If Shaikh Hasina Wajid

بلاگنئون

جيڪڏهن حسينه واجد ملڪ واپس وري ته…

بنگلاديش ۾ هاڻوڪين شاگرد تحريڪن باھ ٻاري ڏني ۽ شيخ حسينه واجد کي ان ڳالھ تي مجبور ڪيائون ته يا حڪومت ڇڏي يا ملڪ ڇڏي، پر ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته هوءَ ملڪ ۾ رهي سختين کي منهن ڏئي ها، ان ڪري ته هوءَ ڪرپٽ ناهي، جنهن ڳالھ جو يقين سڀني کي آهي ته پوءِ شيخ حسينه واجد ڪنهن کان ڊڄي ملڪ ڇڏي هلي وئي؟ هن پنهنجي دور ۾ معنيٰ 2009 کان وٺي پنهنجن مخالفن کي چيڀاٽيو، روڊن تي گهليو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهيون ڏياريون ۽ شيخ مجيب جي قاتلن کي به ڳولهي لڌو ۽ اهي به ڦاهي چاڙهيا ويا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هوءَ انهن سڀني ڳالهين ۾ صحيح هئي ته هن کي ڪهڙي خوف ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؟ ان ڳالھ ۾ ڪجھ پاڪستاني اڳواڻن کي شاباس ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه جهڪيا نه وڪيا ۽ انهن جيلن ۾ سختيون سٺيون پوءِ غلط يا صحيح. ان ۾ پهرين ڀٽي صاحب جو نالو کڻي سگهجي ٿو،

Read More