ناڪام وزيراعظم ۽ ڏتڙيل عوام
شهباز شريف عوامي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري ته جيتريون دعوائون نون ليگ گڏيل طور تي يا نواز شريف جي زباني ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ڇسيون ۽ کوکليون نڪتيون. عوام کي جنهن رليف ۽ بجيٽ جي ضرورت هئي سا شهباز جي پهرين 16 مهينن واري سرڪار به نه ڏني ۽ هاڻي به سکڻيون ڳالهيون ڪري 18 هزار ارب رپين جي بجيٽ ڏئي، عوام جي هڪ کيسي ۾ پئسا رکي ٻئي کيسي مان ڪڍي ويو.
Read More