهه اهو لکي ٿي ته هوءَ هڪ دکي دل ۽ درد رکندڙ انسان آهي، هاڻي ائين آهي جو منهنجي جڏهن به سائين زوار نقوي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته هن جي زندگيءَ ۾ جيڪو درد آهي ۽ درمند دل آهي، انهي جي سرچشمي تي به ٿي آهي ۽ آئون هن جي درد جي انهيءَ سرچشمي تائين پهچي نه سگهيو هوس، تڏهن ته اها ڳالهه ٻولهه پئي ٿي، درد تي ۽ درد جي گهٽين تي. زوار نقوي جي شخصيت ۽ ان جي تحريرن ۾ درد جو اظهار ئي آهي، جو مون جهڙي پڙهندڙ کي مجبور ٿو ڪري ته آئون ان تي سوچيان ۽ ليکڪ جي من ۽ ذهن ۾ هلندڙ ڪشمڪش جو اندازو ڪريان، سائين زوار سان درد جي اها سڄي لڙائي تخليقي طور تي جڏهن ظاهر ٿي آهي، تڏهن “ڳالهه هڪ دور جي” “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” جهڙا ڪتاب اسان جي سامهون آيا آهن ۽ منهنجو ۽ سائين زوار جو جيڪو تعلق آهي، هڪ ليکڪ ۽ پڙهندڙ جو مون سندس مٿيان ٻئي ڪتاب دل سان پڙهيا آهن، پر سانئڻ نور الهديٰ شاهه پنهنجي تحرير ۾ سيد زوار نقوي کي هڪ اهڙو انسان قرار ڏنو آهي، جنهن کي هڪ درد مند دل آهي. مون کي به اهڙي ڪنهن ڳالهه جي تلاش هئي ته زوار سائين جي تحريرن جي انسپائريشن ڪٿي آهي. سانئڻ نور الهديٰ شاهه دکي دل جي ڳالهه ڪئي آهي. زوار نقوي جي تحريرن لاءِ انسپائريشن هن جي دردمند دل آهي.
عهدِ حاضر جي اديب ۽ فڪشن نگار، محقق، موجوده نگران وزير تعليم مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون “ڳالهه هڪ دور جي” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي:
سيد زوار نقوي دل کي موهيندڙ نثر تخليق ڪندو رهي ٿو. اهو سندس اعليٰ ذوق هن جي ڪيترن ئي ڪالمن جي عنوانن مان اوهان کي بخوبي محسوس ٿيندو. مثال جي طور تي هن جي ڪجهه ڪالمن جا عنوان آهن. “۽ اکين جون سرحدون اورانگهي ايندڙ لڙڪ” “مون خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن” يا وري “ڪويل آڪاس ۾ ڇا ٿي ڏسي” ۽ “سچ جي پاڇولي ۾ پلجندڙ خواب”
سيد زوار نقوي جي هڪ دوست جي ڳالهه ڪجي اهو دوست آهي حسن مجتبيٰ. حيدرآباد شهر ۾ هن سان گڏ دوستي ۽ ادب جو سفر ڪندڙ ٻين ليکڪن ۽ دوستن ۾ هو به شامل آهي. بيمثل ليکڪ ۽ بيمثال شاعر، آئون ذاتي طرح حسن مجتبيٰ جي تحريرن جو پرستار آهيان. اهو پنهنجي تحرير “سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت” ۾ لکي ٿو:
“زوار اين جي اوز واري جهان کان اڳ واري دنيا جو ماڻهو آ، جڏهن اڃان پيار پروجيڪٽ نه ٿيو هو، اهو پيار جيڪو چوٽان چوٽ هنن وٽ عشق وانگر پيڙهين کان هلندو اچي.”
