1 September

ايڊيٽوريل

مولانا فضل الرحمان کي ڪير پرچائيندو؟

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “رٺو نه پرتو ۽ ڇنل نه ڳنڍيو ته ڪاڄ ڪيئن ٿيندو” ملڪ جي سياست ۾ جيتوڻيڪ جي يو آءِ (ايف) صرف 8 سيٽن سان قومي اسيمبلي ۾ موجود آهي، ان جي باوجود مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ (ايف) جي سربراهه طور الڳ حيثيت برقرار رکي آهي. چونڊن ۾ سيٽون گهٽ کٽڻ باوجود پوري ملڪ ۾ سندس ڪارڪنن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي، هن وقت جي سڀني سياسي پارٽين ۾ جي يو آءِ (ايف) وٽ اسٽريٽ پاور وڌيڪ آهي.

Read More