17 May 2024

ايڊيٽوريل

سنڌ صوبي ۾ بدامني ڪٿي دنگ ڪندي

پنوعاقل ۾ ٿيل بدامني ۽ ڌاڙي جي واقعي جو پڙاڏو سڄي سنڌ ۾ ٻڌجي رهيو آهي. سڄي سنڌ انهيءَ واقعي تي غمگين آهي. صوبي ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ اغوا جي صنعت ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. سماج ۾ بيوس ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، جڏهن صوبي جو وزيراعليٰ انهيءَ واقعي جو نوٽيس وٺندي چوي: پوليس ڪٿي هئي. هن صوبي جي آءِ جي پوليس کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ڇا صرف جاچ جو حڪم ڏيڻ ۽ رپورٽ طلب ڪرڻ ايڏي وڏي مسئلي جو حل آهي؟ جواب آهي نه.

Read More