سمرقند (قسط پنجٽيهين)
شيرين مون کي ان دستاويز جو نقل موڪليو هو- اڃان تائين مون وٽ موجود آهي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ان کي دل وندرائڻ جي لاءِ ڏسندو آهيان- ان ۾ لڳ ڀڳ 40 کن مردن ۽ عورتن کي ترڪي، جاپاني ۽ آسٽرين لباس پاتل ڪنهن باغ ۾ وڻن جي هيٺان وڇايل غاليچن تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي- تصوير جي ان حصي ۾ جنهن تي سڀ کان پهرين نظر ٿي پوي ان ۾ موسيو نائوس نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۽ ڪجهه اڇن ۽ ڪارن وارن جي کچڙي ٿيل مُڇِن ۾ هو سڀن کان ڌار ۽ ممتاز نظر اچي رهيو آهي ايترو جو ڪوبه آسانيءَ سان کيس پرهيزگار مذهبي پيشوا چئي سگهي ٿو- تصوير جي پٺيان شيرين لکيو هو: “ايترن گهڻن ڏوهن کانپوءِ به سزا کان بچيل، معمولي ڏوهه تي شرعي سزا يافتا-”
Read More