بلاگخاصنئون

تابش خير: هڪ ناول نگار، شاعر، استاد، صحافي

“هڪ لمحي ۾ مون اهو سوچيو
سڀ ڪجهه منهنجي وس ۾ آهي
پيار به تنهنجو هيرو آهي
جنهن کي پيار ڪيان ٿو
جيون مون کي نئون مليو آ
نئين ملي آ حياتي
جنهن کي چاٻي تالي ۾
رکڻ جي ناهي ضرورت
کيس ڪوبه نه چورائيندو
جادوئي دروازو آهي تنهنجو پيار پرين!”
هنن سٽن جو تخليقڪار تابش خير آهي. تابش صرف انگريزي ۾ لکي ٿو پر هو سوچي پنهنجي زبان ۾ ٿو. هندستان ۾ ڄائو، وڏو ٿيو ۽ شروعاتي تعليم اتان ئي ورتائين.
1966ع ۾ جنم وٺندڙ تابش رولاڪ روح آهي. هندستان جي ننڍڙي شهر گايا ۾ ڄائو. گايا هندستان رياست بهار ۾ آهي. جتي ٻڌمت ۽ جين مت جا تاريخي آثار آهن. رامڻ جي مطابق رام ڀڳوان پنهنجي زال ۽ ڀاءُ سان گڏجي “نرڻ جانا” نديءَ تي پنهنجي پيءُ جي آتما کي نرواڻ ڏيڻ لاءِ دان ڏيڻ ايندو هو.
تابش انهيءَ تاريخي شهر سان تعلق رکي ٿو ۽ روح جي رولاڪين کيس ممبئي، دهلي کانپوءِ مستقل ڊينمارڪ پهچايو، ڪوپن هيگن ڊينمارڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. سهڻو شهر آهي، فطرت جي رنگن سان ڀريل شهر آهي. هن اتان ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. کيس شاعري جي ايوارڊن کان سواءِ نثر لکڻ تي دنيا جي مختلف درسگاهن مان فيلوشپ به ملن ٿيون. تابش جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست ڊگهي آهي. ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون:
(1) منهنجي دنيا (1991)
(2) خابرو جي ڊائري (1993)
(3) سورمن جو ڪتاب (1995)
(4) جتي پور وڇوت، لڪيرون ملن (2000)
ناول ۽ ڪهاڻين ۾:
(5) بس بيهجي وئي (2004)
(6) ٺڳن جون ڳالهيون (2010)
(7) اسلامي خوف سان، مشينري طريقي سان ڪيئن وڙهجي (2012)
(8) هڪ ٻي جهادي ڇوڪري (2016)
(9) لڏي آيلن جو خوف (2016)
(10) پاجامن ۾ فرشتا (1996)
(11) بايو فڪشن (2001)
(12) اميت گوش (نقاد دوست) (2003)
(13) ٻيا رستا (ايشيا ۽ آفريڪا جي سفر نامن جا 1500 سال)
(14) فلمنگ- پيار ڪهاڻي (2017)
(15) گوٿڪ (نو آباديت کانپوءِ ۽ ٻيون ڳالهيون) (2009)
(16) شيشي جو ماڻهو (2008)
(17) اڄ جي دور ۾ ادب پڙهڻ (2011)
(18) نوآباديت کانپوءِ ۽ بين الاقوامي ڏائڻ (2012)
(19) نمستي ٽرمپ (2012)
تابش بنيادي طور لبرل، جدت پسند ۽ سيڪيولر آهي. هن جو سماجي برابري ۾ اڻٽر يقين آهي. سندس شاعري ۾ گهر ۽ گهر جون يادون آهن جن کي هو پويان ڇڏي آيو آهي. سندس شاعري ۾ سندرتا سان گڏ بدصورتي به آهي جيڪا بنيادي طور سماج ڏانهن بيزاري ۽ بي اطميناني آهي.
تابش خير جيڪو ڊينمارڪ جي آرهس يونيورسٽي (Aarhus University) ۾ ڪميونيڪيشن ۽ ڪلچر جي شعبي ۾ پڙهائي ٿو.
