مادري ٻولي ۽ ڊجيٽل واڌ ويجھه
انگريزي سڄي دنيا جي ملڪن ثقافتن، رهڻين ڪهڻين، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين کي هڪ ڪاپاري ڌڪ ضرور رسايو آهي ڇو ته جتي 8 سيڪڙو انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارا سڄي دنيا جي اٺ ارب آباديءَ تي حاوي آهن، اتي تعليمي نظام، حڪومتن جا ڪم ڪار ۽ لک پڙھ هلي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي، ان ڪري انهن جي پنهنجي ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي، اخباري مواد، ٽي وي اسڪرپٽ، ريڊيو پروگرام، ٽيلي ڊراما ۽ فلمون، ميگزين، ماهوار رسالا يا ٻيو مواد رهجي ٿو وڃي، ايستائين جو اهي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ به وساري ٿا ويهن، يا انگريزي ٻوليءَ جا ٽرينڊس يا رابطا جيڪي انهن معاشرن، گهرن يا سرڪاري توڻي خانگي ادارن ۾ هلن چلن ٿا پوءِ اهڙي طريقي انهن سڀني شين جي ڇپائي ٿئي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي ته پوءِ ان ڪري اهڙا ڪم جيڪي انهن جي پنهنجن ٻولين ۾ ٿيڻ گهرجن هان اهي انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا،
Read More