سيد زوار نقوي جي “فن ۽ شخصيت” تي ڪتاب جو هڪ حصو انٽرويوز تي مشتمل آهي. هڪ انٽرويو جو عنوان آهي “هن وٽ اظهار جو زيور فقط ادب آهي” ليکڪا ارم محبوب جو ڪيل اهو انٽرويو ماهوار انگريزي رسالي Teenager ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ انهيءَ جو ترجمو شامل آهي. انهيءَ انٽرويو جي شروعات ۾ ليکڪا سندس جيڪو تعارف ڏنو آهي. انهيءَ سان اسين سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت کي سمجهي سگهون ٿا.
“هي نوجوان ڪير آهي؟ ۽ سندس هن دنيا ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ اهي سوال منهنجي ذهن ۾ اڀرندا رهيا، جيسيتائين آئون زوار نقويءَ سان آشنا نه ٿي هئس، مون کي ڪوبه رسالو يا اخبار ڪونه ٿي سجهيو، جنهن ۾ هن جو نالو ڪنهن ڪهاڻي، ڪالم، مضمون يا شعر جي حوالي سان شايع نه ٿيو هجي، هن کي صحيح معنيٰ ۾ ڇا سڏڻ گهرجي، هڪ سٺو ڪالم نگار، عمدو شاعر، بهترين ڪهاڻيڪار؟ اهي سوال جوابن لاءِ منهنجي ذهن ۾ هُرندا رهيا، جڏهن سندس گهڻ رخو قلمي پورهيو منهنجي نظر مان گذريو ته مون کي اهو احساس ٿيو ته هو ادب جي مختلف صنفن ۾ اعليٰ مهارت رکي ٿو، ان ڪري آئون هن کي هر فن موليٰ چوان ٿي. زوار نقويءَ جو ڳاڻيٽو انهن خوشنصيب انسانن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي ذهين ۽ باصلاحيت هوندا آهن ۽ انهيءَ ڪري هو پنهنجي سڀني ذميوارين سان انصاف ڪري سگهيو آهي.
زوار نقويءَ جي لکڻين ۾ گهرائي ۽ سنجيدگي نمايان نظر اچي ٿي، هو پندرهن ورهين جي عمر کان لکي رهيو آهي ۽ هن پنهنجي لکڻين جي ذريعي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته انسان جي مسئلن تي چٽائيءَ سان لکي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ڪري هن جي پڙهندڙن پاران هن کي زبردست موٽ ملندي رهي آهي.
زوار نقويءَ جو نالو نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ شاعرن ۾ سرواڻ جي حيثيت سان لکيو ۽ ورتو وڃي ٿو. هن نوجوانيءَ جي عمر ۾ ئي ڪئين لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن، پر ستاري جي لحاظ کان جدي هئڻ جي ناتي هو ڪڏهن به مايوس ۽ نااميد نه ٿيو آهي، پر هر ڀيري هڪ نئين اميد ۽ آس سان اڳتي وڌيو آهي. هو هڪ عملي انسان آهي، ادب هن جي زندگي آهي. آئون هن کي هڪ سٺو انسان ۽ اعليٰ آدرش رکندڙ فرد سمجهان ٿي. هن جون ادب لاءِ ڪيل خدمتون هن ريت آهن. هو روزاني مهراڻ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر، روزاني آفتاب ۾ ڪالم نويس، روزاني عبرت ۾ ڪالم نويس ۽ انچارج ادبي صفحو، روزاني سنڌ ٽائمس حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر، روزاني سرواڻ حيدرآباد ۾ ڪالم نويس، روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪالم نويس، ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جو ايڊيٽر ۽ هفتيوار پنجتني حيدرآباد جو به اعزازي ايڊيٽر رهي چڪو آهي، هن حيدرآباد ۾ هڪ اسٽيج ڊرامو پروڊيوس ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي، هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي ڀيرا شعر ۽ مضمون پيش ڪيا ويا، هو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي فورم جو سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن حيدرآباد جو پريس سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن جا ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هو ڪيترن ئي رسالن کي پڻ ترتيب ڏئي چڪو آهي.”
