15 September 2024

ايڊيٽوريل

ملڪ جي قومي اسيمبلي به جيل بڻجي وئي!!

جڏهن اسان اهو چوندي نٿا ٿڪجون ته ملڪ جي قومي اسيمبلي اهڙو تقدس وارو ادارو آهي، جتي آئين ٺهندو آهي ۽ قانون سازي ٿيندي آهي، ان ۾ چونڊجي آيل ميمبرن کي حقِ استحقاق حاصل هوندو آهي. ڇو ته انهن مان هرهڪ 10 لک آدمشماري جو نمائندو هوندو آهي، جن جو ڪم قانون ٺاهڻ ۽ ان کي ملڪ اندر لاڳو ڪرڻ هوندو آهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ٿيندي آهي، پر جڏهن سندن ئي ٺهيل قانون جي ماتحت آفيسر يا ادارا کين اسيمبلي اندر ڊوڙائيندا وتن ته پوءِ اسيمبلي جي مان، شان، عزت جون ڳالهيون ڪرڻ ديواني جو خواب محسوس ٿئي ٿو.

Read More