حسين (عليه السلام) ته حسين (عليه السلام) آهي
دنيا ۾ اربين کربين ماڻھو آيا ۽ ويا تن ۾ ڪئين صاحبِ ثروت ته ڪئين صاحبِ عظمت رهيا. ڪئين اهڙا به هئا جن جي سخاوت جا چرچا رهيا. ڪئين اهڙا به هئا، جن جي شجاعت جا نعرا بلند رهيا. انهن مان ڪيترائي حڪمت ۽ دانائيءَ جا اهڃاڻ هئا ته ڪيترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا نشان هئا ته وري انهن جي مقابلي ۾ ڪيترائي نادان ۽ نافرمان هئا ته ڪيترائي مشرڪ ۽ ڪافر هئا ته وري ڪيترائي جاهل ۽ صفا ڏڏ هئا. انهن ئي ماڻھن ۾ الله پاڪ جي طرفان هدايت جو سرچشمو بڻجي ڌرتيءَ جي اَسُونهن ماڻھن جي هدايت لاءِ سوا لک نبي سڳورا به آيا.
Read More