جيئن ته اسان ليکڪ جي شخصيت ۽ سندس تخليق ڪيل ٻن ڪتابن متعلق ڳالهه ڪئي آهي. جتي رستا به آهن، واسطا به آهن، شخص سيد زوار نقويءَ سان پنهنجي پهرين ملاقات کي جڏهن ياد ڪريان ٿو ته گذريل صديءَ جي ستر جي ڏهاڪي ۾ آئون پنهنجي اباڻي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ هن کي روبرو ڏسان ٿو. هڪ نوجوان شاعر کي، هو تڏهن هتي اسان کي شاعري ٻڌائي رهيو هو ۽ ادب تي ڳالهائي رهيو هو. اسان جا منزلن ڏانهن رستا تنهن زماني ۾ ڄڻ طئه ٿي رهيا هئا. اهو تڏهن کان ئي يقيني هو ته زندگيءَ ۾ اڳتي هلي اسين ادب جي تحرير ۽ تخليق سان لاڳاپجي وينداسين. اسان جي سڃاڻپ ادب، علم ۽ فن هوندو. سيد زوار نقوي جي سڃاڻپ هڪ تخليقي اديب ۽ هڪ اهم ليکڪ جي آهي. هن جي لکڻ جي پنهنجي روايت آهي. هن هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. ٿورو ئي اڳ هڪ نويڪلي ڪچهري ۾ مون کائنس پڇيو، سندس ادبي سنگت حيدرآباد شاخ ۾ گهڻو سرگرم ٿي ويا آهيو، ته هن دردمنديءَ سان ڳالهه ڪئي ته ٻن حصن ۾ ورهايل ادبي سنگت ڪنهن به اهل دل اديب لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ عمل هو ته مون حيدرآباد شاخ ۾ سرگرم رهي دوستن سان گڏجي ڪوششون ڪيون ۽ سنگت هڪ ٿي وئي. مون سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ ۾ سرگرم ٿي انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي حصي جو حق ادا ڪيو آهي.
جيئن ته سائين زوار نقوي حيدرآباد جو شهري آهي. هن 1960 جي ڏهائي جي پڇاڙڪن سالن ۾ حيدرآباد شهر کي ڏٺو هوندو. شهر جيڪو 1947 جي ورهاڱي مان گذريو. ٿورا ئي سال اڳ هڪ انساني الميي جو اتان گذر ٿيو هو. نفرتون ۽ لڏپلاڻ. سيد زوار نقوي پنهنجي وڏن کان اها درد جي ڪهاڻي ٻڌي هوندي ۽ اهو ٻار جيڪو ٽنڊو جهانيان کان سرفراز جي چاڙهي تائين پنهنجي زندگيءَ جو ٻاروتڻ گذاري رهيو هو. انهيءَ شهر جي درد کي محسوس ڪيو هوندو.
هن تاريخ جي ستم جا قصا ٻڌا هوندا ۽ انهن جون نشانيون ڏٺيون هونديون. نشانيون، ڳالهيون، يادون انهن ماڻهن جون جن شهر کي اڏيو هو. زوار نقوي جي شخصيت ۾ جيڪو درد آهي ۽ اڪيلائي آهي، اها حيدرآباد شهر جي ڏکوئيندڙ تاريخ جي ڪري ئي آهي. منهنجو خيال آهي ته هن شخص جي سفر جا رستا ۽ درد جا واسطا ۽ رابطا جيڪي اسان کي هن جي تحرير ۽ تخليق ۾ نظر اچن ٿا. انهن جي شروعات انهيءَ انساني الميئي کان ٿي هوندي. جڏهن حيدرآباد شهر سموري برصغير سان گڏ درد جي درياءَ ۾ اڇلايو ويو. ائين سندس ٻن همعصر تخليقڪارن جن حيدرآباد ۾ جنم