هڪ ئي وقت گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ تابش خير پاڻ کي دکي بڻائي ٿو. جيتوڻيڪ هن جي شاعريءَ جا ڪتاب به ڇپيل آهن. ان کانسواءِ صحافت سان به وابسته رهيو آهي.
تابش چوي ٿو جڏهن ننڍو هئس ته ايئن سمجهندو هئس لکڻ عام ڳالهه آهي ۽ لکڻ وقت دنيا جهان کان پري ٿي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي لکڻ واري انداز تي کلندو هئس، پر مان سمجهان ٿو نوانوي سيڪڙو لکڻ شديد ذهني پورهيو آهي. هڪ سيڪڙو اتساهه آهي، پر اهو هڪ سيڪڙو اهم آهي. توهان جي زندگيءَ ۾ اهڙا ماڻهو ضرور هوندا آهن جيڪي اوهان کي شايد پڙهن نٿا، پر اهي اتساهه جو ذريعو آهن. جيئن منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا ماڻهو جيئن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ عورتون.
هڪ ليکڪ جي آسپاس اهڙا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا جيڪي ليکڪ جا ڪتاب ته نٿا پڙهن پر کيس لکڻ لاءِ اتساهن ضرور ٿا. سندس ماءُ پيءُ کيس لکڻ لاءِ اتساهيو. سندس دوستن ۽ زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪافي عورتن کيس لکڻ لاءِ همٿايو.
تابش لکي ٿو ته ادب هڪ “جادوئي ڀت” آهي. ٽائل لڳل، حيرت ۾ وجهندڙ ٽائل. اها ڀت مڪمل طور تي ڀريل آهي ۽ اوهان کي پنهنجي نالي جي ٽائل لڳائڻ لاءِ ٿوري به وٿي ناهي. جيستائين اوهان اهو محسوس نٿا ڪريو ته اها جادوئي ديوار آهي. اوهان ڀت جي ڊيگهه کي ڏسو، غور سان ڏسو، هر هر ڏسو. توهان کي پنهنجي نالي جي ٽائل لڳائڻ لاءِ وٿي ضرور نظر اچي ويندي.
ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي اٿائين. دنيا ۾ لکين ليکڪ آيا ۽ ويا. هزارين ڪتاب ڇپيا، ڪروڙين لفظ لکيا ويا.
سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾:
“صبح جا عڪس تابش جي شعور ۾” ٻاهر سڪي ويل پاڻيءَ جي ٽانڪي مان داخل ٿين ٿا. صبح جا عڪس تابش جو نظم آهي، جنهن ۾ سماجي اڻبرابري جي نندا آهي.
هن وقت به دنيا ۾ هزارين ليکڪ موجود آهن ۽ روزانو دنيا ۾ سوين ڪتاب ڇپجن پيا، پر انهن مان ڪجهه آهن جن جو جادوئي ڀت تي نالو وڏن اکرن ۾ لکجي ٿو. انهن کي پنهنجي دور جا ايندڙ دورن جا ماڻهو پڙهن ٿا، انهن سان پيار ڪن ٿا، نفرت ڪن ٿا، اتساهه وٺن ٿا.
ڪاليداس، غالب ۽ ايڇ. سي اينڊرسن جي سوچن کي پنهنجي لفظن ۾ اظهارڻ تابش جو هڪ اهم ڪم آهي. ٽئي شاعر، ٽي مختلف دور، ٽي مختلف زبانون ۽ ٽي مختلف اظهار. انهن کي هڪ ئي سانچي ۾ سموئي انهن جي هڪ گڏيل خوبصورت تصوير ٺاهڻ وڏو ڪم آهي.
