اسرائيل هٿان حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه تهران ۾ قتل
31 جولاءِ 2024ع تي تهران ۾ اسرائيل اسماعيل هانيه کي جيڪو اتي نئين چونڊيل صدر مسعود پيزشڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو ان کي ميزائل حملي سان شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل جي دهشتگردي هاڻي ڪنهن به ملڪ کان لڪل ناهي رهي جو هن 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي حملي کانپوءِ مسلسل غزا تي حملا ڪري 92 هزار کان وڌيڪ بيگناهه مردن، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪري چڪو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ موجود زنده ماڻهو پڻ مئلن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سندس دهشتگردي جي انتها اها آهي جو هاڻي هو اها جنگ غزا ۽ اسرائيل جي حدن کان ٻاهر ڪڍي ٻين اسلامي ملڪن تائين پهچي چڪو آهي.
Read More