انسانيت کان پري ٿيندڙ سنڌ جو سماج
انسان کي سماجي جانور پڻ چيو وڃي ٿو، ڇو ته انسان جون ضرورتون، جبلتون ۽ ڪيتريون ئي خاصيتون جانورن سان ملن ٿيون، پر انسان سکڻ جي عمل ۽ سوچ کان علاوه ٻين ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري جانورن کان اتم آهي. ان انسان ٻين انسانن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ پيار ڪرڻ وارو سماج ٺاهيو آهي، جنهن ۾ هر انسان چاهي ڪمزور هجي يا ڏاڍو، علم وارو هجي يا لاعلم، عورت هجي يا مرد، ٻار هجي يا پوڙهو سڀ گڏجي انهيءَ ٺهيل انساني سماج ۾ آرام واري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جڏهن اسان سنڌ جي سماج کي ماضيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ان سماج اندر انهن ڳالهين جي اپٽار اسان کي ٻين سماجن کان بهتر نظر اچي ٿي.