ورتو مدد علي سنڌي ۽ نصير مرزا. مون کي يقين آهي ته انهن به ائين ئي محسوس ڪيو هوندو. اهي ٽيئي شخص مدد علي سنڌي، نصير مرزا ۽ سيد زوار نقوي حيدرآباد شهر ۾ وڏا ٿيا آهن ۽ مون کي لڳي ٿو ته گڏ درد جي درياءَ ۾ اڇلايا ويا آهن. انهن ٽنهي محترم ليکڪن جا رستا به ساڳيا آهن ۽ واسطا به. انهن جو واسطو تخليقي ادب سان آهن ۽ رستا درد جا رستا آهن. شيخ اياز ۽ امر جليل، ورهاڱو اکئين ڏٺو ۽ انهن جي تحريرن ۾ انهيءَ الميئي جي روداد بيان ٿيل آهي ۽ ٺيڪ انهيءَ کان پوءِ واري نسل جي ليکڪن ۾ درد جي انهيءَ محسوسات کي ڏسي سگهجي ٿو. سيد زوار نقويءَ کي حيدرآباد شهر جي تمدن ۽ تهذيبي سفر کان الڳ ڪري ڏسي نه ٿو سگهجي. سندس تخليقي ادبي سفر ۾ شاعري به آهي ته ڪهاڻي ۽ ڪالم به. هتي اهو چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجون تحريرون جڏهن ٻارن لاءِ لکي ٿو. انهن لاءِ رسالا ۽ ادبي تخليقون ترتيب ڏيئي ٿو. تڏهن هو شايد انهيءَ ٻار جي جيڪو سندس اندر ۾ آهي، جيڪو اڃا وڏو ٿئي ٿو ته زندگيءَ جي سڀاويڪ خوشين، منظرن ۽ مظهرن کي گڏ کڻي هلي ٿو. تڏهن پاڻ شهر جي ويجهي ماضيءَ ۾ به موجود آهي. ائين چئون ته هڪ نسل اڳ آبادين جي لڏپلاڻ، حيدرآباد جهڙي محبوب شهر ۾ آيل انهيءَ افتاد جا قصا ضرور هن تي اثر انداز ٿيا هوندا. سيد زوار نقوي پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳيتي محنت جو مثال آهي. هو ملازمتن ۾ اعليٰ عهدن تي پنهنجي جدوجهد جي ذريعي پهتو آهي، پر هن جي سڃاڻپ ۽ نشاني هڪ ليکڪ جي آهي، جنهن گهڻو لکيو آهي ۽ سٺو لکيو آهي. زندگيءَ جا رستا هن سان گڏ آهن. علم ۽ ادب جا رستا ۽ مون سان هن جا واسطا به تخليقي ادب جي ڪري آهن. اسين همعصر آهيون. اهو منهنجو نصيب آهي. زندگيءَ جي شاهراهن تي هن جو سفر علم ۽ ادب جو سفر آهي. سيد زوار نقويءَ جي زندگيءَ ۾ علم ادب جون ڪيئي منزلون اڃا اچڻيون آهن. ڪجهه ڪتابن ۽ ڪجهه تحريرن جي صورت ۾. اهو يقين مون کي انهيءَ ڪري به آهي ته هن جا ٻه ڪتاب “ڳالهه هڪ دور جي” ۽ “زوار نقوي فن ۽ شخصيت” منهنجي سامهون آهن. جن مون، گهٽ لکندڙ هڪ شخص کي به اتساهه ڏنو آهي ته آئون هي تحرير لکان. علم ۽ ادب جي تخليق ۾ ئي اهڙا رستا آهن، جيڪي اسان کي زندگيءَ جي طرف وٺي وڃن ٿا. هڪ تخليقي زندگيءَ جي طرف. ليکڪ جو ادب ۽ فن، تحرير ۽ تخليق ڏانهن سفر هڪ نه ٿڪجندڙ شخص جو آهي. هڪ هسپانوي چوڻي سيد زوار نقوي جي شخصيت ۽ تخليقي ادبي مسافري لاءِ برمهل آهي.
“مسافر ڪي به رستا نه آهن، رستا هلڻ سان ٺهندا آهن”
***