همتِ مردان، مددِ خدا…!
ڪڏھن ڪڏھن اوھان کي ماڻھن جي ڳالھين ۽ روَين مان تمام گھڻي تڪليف پھچندي آھي ۽ وقتي طور اوھان کي ڏک به ٿيندو آھي، پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اوھان کي اڳتي اچڻ لاءِ اھي ڳالھيون ۽ روَيا ئي مجبور ڪندا آھن انھن ماڻھن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ ته اوھان به ڪجھ ڪري سگھو ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏھن انسان سُستي جو مظاھرو ڪندي بس سٺي وقت جو ئي انتظار ڪندا آھن، پر جڏھن ڪنھن جي طرفان مليل طعنا يا تڪليف رسائيندڙ ڳالھيون ذھن تي طاري ٿينديون آھن ته اوھان جوش ۽ جذبي سان ڪوشش ڪرڻ شروع ڪندا آھيو.
Read More