11 September 2024

ايڊيٽوريل

سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي متحد ٿي وئي

سنڌ اسيمبلي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حفاظت لاءِ قررداد پاس ڪئي آهي، هن دفعي اها قرارداد اسيمبلي گڏيل طور پاس ڪئي آهي. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ پڻ سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حفاظت جي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته اها هڪ تاريخي قرارداد آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. پارٽي سياست کان هٽي ڪري اسان کي محسوس ٿئي پيو ته هنن ميمبرن پاڻ کي سنڌ جي عوام اڳيان سرخرو ڪيو آهي.

Read More