Crops

بلاگنئون

سنڌ ۾ برساتن تعليم ۽ فصل کي هڪ ڀيرو ٻيھر ڌڪي ڇڏيو

سال 2024 آگسٽ واري مھيني ۾ برساتن رڳو زراعت کي ناھي ڌڪيو ھن سال به ڳوٺاڻان اسڪول ھر سال جيان ٻيھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. جيتوڻيڪ شھرن ۾ بهترين چيئرمين شپ شھر جا روڊ رستا ڪليئر ڪرايا ته آھن پر بدقسمتي سان شھرن جي ارد گرد ويجھي ڳوٺن ۾ يونين ڪائونسل جي ذمري ۾ ايندڙ فصل توڙي اسڪول توڙي گھر گھٽيون برساتي پاڻي کان آجيون ناھن ٿي سگھيون، ان جو تازو مثال تلھار شھر جي ارد گرد جا ڳوٺ يونين ڪائونسل يو سي حاجي اشرف ٿيٻو، پيرو لاشاري، دڪو ڌٻھڙو، راڄو خاناڻي مين روڊ تي سھتا چانڊيه، ملاح برادري جا ماڻهو تمام گھڻا پريشان ۽ متاثر ئي رھيا آھن. ھنن ڳوٺن ۾ متاثر اڳ جا زبون حال سرڪاري اسڪول اڄ به تعميراتي ڪم جا فقط منتظر ئي رھيا آھن.

Read More