گهڻو وقت مغرب ۾ رهيو آهي تابش جي ان معاشري تي گهري نظر رهي آهي. اردو منهنجي تهذيب جي زبان آهي. انگريزي منهنجي ٽن نسلن جي ڌنڌي ڌاڙي جي زبان. انگريزي ڪارآمد زبان آهي. مون اردو محيط “اردو ۽ هندي” جي سياسي جهيڙي ۾ وڃائي ڇڏي ۽ لاشعوري طور انگريزي ڏانهن ڇڪجي ويس. منهنجي اردو وڃائجي وئي. جيڪڏهن انگريزن جي ڪالوني نه هجون ها ته انگريزي نه هجي ها. اردو ۽ هندي ۾ جهيڙو نه هجي ها ۽ ڪيوبا ۾ مغرب ڇا ڪيو. ٻوليءَ کي وڃائڻ ۽ دنيا ۾ اڻبرابري وارو رويو رکڻ ۾ مغرب جو وڏو ڪردار آهي.
ڪيوبا هجي يا فلسطين هو ٻي اکيائي کي نندي ٿو، نه صرف لکڻين ۾ پر عملي طرح به هن آرهس يونيورسٽي ۾ تازو فلسطين ۾ مارجي ويل استادن لاءِ هڪ جلسو ڪوٺرائي ان ۾ ان ظلم ۽ بربريت جي مذمت ڪئي. تابش رومي ٿي لکي ٿو:
“۽ مان اي ايمان وارو رومي روئي چيو
پنهنجي دوست جي وڇوڙي تي نير هاريندي
نه مان اوڀر جو آهيان ۽ نه اولهه جو
نه مان مسلمان نه ئي عيسائي
نه ڪو يهودي آهيان
نه آدم ڄائو نه حوا جو پٽ آهيان
ڇا مان پيار ڪيان
هن دنيا سان؟
ڇا مان پيار ڪيان
هڪ گوشت جي ٽڪري سان”
هن جا ليک ۽ ڪهاڻيون، تنقيدي مضمون دنيا جي وڏين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
مڪمل طور تي جڏهن احساسن جو اظهار نٿو ٿي سگهي، اهڙو ماڻهو مڪمل طور تي مهذب نٿو ٿي سگهي، پر ڪوشش ضرور ڪجي. اهو عمل هر هنڌ، رنگ، نسل ۽ قوم لاءِ ضروري آهي.
تابش جا خيال سندس شاعري ۾ پڙهو:
نئين ڄنگهن تي گهمڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي
حرف صحيح جون بددعائون
حرف علت ۾ ٿيڙ ۽ گهيراٽيون
۽ توهان لاءِ مون بادشاهي ڇڏي
پر اهو اوهان پيار نه ڏيندو
جيڪو مان آيو آهيان ڇڏي
جڏهن اوهان منهنجي ماضي
۾ جهاتي پايو ٿا
اوهان کي منهنجي وجود ۾
صرف (ٻوڙا) گاهه نظر اچي ٿو
مون کي ڪوئي ڪونه پسي ٿو
مان هڪ آواز هئس
مون کي هڪڙو ساز هيو
جنهن سان جذبن کي
اظهاريندو هئس
هاڻي ڪجهه ناهي
صرف ٽنگون آهن
جن تي گهمان ٿو
پر آوازن کي ڪونه ٻڌان ٿو
هر وقت ويٺو اهو سوچان ٿو
گهاٽي جو اهو سودو هو
يا ڪوئي فائدو هو.
جيڪڏهن ڪوئي اهو سمجهي ٿو ته لفظ جذبن جي اظهار لاءِ ڪافي هوندا آهن ته اهو غلط ٿو سوچي. لفظ اسان کي ناڪام ڪن ٿا، پر لفظن کانسواءِ اسان وٽ آهي به ڇا هڪ ليکڪ لفظن سان ئي جيئي ٿو ۽ لکي ٿو.
تابش هڪڙي هنڌ لکي ٿو مهذب هئڻ به ائين آهي جيئن لفظن جي ڪافي هئڻ جي دعويٰ. ڪوئي به مڪمل طور تي مهذب ناهي. مان هميشه ان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهيان، پر مهذب هئڻ جي ڪوشش ڪرڻ ائين آهي جيئن لفظن سان اندر کي اظهارڻ.